شورڪوٽ

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation ڳولا ڏانهن هلو
شورڪوٽ
شھر
بستي ستار آباد
Punjab Districts.png
پنجاب جو ضلعي نقشو جنھن ۾ جھنگ ضلعو وچ پنجاب ۾ ھلڪي ناسي رنگ ۾ ڏيکاريل
مڪانيت: 30°30′N 72°24′E / 30.50°N 72.4°E / 30.50; 72.4مڪانيت: 30°30′N 72°24′E / 30.50°N 72.4°E / 30.50; 72.4
ملڪ Flag of Pakistan.svg پاڪستان
صوبو پنجاب
ضلعو جھنگ ضلعو
تحصيل شورڪوٽ تحصيل
اوچائي 131 ميل (430 ft)
ٽائيم زون پاڪستان جو معياري وقت (UTC+5)
ويبسائيٽ Apna shorkot


شورڪوٽ(انگريزي: Shorkot) پاڪستان جي صوبي پنجاب جي ضلعي جھنگ جو ھڪ شھر ۽ ساڳي نالي سان تحصيل جو صدر مقام آهي، جنھن جي جاگرافيائي بيهڪ 30°30'N 72°24'E 131 ميٽرن جي الٽيٽيوڊ تي آهي. [1][2] ھي شھر صوفي بزرگن سلطان باهو ۽ سيد بھادر علي شاھ ,[3] شاھ محمود غازي عرف غازي پير، سيد محبوب عالم شاھ گيلاني جي مقبرن جي ڪري مشهور آهي. محبوب عالم جو مقبرو شھر جي وچ ۾ آهي. ھي بزرگ جھانگير بادشاھ جي دؤر ۾ ڄائو ۽ 1079 ھجري ۾ اورنگزيب عالمگير جي دؤر ۾ فوت ٿيو. ھڪ روايت مطابق اورنگزيب ساڻس شورڪوٽ ۾ ملاقات لاءِ آيو ۽ سندس مريد ٿي ويو ۽ سندس خاندان کي شورڪوٽ ٻاھران وسيع زمين عنايت ڪيائين. شاھ عالم II بعد ۾ ان جي قبر مٿان مقبرو تعمير ڪرايو جيڪو مغلن جي فن تعمير جو شاھڪار آھي ۽ اڃان تائين قائم آھي.[4]

حوالا[سنواريو]