سمندري

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
سمندري
سمندری
شھر
سمندري is located in Pakistan
سمندري
سمندري
پاڪستان ۾ مقام
جاگرافي بيهڪ: 31°03′45″N 72°57′15″E / 31.06250°N 72.95417°E / 31.06250; 72.95417مڪانيت: 31°03′45″N 72°57′15″E / 31.06250°N 72.95417°E / 31.06250; 72.95417
ملڪ پاڪستان
صوبو پنجاب
ضلعو فيصل آباد ضلعو
تحصيل سمندري


سمندري : (انگريزي: Samundri) پاڪستان جي صوبي پنجاب جي ضلعي فيصل آباد جو ھڪ شھر ۽ سمندري تحصيل جو صدر مقام آهي ۽ فيصل آباد کان 45 ڪلوميٽرن جي فاصلي تي سمنڊ جي سطح کان 168 ميٽرن جي بلندي تي واقع آھي. گوجرا ان کان 30 ڪلوميٽر ۽ تاندليانوالا 15 ڪلوميٽر پري آهي.[1] ھن شھر جو بنياد 1887 ۾ چڪ نمبر 533 جي بي جي نالي سان پيو. بعد ۾ اتي ٽن مندرن جي ڪري ان جو نالو سھ مندري پئجي ويو. سھ جي فارسي ٻولي ۾ معنيَ آھي ٽي ۽ مندر سنسڪرت ٻولي جو لفظ آهي. ھتي ڪافي سک ۽ ھندو آبادي رھندڙ ھئي جيڪا 1947 جي ورھاڱي جي ڪري لڏي وئي. سھ مندري نالو اڳتي ھلي سمندري ٿي ويو.[2] ھن شھر جو پوسٽل ڪوڊ 37300 آهي. ھن شھر جي آبادي پنجابي ٻولي ڳالهائيندڙ آهي ۽ اردو پڻ ڳالھائي وڃي ٿي. ڪپور خاندان جو باني اداڪار ۽ راج ڪپور جو پيءُ پرٿوي راج ھن شھر سان تعلق رکندڙ ھيو.

حوالا[سنواريو]

  1. Towns & Unions in the City District of Faisalabad - Government of Pakistan آرڪائيو ڪيا ويا 2012-03-26 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين.
  2. Dube, I. &. S. (2009). From ancient to modern: Religion, power, and community in India hardcover. Oxford University Press.