مواد ڏانھن هلو

فزڪس ۾ نوبل انعام

هي هڪ بهترين مضمون آهي. وڌيڪ تفصيل لاءِ ٺِڙڪ (ڪلڪ) ڪيو.
کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

فزڪس ۾ نوبل انعام
A golden medallion with an embossed image of a bearded man facing left in profile. To the left of the man is the text "ALFR•" then "NOBEL", and on the right, the text (smaller) "NAT•" then "MDCCCXXXIII" above, followed by (smaller) "OB•" then "MDCCCXCVI" below.
مقاماسٽاڪ هوم، سويڊن
ملڪسويڊن
ڏيڻ وارورائل سويڊش اڪيڊمي آف سائنسز
اعزازیہهڪ ڪروڙ ڏهه لک سويڊش ڪرونا (2023)[1]
شروعات1901ع
هن سال ڏنو ويو2023ع
زیادہ مرتبہ اعزاز یافتہجوهن بارڊين (ٻه بار)
ويبسائيٽnobelprize.org
ولهيلم روئنٽجن (1845ع - 1923ع)، فزڪس ۾ نوبل انعام جو پهريون وصول ڪندڙ

فزڪس ۾ نوبل انعام (سويڊش: Nobelpriset i fysik) هڪ ساليانو انعام آهي جيڪو رائل سويڊش اڪيڊمي آف سائنسز پاران، انهن ماڻهن لاءِ جن فزڪس جي شعبي ۾ انسانيت لاءِ تمام گهڻيون خدمتون سرانجام ڏنيون آهن، ڏنو ويندو آهي. اهو سال 1895ع ۾ الفريڊ نوبل جي وصيت سان قائم ڪيل پنجن نوبل انعامن مان هڪ آهي ۽ سال 1901ع کان نوازيو ويندو آهي، ٻيا انعام ڪيميا، ادب، امن ۽ فزيالوجي يا طب ۾ آهن. فزڪس ۾ نوبل انعام، روايتي طور تي نوبل انعام جي تقريب ۾ پيش ڪيل پهريون انعام هوندو آهي.

انعام هڪ تمغي سان گڏ هڪ ڊپلوما ۽ مالياتي انعام لاء هڪ سرٽيفڪيٽ تي مشتمل آهي. ميڊل جي سامهون واري پاسي الفريڊ نوبل جي ساڳي تصوير ڏيکاري وئي آهي جيڪا طب، ڪيمسٽري ۽ ادب جي ميڊلن تي ڏيکاريل آهي.

فزڪس ۾ پهريون نوبل انعام جرمن طبيعيات دان، ولهيلم روئنٽجن کي، ان جي غير معمولي خدمتن جي اعتراف ۾ ڏنو ويو (هن ايڪس ريز جي دريافت ڪئي). هي انعام نوبل فائونڊيشن پاران منظم ڪيو ويندو آهي ۽ وڏي پيماني تي سڀ کان وڌيڪ معزز انعام طور سمجهيو ويندو آهي جيڪو هڪ سائنسدان، فزڪس ۾ حاصل ڪري سگهي ٿو. اهو 10 ڊسمبر، نوبل جي ورسي، تي اسٽاڪ هوم، سويڊن ۾ هڪ سالياني تقريب ۾ پيش ڪيو ويندو آهي. سال 2023ع تائين، مجموعي طور تي 224 ماڻهن کي هي انعام ڏنو ويو آهي.[2]

خارجي لنڪس

[سنواريو]

حوالا

[سنواريو]
  1. "The Nobel Prize amounts". The Nobel Prize. محفوظ ڪيل مان اصل نسخي کان 20 July 2018 تي محفوظ ڪيل. 29 September 2023 تي حاصل ڪيل.
  2. "All Nobel Prizes in Physics". The Nobel Foundation. محفوظ ڪيل مان اصل نسخي کان 25 July 2018 تي محفوظ ڪيل. 3 October 2023 تي حاصل ڪيل.