مواد ڏانھن هلو

فتح اللّٰه صديقي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
فتح اللّٰه صديقي
اصلي نالو
مخدوم فتح اللّٰه صديقي
ڄمڻ1943ع
سيوھڻ, ڄامشورو, سنڌ, پاڪستان
پيشوليکڪ
قوميتپاڪستاني

مخدوم فتح اللّٰه صديقي ولد ضياءِ الدين صديقي جو جنم قاضي محلا سيوهڻ شريف 1943ع ۾ ٿيو.سندس تعليم ايم اي سنڌي ادب ۾ آهي.مخدوم فتح الله صديقي سنڌي ٻولي ۾ سڀ کان پهرين سنڌي انسائڪلو پيڊيا لکي آهي. سندس ڪتاب جو پهريون جلد الف ۽ ب تي مشتمل آهي. لڳ ڀڳ 1200 پيجن تي ڪتاب آهي. پاڻ سنڌي ٻولي جو ڄاڻو آهي.

اڳتي هلي سيوهڻ ۾ پنهنجو اشاعتي ادارو شهباز اڪيڊمي جي نالي سان قائم ڪيائين. بعد ۾ سنڌي ڪتابي سلسلو گلشن سريز جي نالي سان پڻ جاري ڪيائين. 1973ع تي پاڻ ليڪچرر مقرر ٿيو.

لکڻ جي شروعات

[سنواريو]

سال 1966ع ۾ ٻارڙن لاءِ پهرين اخبار “ٻارن جو خبر نامو” جاري ڪيائين. 1969ع ۾ عالمي معلومات ڀاڱو پهريون ۽ 1970ع ۾ ساڳئي ڪتاب جو ڀاڱو ٻيو شايع ڪرايائين.

ڇپيل ۽ اڻ ڇپيل ڪتاب

[سنواريو]
  • ايفل ٽاور جي چوري[1]
  • عالمي معلومات
  • سنڌي انسائيڪلو پيڊيا جلد (1) (ڇپيل 2005ع)
  • سنڌي انسائيڪلو پيڊيا جلد (2) (اڻ ڇپيل)
  • وسري ويل لفظ (اڻ ڇپيل لغت)

حوالا

[سنواريو]
  1. "پروفيسر فتح الله صديقي (والدت 1943ع) - سيوهڻ جون ادبي شخصيتون (تحقيق) (مير حاجن مير)". SindhSalamat Kitab Ghar. Retrieved 2021-08-03.