فتح اللّٰه صديقي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
فتح اللّٰه صديقي
مقامي ٻوليء ۾ نالو مخدوم فتح اللّٰه صديقي
پيدائش 1943ع
سيوھڻ, ڄامشورو, سنڌ, پاڪستان
ڌنڌو ليکڪ
قوميت پاڪستاني

مخدوم فتح اللّٰه صديقي ولد ضياءِ الدين صديقي جو جنم قاضي محلا سيوهڻ شريف 1943ع ۾ ٿيو.سندس تعليم ايم اي سنڌي ادب ۾ آهي.مخدوم فتح الله صديقي سنڌي ٻولي ۾ سڀ کان پهرين سنڌي انسائڪلو پيڊيا لکي آهي. سندس ڪتاب جو پهريون جلد الف ۽ ب تي مشتمل آهي. لڳ ڀڳ 1200 پيجن تي ڪتاب آهي. پاڻ سنڌي ٻولي جو ڄاڻو آهي.

اڳتي هلي سيوهڻ ۾ پنهنجو اشاعتي ادارو شهباز اڪيڊمي جي نالي سان قائم ڪيائين. بعد ۾ سنڌي ڪتابي سلسلو گلشن سريز جي نالي سان پڻ جاري ڪيائين. 1973ع تي پاڻ ليڪچرر مقرر ٿيو.

لکڻ جي شروعات[سنواريو]

سال 1966ع ۾ ٻارڙن لاءِ پهرين اخبار “ٻارن جو خبر نامو” جاري ڪيائين. 1969ع ۾ عالمي معلومات ڀاڱو پهريون ۽ 1970ع ۾ ساڳئي ڪتاب جو ڀاڱو ٻيو شايع ڪرايائين.

ڇپيل ۽ اڻ ڇپيل ڪتاب[سنواريو]

  • ايفل ٽاور جي چوري[1]
  • عالمي معلومات
  • سنڌي انسائيڪلو پيڊيا جلد (1) (ڇپيل 2005ع)
  • سنڌي انسائيڪلو پيڊيا جلد (2) (اڻ ڇپيل)
  • وسري ويل لفظ (اڻ ڇپيل لغت)

حوالا[سنواريو]

  1. "پروفيسر فتح الله صديقي (والدت 1943ع) - سيوهڻ جون ادبي شخصيتون (تحقيق) (مير حاجن مير)". SindhSalamat Kitab Ghar (ٻولي ۾ Sindhi). حاصل ڪيل 2021-08-03.