غربت

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

غربت مان مراد ڪنھن ماڻهو وٽ زندگي گذارڻ لاءِ موجود وسيلن جي کوٽ کي چيو وڃي ٿو. ان ۾ اٽو يعني کاڌو خوراڪ، لٽو يعني لڱ ڍڪڻ ۽ موسم جي اثرن کان محفوظ رھڻ لاءِ ضروري ڪپڙا، ۽ اجهو يعني رھڻ ۽ آرام ڪرڻ لاءِ مناسب جڳھ ۽ ڍڪيل ڪمرا اچي وڃن ٿا. غربت جا ڪيترائي سبب ٿي سگهن ٿا، جھڙوڪ معاشي ذريعا نہ ھجڻ، تعليم نہ ھجڻ، امن امان نہ ھجڻ، يا ذاتي غلط فعل جن ذريعي ڪمائڻ جا ذريعا وڃائجي وڃن يا مال دولت ضايع ٿي وڃي. غربت ڪيترين ئي سماجي براين کي بہ جنم ڏي ٿي جن ۾ ڦر لٽ، چوري، دھشتگردي، اغواڪاري، وغيرہ اچي وڃن ٿا.

پاڪستان ۾ غربت جي شرح