چور

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation Jump to search

چَور، چوري ڪندڙ ماڻهوءَ کي چئبو آهي. چور ٻين جو مال متاع، سامان کاٽ هڻي يا ٻئي ڪنهن طريقي سان چوري ڪندو آهي. رگ ويد واري زماني ۾ چور ۽ رهزن به هوندا هئا. ”چور“ لاءِ ”تسڪر“ لفظ گهڻا گهمرا ڪم آيل آهي. ٻيو لفظ ”ستين“ (Stena) آهي، جنهن جي معنيٰ ڦورو يا لوٽو به آهي. ٻيا هڪڙا چور هوندا هئا. جي ”تايؤ“ سڏيا ويا آهي. انهن کي نڪي رواجي تسڪرن (چورن) جهڙي همت ٿيندي هئي، نڪي چوري سندن پيشو هوندو هو. ڀانئجي ٿو ته جڏهن روزگار جي تنگي هوندي هين، يا قرض ۾ ٻڏل هوندا هئا، تڏهن تاڻجي يا ڇڪجي چوريون ڪندا هئا. اهي رات جي وڳڙي ۾ گايون ۽ ڪپڙا چورائڻ ويندا هئا (منڊل ڇهون، 12، 59. چوپائي مال جي چوري عام هوندي هئي. چور گايون چورائي، گاين سميت اونداهين غارن ۾ وڃي لڪندا هئا (رگ ويد، منڊل پهريون، 65، 1). ڪي پروان گهرن کي کات هڻڻ ويندا هئا، پر ڪتا ڀڄائي ڪڍندا هئن (منڊل ستون، 53، 3). ڪي رهزن به هوندا هئا، جي جهنگلن ۾ لڪي بيهندا هئا، ۽ رهگذرن کي رسن سان ٻڌي کين ڦريندا هئا (مندل ڏهون، 4، 6). وقتي گهڻا ڌاڙيل پاڻ ۾ گڏجي ڪنهن ڳوٺ ۾ ڪاهي پوندا هئا، ۽ چوپايو مال ڪاهي ويندا هئا. اوڏيءَ مهل ڳوٺ ۾ رڙ پئجي ويندي هئي (رگ ويد، منڊل چوٿون، 38، 5). سڀ ڳوٺاڻا مڙسي ڪري ڌاڙيلن جي پڍيان پوندا هئا. ڪي ”پڳي“” يا پيري به هوندا هئا، جي چورن ۽ چوري ٿيل مال جو پيرو کڻي چورن کي پڪڙي ايندا هئا..[1]ڪو چور جهلبو هو ته کيس رسن ۽ زنجيرن سان ٻڌندا هئا ويدڪ انڊيڪس، 1، 3044، پڻ ڏسو رگ ويد، منڊل پهريون، 24، 13، ستون 86م 5). اٿرو ويد جي منڊل ستين (70، 5) ۾ ڄاڻايل آهي ته چور جون ٻئي ٻانهون پٺيءَ ڏانهن ڪري ٻڌندا هئا، ۽ ٻوٽ کي به پٽي ٻڌندا هئس، ۽ پوءِ اهڙي مار ڪڍندا هئس جو زنا خون به ڪڍي ڇڏيندا هئس (اٿروويد، منڊل چوٿون، 3). شروع ۾ دستور هيءُ هوندو هو ته جنهن ماڻهوءَ جي چوري ٿيندي هئي، سو جيڪا جٺ چوندو، سا چور سان ڪندا هئا. شايد مراد هيءَ هوندي هئي ته جنهن جي چوري، سا چور سان ڪندا هئا. شايد مراد هيءَ هوندي هئي ته جنهن جي چوري ٿي هجي، سو ڀلي ته پنهنجي دل وٽان چور کي سيکت ڏياري پنهنجي دل ٺاري، ته پوءِ دل ۾ ڪو سار وير نه رهيس.پوءِ جڏهن راجائون مقرر ٿيا، تڏهن چور کي راجا جي اڳيان کڙو ڪندا هئا. راجائون اڪثر چورن جي پٺيءَ تي ڏنڀ ڏياريندا هئا (منڊل پنجون، 79، 9، ۽ ڇاندوگيه اُپنشد، 6، 16). چوري ٿيل مال جيڪڏهن هٿ ايندو هو ته مالڪ کي ڏياريندا هئا.[2]

لفظ[سنواريو]

چور لفظ استعمال ڪڏهن کان ٿيو، ان جو اندازو نه آهي، پر موهن جي دڙي جي هڪ مهر جي مختلف عالمن ’چور‘ پڙهڻي ڪئي آهي، ان مان ثابت آهي ته هي لفظ هزارين سال اڳ به ساڳي معنيٰ ۾ سنڌي زبان ۾ مروج هو.[3]

حوالا[سنواريو]

  1. {ڪتاب: قديم سنڌ ؛ از: ڀيرومل مهرچند آڏواڻي ؛ چوٿون ايڊيشن 2004، پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو http://www.sindhiadabiboard.org/catalogue/History/Book46/Book_page30.html#_ftnref1.  Missing or empty |title= (help)سانچو:"in one passage of the Reg V eda there is a probably reference to the employment of trained men to recover stolen cattle." Cambridge History of India, Vol. I, page 97.}
  2. {ڪتاب: قديم سنڌ ؛ از: ڀيرومل مهرچند آڏواڻي ؛ چوٿون ايڊيشن 2004، پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو http://www.sindhiadabiboard.org/catalogue/History/Book46/Book_page30.html#_ftnref1.  Missing or empty |title= (help)
  3. ڪتاب: انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، جلد چوٿون، ڇپيندڙ: سنڌي لئنگئيج اٿارٽي (ISBN: 978-969-9098-80-2) سال: 2012