مواد ڏانھن هلو

عيادت

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

عيادت يا طبع پرسي مريض کان پڇڻ لاء وڃڻ ۽ ان جو حال معلوم ڪرڻ کي چئبو آهي. اسلام ۾ حنفي فقہ مطابق مريض جي عيادت ڪرڻ ھڪ مستحب عمل آهي.[1]. جنھن مريض جو ڪو رشتيدار نہ ھجي جيڪو ان جي سار سنڀال لھي سگهي تہ اھڙي مريض جي خدمت مسلمانن تي فرض ڪفايہ آھي. محمد جن عيادت جو وڏو خيال رکندا ھئا ۽ غير مسلمانن جي عيادت لاء پڻ ويندا ھئا[1] ھڪ حديث ۾ رسول جن عيادت جي فضيلت ھيٺين طرح ٻڌائي:

قيامت جي ڏينھن خدا فرمائيندو: "اي آدم جا پٽ! آء بيمار ٿيس ته تون مون کان پڇڻ نہ آئين؟"
ٻانھو عرض ڪندو: "پروردگار! تون سڄي ڪائنات جو رب، ڀلا آء توکان ڪيئن پڇڻ اچان ھا."
خدا فرمائيندو: "منھنجو فلاڻو ٻانھو بيمار پيو ھو تون ان جي طبع پرسي لاءِ نہ وئين، جيڪڏهن تون ان کان پڇڻ وڃين ھا تہ تون مون کي اتي موجود ڏسين ھا"

بخاري- مسلم

حضرت عبدالله بن عباس مطابق: " بيمار وٽ گهڻي دير تائين نہ ويھڻ ۽ گوڙ نہ ڪرڻ سنت آهي."

حوالا

[سنواريو]
  1. 1 2 ڪتاب: آسان فقہ، از: مولانا محمد يوسف اصلاحي، مترجم: محمد عاشق ڌامراھا، مھراڻ اڪيڊمي، شڪارپور، جنوري 2002 - صہ 283