عيادت

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

عيادت يا طبع پرسي مريض کان پڇڻ لاء وڃڻ ۽ ان جو حال معلوم ڪرڻ کي چئبو آهي. اسلام ۾ حنفي فقہ مطابق مريض جي عيادت ڪرڻ ھڪ مستحب عمل آهي.[1]. جنھن مريض جو ڪو رشتيدار نہ ھجي جيڪو ان جي سار سنڀال لھي سگهي تہ اھڙي مريض جي خدمت مسلمانن تي فرض ڪفايہ آھي. محمد ﷺ جن عيادت جو وڏو خيال رکندا ھئا ۽ غير مسلمانن جي عيادت لاء پڻ ويندا ھئا[1] ھڪ حديث ۾ رسول ﷺ جن عيادت جي فضيلت ھيٺين طرح ٻڌائي:

قيامت جي ڏينھن خدا فرمائيندو: "اي آدم جا پٽ! آء بيمار ٿيس ته تون مون کان پڇڻ نہ آئين؟"
ٻانھو عرض ڪندو: "پروردگار! تون سڄي ڪائنات جو رب، ڀلا آء توکان ڪيئن پڇڻ اچان ھا."
خدا فرمائيندو: "منھنجو فلاڻو ٻانھو بيمار پيو ھو تون ان جي طبع پرسي لاءِ نہ وئين، جيڪڏهن تون ان کان پڇڻ وڃين ھا تہ تون مون کي اتي موجود ڏسين ھا"

— بخاري- مسلم

حضرت عبدالله بن عباس مطابق: " بيمار وٽ گهڻي دير تائين نہ ويھڻ ۽ گوڙ نہ ڪرڻ سنت آهي."

حوالا[سنواريو]

  1. 1.0 1.1 ڪتاب: آسان فقہ، از: مولانا محمد يوسف اصلاحي، مترجم: محمد عاشق ڌامراھا، مھراڻ اڪيڊمي، شڪارپور، جنوري 2002 - صہ 283