عنايت اللّٰه ڀٽو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
عنايت اللّٰه ڀٽو
مقامي ٻوليء ۾ نالو عنايت اللّٰه ڀٽو
پيدائش 1 جنوري 1942ع
سيوھڻ, ڄامشورو, سنڌ, پاڪستان
ڌنڌو ليکڪ
قوميت پاڪستاني

عنايت اللّٰه ڀٽو[1] ولد اميد علي خان ڀٽو 1 جنوري 1942ع تي ڀٽا محلا سيوهڻ ۾ پيدا ٿيو. سندس تعليم ايم. اي ۽ زولاجي، ايل ايل بي اٿس. 1964ع ۾ ليڪچرر زولاجي گورنمينٽ ممتاز ڪاليج خيرپور، ان بعد لوڪل گورنمينٽ ۾ ڊائريڪٽر ٿي رهيو.وفات 2فيبروري 2022

لکڻ جي شروعات[سنواريو]

لکڻ جي شروعات 1960ع کان ڪيائين. ڇپيل ڪتاب: “درٻار قلندر” (سنڌي 1974ع)، “ديار قلندر” (اردو 1976ع)، دي ٽيڪسٽ بوڪ آف زولاجي (انگريزي 1977ع)، “جهونگار” 1981ع، “ڇلڪندڙ ادائون” (ڪهاڻيون 1983ع)، “شان قلندر” 2013ع ۾ لکيائين.

حوالا[سنواريو]

  1. "عنايت الله ڀٽو (ولادت 1942ع) - سيوهڻ جون ادبي شخصيتون (تحقيق) (مير حاجن مير)". SindhSalamat Kitab Ghar (ٻولي ۾ Sindhi). حاصل ڪيل 2021-08-02.