مواد ڏانھن هلو

علي نواز آريسر

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

علي نواز آريسر، 30 مارچ 1982ع تي ضلعي عمرڪوٽ جي ڳوٺ وائوڙي/انڙآباد سان تعلق رکندڙ محمدقاسم آريسر جي گھر ۾ جنم ورتو. ننڍي عُمر ۾ 15 کان مٿي ڪتاب لکندڙ علي نواز آريسر جيئي سنڌ قومي محاذ جي باني عبدالواحد آريسر جو ويجهو مائٽ آهي. علي نواز سنڌي ادب ۾ ايم.اي. ڪئي آهي ۽ ايم.فِل ريسرچ ورڪ هلندڙ آهي. پاڻ هن وقت سنڌي ٻوليءَ جي با اختيار اداري ۾ ”پروگرام اسسٽنٽ“ طور پنهنجون خدمتون سرانجام ڏئي رهيو آهي.

تعليم

[سنواريو]

علي نواز آريسر پرائمري تعليم گورنمنٽ پرائمري اسڪول محمد قاسم آريسر مان 1992ع ۾ حاصل ڪئي، مئٽرڪ هائير سيڪنڊري اسڪول ڇور مان 1998ع ۾ ۽ انٽرميڊيئٽ هائير سيڪنڊري اسڪول ڇور مان 2001ع ۾ حاصل ڪرڻ کانپوءِ بي. اي (پرائيويٽ) ڊگري ڪاليج عمرڪوٽ مان 2003ع ۾ ۽ سنڌيونيورسٽيءَ مان سال 2010ع ۾ سنڌي ادب ۾ ماسٽرس ڪيائين، هن وقت سنڌ يونيورسٽيءَ مان ايم.فِل سنڌي ادب ۾ ڪري رهيو آهي، سندس تحقيقي مقالي جو عنوان ”سنڌي سفرنامي جو تنقيدي ۽ تحقيقي جائزو“ آهي.

ادارن جو ميمبر

[سنواريو]

نئين ٽهيءَ جي نوجوان اديب ۽ نقاد علي نواز آريسر سماجي توڙي ادبي تنظيمن ۾ به پنهنجون سرگرميون جاري رکيون آهن، جن ۾ ڪنوينر - سنجها پبليڪيشن قاسم آباد، ميمبر، ڀٽائي ادبي فورم ڇور، ايڊيٽوريل بورڊ ميمبر، ماهوار ’ڪينجهر‘ حيدرآباد، سلسليوار ’فرينڊس‘ مئگزين حيدرآباد ۽ سلسليوار ’سامروٽي‘ مئگزين ٿرپارڪر شامل آهن. ان کانسواءِ هي صحافت سان به سلهاڙيل رهيو آهي ۽ ’سافڪو‘ اين جي او ۾ به ڪم ڪري چُڪو آهي. ٻارن جي حقن لاءِ جاکوڙيندڙ اداري ’ساحل‘ نيوز ليٽر اسلام آباد پاران عمرڪوٽ جو خصوصي ميمبر پڻ رهي چڪو آهي.

ادب ۾

[سنواريو]

علي نواز آريسر ننڍي عُمر ۾ 16 ڪتاب لکيا ۽ ترتيب ڏنا آهن، سندس ڇپيل ڪتابن ۾ :

ڪتاب جو نالوصنفسالادارو
زندگي آزادي ۽ محبت(عبدالواحد آريسر جون لکڻيون: ترتيب)2009عسنجها پبليڪيشن، قاسم آباد
مانجهي مڻيادارسوانح2011عسنجها پبليڪيشن، قاسم آباد
قومي تحريڪ جا شهيد[1]خاڪا2014عسنڌي ساهت گهر، حيدرآباد
جي مون سانڍيا ساهه ۾[2]خاڪا2014عسنڌي ساهت گهر، حيدرآباد
بهار آندا پُٽن جا لاشاڀريا سانحو: ترتيب2014عسنڌي ساهت گهر، حيدرآباد
چڱو ڀٽائي آءٌ هلان ٿوصادق فقير بابت: زاهد اوٺي سان گڏ ترتيب2015عسنجها پبليڪيشن، قاسم آباد
سنڌي ادب ۾ عورتن جو حصوادبي تاريخ2016عسنڌي ساهت گهر، حيدرآباد
عشق ۽ محبت جو سفير: سرور سهتوترتيب2016عايلسا پبليڪيشن، حيدرآباد
سنڌ هِتي سنڌ هُتي[3]ادبي تاريخ2017عانڊيا پريس اُلهاسنگر
ويو وڻجارو اوهري: چاچا قاسم سومروترتيب2018عچاچا قاسم سومرو يادگار، ڪميٽي


جڏهن ته علي نواز آريسر جي اڻ_ڇپيل ڪتابن ۾ هيٺيان ڪتاب شامل آهن:

  • ٻوليءَ جو بچاءُ ۽ ان جو درست استعمال (سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ پاران منظور ٿيل)
  • سنڌي ٻولي ۽ لاڙي لهجو (سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ پاران منظور ٿيل)
  • سنڌ جي ملهه پهلوان جي تاريخ (احسان لغاري سان گڏ ترتيب) اينٽيڪُئيٽيز ڊپارٽمنٽ پاران منظور ٿيل
  • سون ورني سنڌڙي (ناول)
  • سنڌي ادب ۾ عورتن جو حصو (ڀاڱو ٻيو)

ان کانسواءِ علي نواز آريسر جا مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ مقالا ۽ مضمون ڇپيل آهن. علي نواز آريسر حيدرآباد ۾ رهي ٿو.

خارجي ڳنڍڻا

[سنواريو]

علي نواز آريسر جا سنڌسلامت ڪتاب گھر تي ٻيا ڪتاب آرڪائيو ڪيا ويا 2018-08-31 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين.


حوالا

[سنواريو]
  1. قومي تحريڪ جا شهيد (علي نواز آريسر) | سنڌ سلامت ڪتاب گهر, اصل کان 12 سيپٽمبر 2017 تي آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 10 مارچ 2018۔ اڻڄاتل پيراميٽر |dead-url= نظر انداز ڪيو ويو (مدد)
  2. جي مون سانڍيا ساهه ۾ (علي نواز آريسر) | سنڌ سلامت ڪتاب گهر, اصل کان 12 سيپٽمبر 2017 تي آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 10 مارچ 2018۔ اڻڄاتل پيراميٽر |dead-url= نظر انداز ڪيو ويو (مدد)
  3. سنڌ هِتي، سنڌ هُتي (علي نواز آريسر) | سنڌ سلامت ڪتاب گهر[مئل ڳنڍڻو]