عبدالله بن عبدالعزيز

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
شاهه عبد الله بن عبد العزيز

شاهه عبدالله (پورو نالو مع عربي لقب: صاحب السموء الملڪ و خادم الحرمين شريف الملڪ عبدالله بن عبدالعزيز آل سعود)، سعودي عرب جو ڇهون بادشاهه هيو، 1 آگسٽ 1924 تي پيدا ٿيو ۽ 23 جنوري 2015 تي وفات پاتئون۔شاهه فهد جي وفات کان پوء پاڻ شاهي تخت تي پھرين آگسٽ 2005 تي ويٺا۔فورب ميگزين جي مطابق پاڻ دنيا جو اٺون طاقتور ترين انسان هيو۔

تعارف[سنواريو]

شاهه عبدالله بن عبدالعزيز بن عبدالرحمن بن فيصل بن ترڪي بن عبدالله بن محمد بن سعود، خادم الحرمين الشريفين ،پهرين آگسٽ 1924ء تي پيدا ٿيا۔پهرين آگسٽ 2005ء تي انهن پنهنجي رضاعي ڀاءُ شاهه فهد جي وفات کان پوء تخت کي ڪاميابي سان سنڀاليو. 23 جنوري سن 2015 تي خميس ۽ جمعي جي وچ واري رات مقامي وقت جي مطابق هڪ بجي 91 سال جي عمر ۾ انتقال ڪري ويو- هڪ وڏي عرصي سان شاهه عبدالله جي منظر عام تي نه اچڻ تي سوشل ميڊيا تي گذريل سال کان ان جي طبيعت انتهائي ناساز هئڻ جون افواهون گردش ڪرڻ لڳيون هيون۔ چيلهه ۾ تڪليف جي ڪري ان جون ٻه آپريشن ٿي چڪيون هيون، جن ۾ 13 ڪلاڪن جي هڪ طويل آپريشن به شامل آهي۔ 2010 ۾ هو ٽي مهينن تائين آمريڪا ۾ به زير علاج رهيو هئو۔۔

شروعاتي زندگي[سنواريو]

شاهه عبدالله بن عبد العزيز السعود ابن سعود جي اٺين زال فهده بنت عاصي الشريم جي بطن مان رياض ۾ پيدا ٿيو ۔ ان جي والدهه جو تعلق سعودي عرب جي قبيلي شمر سان هو۔ انهن ان کان پهريان انهن ڏهين راشدي امير سعود سان شادي هئي جنهن کي 1920ء ۾ قتل ڪيو ويو هيو.

دولت[سنواريو]

شاهه عبدالله جو شمار دنيا جي امير ترين شخصن ۾ ٿيندو آهي۔ ان جي دولت جو اندازو 21 ارب آمريڪي ڊالر تائين آهي۔[1]

وفات[سنواريو]

سعودي عرب جي حاڪمن جي مطابق ملڪ جي بادشاهه عبدالله بن عبدالعزيز 91 سالن جي عمر ۾ انتقال ڪري ويو۔

جانشين[سنواريو]

شاهه عبدالله جي جڳهه ان جي 79 سالن جي ڀاءُ شاهه سلمان بن عبدالعزيز سعودي عرب جو نئون بادشاهه ٿيو آهي جنهن کي ٻه سال اڳ شهزادي نائف بن عبدالعزيز جي وفات کان پوء ولي عهد جو منصب عطا ڪيو ويو هيو۔ [2]

خارجي ڳنڍڻا[سنواريو]