عبدالرحيم ناگوري

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

عبدالرحيم ناگوري
معلومات شخصيت
تاريخ ڄم سال 1939  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو تاريخ ڄم (P569) وڪي ڊيٽا تي
تاريخ موت 14 جنوري 2011 (71–72 سال)  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو تاريخ موت (P570) وڪي ڊيٽا تي
عملي زندگي
آجر سنڌ يونيورسٽي  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو employer (P108) وڪي ڊيٽا تي
اعزازات

اي. آر. ناگوري (عبدالرحيم ناگوري) 1938ع ۾ جهونا ڳڙهه ۾ جنم وٺندڙ واحد چترڪار آهي، جنهن سنڌ جي ٻرندڙ مسئلن کي مصوريءَ جي جديد گهرجن مطابق دنيا آڏو آندو. هو پنجاب يونيورسٽيءَ جي فائن آرٽس ڊپارٽمينٽ مان ماسٽرس ڪرڻ بعد اُتي ئي ليڪچرار مقرر ٿيو ۽ ٻين ڪيترن ئي جڳهن تي آرٽ جو استاد رهڻ کان پوءِ هن 1970ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ جي ان وقت جي مثالي وائيس چانسلر غلام مصطفيَ شاهه جي زور ڀرڻ تي سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ فائن آرٽس شعبي جو بنياد وڌو. هو هن اداري جو سرگرم ۽ پهريون هيڊ آف ڊپارٽمينٽ هو ۽ هن جي ڪوشش سان علي نواز ڦلپوٽو ۽ مسرت مرزا کانپوءِ هن شعبي جا استاد مقرر ٿيو. اِهو ناگوري صاحب جو سنڌ جي آرٽ جي سکيا وٺندڙن لاءِ هڪ ناقابل فراموش ڪارنامو رهندو ته هن شعبي کي وڏي جاکوڙ ڪري جاري ڪرايو. هڪ اهڙي وقت ۾ جڏهن فن لاءِ سنڌ جي اُسرندڙ چترڪارن کي هن فن لاءِ هڪ اعليٰ درجي جي يونيورسٽي سطح جهڙي آرٽ جي اداري جي شديد ضرورت هئي.

هن وقت ناگوريءَ (Naagori) کي ملڪ جو سوشيو پوليٽيڪل آرٽسٽ مڃيو وڃي ٿو. گرنار جي پهاڙن تي هن جي ننڍپڻ جي پيرن جا نشان ڇڏيل آهن، جيڪا سر زمين صوفين بزرگن کان مشهور آهي. هن چترڪار پنهنجي شروعاتي دور جي منظر ڪشي، ڊيڪوريٽو، کليل، رنگن ذريعي سان سينگاريل چترڪاريءَ جي موضوعن کي 1983ع ۾ الوداع ڪري پنهنجي فن کي هڪ نئون موڙ ڏنو. جنهن ۾ عالمي دهشتگردي هن انهن جي غربت مٿان باهوڙ، نسل ڪشي، وحشياڻي روين ۽ ٻين بين الاقوامي داداگيرين خلاف پنهنجي برش وسيلي رنگن سان مزاحمتي تاريخ لکي آهي. سنڌ لاءِ هن جون ٺاهيل پئنٽنگس، علامتي طور وڏيرا شاهي، حڪومت جي قاري قانون، ظلم ۽ ڏاڍ خلاف آهن. هو امن لاءِ جاکوڙ ڪندي ميگهواڙن، ڀيلن، ٿر ۾ بک اڃ ۾ پاهه ٿيندڙ ماڻهن لاءِ ۽ سنڌ تي وقت جي سامراجي قوتن جي راتاهن خلاف پئٽنگس وسيلي اظهار ڪيو.[1]

حوالا[سنواريو]