مواد ڏانھن هلو

عباس ڪوريجو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
عباس ڪوريجو
ڏيھي ٻوليءَ ۾ نالو غلام عباس
ڄم غلام عباس
16 سيپٽمبر 1983(1983-09-16)
ڳوٺ ڪوريجا، قمبر، سنڌ
قلمي نالو "عباس ڪوريجو"
ڌنڌو ڪھاڻيڪار، محقق، نقاد، ويب ڊولپر
قوميت سنڌي
شهريت پاڪستاني
تعليم سنڌي ادب ۾ ماسٽرس ڊگري، ڪمپيوٽر سائنس ۾ ماسٽرس
مادرِ علمي سنڌ يونيورسٽي
صنف نثر، ڪھاڻي
مُکيه ڪم جديد ڪھاڻي (فن ۽ موضوع) ڪتاب
ايوارڊ سنڌي لئنگويج اٿارٽيءَ پاران ادبي ايوارڊ ۽ ٻيا
ويبسائيٽ
http://www.abbaskorejo.com/

عباس ڪوريجو سنڌي ٻوليءَ جو ڪھاڻيڪار ۽ محقق[1]، قمبر تعلقي جي ڳوٺ ڪوريجا (محمد بخش ڪوريجو) ۾ زميندار حاڪم علي ڪوريجي جي گهر ۾ 16 سيپٽمبر 1983ع ۾ جنم ورتو.[2] پرائمري تعليم ڳوٺ جي اسڪول مان پِرائِي، ۽ سنڌ يونيورسٽيءَ مان سنڌي شعبي ۾ ماسٽرس ڪيائين.[3] ادبي کيتر ۾ عباس ڪوريجي 3 ڪھاڻين جا ڪتاب ۽ ھڪ تحقيق تي مشتمل ڪتاب لکيو.[4] پاڻ ھن وقت دُبئي ۾ ذاتي ڪاروبار ڪندو آھي. سنڌي ٻوليءَ جو ڪھاڻيڪار ۽ محقق[5].

ننڍپڻ ۽ تعليم

[سنواريو]

عباس ڪوريجو 16 سيپٽمبر 1983ع ۾ قمبر جي ڳوٺ ڪوريجا ۾ ڄائو۔ ابتدائي تعليم ڳوٺ جي پرائمري اسڪول مان پوءِ مئٽرڪ گورنمينٽ هاءِ اسڪول جيئڻ ابڙي مان پاس ڪئي، انٽرميڊيئيٽ شاهه لطيف ڪاليج قمبر مان ڪئي. پهرين ماسٽرس جي ڊگري ايڪنامڪس ۾ شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور مان ڪئي ۽ پوءِ سنڌ يونيورسٽيءَ مان سنڌي ادب ۾ فرسٽ ڪلاس فرسٽ پوزيشن سان ماسٽرس ڪئي.[6] اٺين درجي ۾ پھرين ڪھاڻي ”پاڇا“ لکيائين ۽ پوءِ مختلف رِسالن ۽ اخبارن ۾ سندس ڪھاڻيون پڻ ڇپيون.



ڇپيل ڪتابَ

[سنواريو]

عباس ڪوريجي جي سڃاڻپ ڪهاڻيڪار، محقق ۽ نقاد واري آهي.[7] ڪهاڻين جو پهريون مجموعو ”چنڊ پيرن هيٺ”[8] 2005ع ۾ ڇپيو، ٻيو گڏيل ڪهاڻي ڪتاب ”کيرٿر تان اڏار“ 2006ع ۾ ڇپيو ۽ سندس ڪهاڻين جو مجموعو ”پنهنجي ڌرتي”[9] 2014ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو۔ سال 2015ع ۾ سندس تحقيقي ڪتاب ”جديد ڪهاڻي: فن ۽ موضوع[10][11] ڇپجي پڌرو ٿيو. جنهن جو ٻيو ڇاپو سال 2020ع ۾ شايع ٿيو آهي.[12] عباس ڪوريجي جو مضمونن جو ڪِتاب ”ادب ۽انتهاپسندي“ پڻ سال 2022ع جي شروعات ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو جنھن جِي مھورتي تقريب 27 فيبروري 2022ع تي دُبئي ايڪسپو 2020 ۾ ٿِي گُذري۔

عباس ڪوريجي جو لکيل ”وڻ“ ناول 2022ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو، جنھن کي ادبي حلقي ۾ تمام گهڻي موٽ ملي.[13]

سنڌي ڪميپوٽنگ لاءِ خدمتون

[سنواريو]

سنڌي ڪمپيوٽنگ لاءِ عباس ڪوريجي جي ڪيل خدمتن ۾ سنڌي ٻوليءَ جا فونٽ، سنڌيءَ ۾ ادبي ويبسائٽون، سنڌي ادب جي ڊجيٽلائيزشن شامل آھن.[14][15][16]

مڃتا

[سنواريو]

ھُن کي مختلف وقتن تي ادبي ۽ سماجي تنظيمن طرفان ايوارڊس، شيلڊس ڏنيون ويون آھن جَن ۾ ھيٺيون سرِ فھرست آھن:

  • سنڌي ٻوليءَ جي بااختيار اداري پاران ”سال 2014ع جو بھترين ڪھاڻي ڪتاب“ ايوارڊ[17]
  • سنڌي ادبي سنگت طرفان سال 2006ع ۾ ”بھترين سيڪريٽري شاخ قمبر“ جو ايوارڊ
  • مرزا قليچ بيگ چيئر، سنڌ يونيورسٽي پاران ”نوجوانن سان مِلو“ جي سِري ھيٺ ايوارڊ
  • اسٽڊي سرڪل سنڌي شعبي پاران ”پھرين پوزيشن“ ايوارڊ
  • اين.ايس.ٽي پاران ”بھترين يونٽ منتظم“ ايوارڊ
  • سنڌ يونيورسٽيءَ پاران ’سنڌي ادب ۾ پھرين پوزيشن حاصل ڪرڻ تي‘ ”گولڊ ميڊل“ ۽ ”سلور ميڊل“[18]

حوالا

[سنواريو]
  1. "Abbas Korejo | University of Sindh, Pakistan - Academia.edu", usind.academia.edu, حاصل ڪيل 30 آڪٽوبر 2020۔ 
  2. "16 سيپٽمبر", www.drpathan.com, حاصل ڪيل 26 جنوري 2023۔ 
  3. "عباس ڪوريجو : (Sindhianaسنڌيانا)", www.encyclopediasindhiana.org (ٻولي ۾ سنڌي), حاصل ڪيل 26 جنوري 2023۔ 
  4. "جديد ڪهاڻي : (Sindhianaسنڌيانا)", www.encyclopediasindhiana.org (ٻولي ۾ سنڌي), حاصل ڪيل 26 جنوري 2023۔ 
  5. "Abbas Korejo | University of Sindh, Pakistan - Academia.edu", usind.academia.edu, حاصل ڪيل 30 آڪٽوبر 2020۔ 
  6. "Abbas Korejo | University of Sindh, Pakistan - Academia.edu", usind.academia.edu, حاصل ڪيل 26 جنوري 2023۔ 
  7. "فليش فڪشن ۾ ضميري پڇاڙين جو ڪارج | The role of Pronominal Suffix in the Flash fiction", journal.sindhila.org (ٻولي ۾ سنڌي), حاصل ڪيل 26 جنوري 2023۔ 
  8. "چنڊ پيرن هيٺ (عباس ڪوريجو) | سنڌ سلامت ڪتاب گهر", books.sindhsalamat.com (ٻولي ۾ انگريزي), حاصل ڪيل 30 آڪٽوبر 2020۔ 
  9. "پنهنجي ڌرتي (عباس ڪوريجو) | سنڌ سلامت ڪتاب گهر", books.sindhsalamat.com (ٻولي ۾ انگريزي), حاصل ڪيل 30 آڪٽوبر 2020۔ 
  10. "جديد ڪهاڻي : (Sindhianaسنڌيانا)", www.encyclopediasindhiana.org (ٻولي ۾ سنڌي), حاصل ڪيل 30 آڪٽوبر 2020۔ 
  11. "جديد ڪهاڻي: فن ۽ موضوع (عباس ڪوريجو) | سنڌ سلامت ڪتاب گهر", books.sindhsalamat.com (ٻولي ۾ انگريزي), حاصل ڪيل 30 آڪٽوبر 2020۔ 
  12. "دبئي ۾ عباس ڪوريجي جي ڪتاب جي مهورت", Awami Awaz (ٻولي ۾ اردو), 26 نومبر 2020, حاصل ڪيل 27 جنوري 2023۔ 
  13. "وڻ", Sindh Express (ٻولي ۾ en-US), 18 آڪٽوبر 2022, حاصل ڪيل 27 جنوري 2023۔ 
  14. korejo2013 (08 مئي 2013), "اچو ته سنڌي ڪمپيوٽنگ جا سهڪاري بڻجون!", عباس ڪوريجو جو سنڌي بلاگ, حاصل ڪيل 26 جنوري 2023۔ 
  15. Wassan, Muhammad Suleman (12 مارچ 2016), "سليمان وساڻ جو بلاگ: ڪمپيوٽر تي آيل سنڌي ٻولي وڌيڪ ترقي ڪيئن ڪري سگهي ٿي؟", سليمان وساڻ جو بلاگ, حاصل ڪيل 26 جنوري 2023۔ 
  16. "شبير ڪنڀار سنڌي ٻوليءَ کي عالمي مقام ڏياريندڙ سَٿَ جو سپاهي ۽ شهسوار", SindhSalamat, حاصل ڪيل 26 جنوري 2023۔ 
  17. "سنڌي ادب جي مختلف صنفن جي ڇپيل ڪتابن تي اوارڊ ڏيڻ جي تقريب | سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو", sl.sindhila.org (ٻولي ۾ سنڌي), حاصل ڪيل 27 جنوري 2023۔ 
  18. "Abbas Korejo", www.goodreads.com, حاصل ڪيل 31 جنوري 2023۔ 

ٻاهريان ڳنڍڻا

[سنواريو]