مواد ڏانھن هلو

شيطاني آيتون

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
دي سيتانڪ ورسز The Satanic Verses
پهرين ايڊيشن جو ڪوور پيج، وڪٽوريا ۽ البرٽ ميوزيم ۾ هڪ ڪليو البم تان ”رستم اڇي راکشس کي ماريندي“ جي تفصيل ڏيکاريل
ليکڪسلمان رشدي
ملڪيونائيٽڊ ڪنگڊم
ٻوليانگريزي
صنفجادوئي حقيقت پسندي
ڇپيوسال 1988
ذريعي جو قسمپرنٽ (هارڊ ڪور ۽ پيپر بيڪ)
پناپَنا 546 (پھريون ڇاپو)
آئي ايس بي اينآءِ ايس بِي اين 0-670-82537-9
او سي ايل سياو سي ايل سِي ڪلاس 18558869
ڊيوي ڊيسمل823/.914
لائبريري آف ڪانگريس درجوPR6068.U757 S27 1988
اڳيانشيم (شرم (رشدي ناول)
پوءِهارون ۽ ڪهاڻين جو سمنڊ


سلمان رشدي, 2008

دي سيتانڪ ورسز (سنڌي: شيطاني آيتون، انگريزي ٻولي: The Satanic Verses) سلمان رُشديءَ پاران 1988 ۾ لکيل ناول آهي، جيڪو اسلامي دنيا ۾ تمام گهڻو تڪراري بڻيو ۽ اڃا پڻ تڪراري آهي.

سلمان رشدي، شيطاني آيتون -1988- غير قانوني ايراني ايڊيشن

دي سيتانڪ ورسز سلمان رُشديءَ جو چوٿون ناول آهي، جنھن کي پھريون ڀيرو 1988 ۾ شايع ڪيو ويو هو ۽ اسلام جي پيغمبر محمد جي زندگيءَ کان متاثر هو. رُشديءَ پنھنجي هن ناول ۾ جادوئي حقيقت پسنديءَ جو استعمال ڪيو ۽ همعصر حادثن ۽ هم عھد ماڻھن کي پنھنجو ڪردار بڻايو. هن ڪتاب جي عنوان ۾ قرآن جي اُن آيتن کي "شيطاني آيتون" چيو ويو آهي، جيڪي مڪي جي ٽِنِ ديوِيَنِ لات، مَنات ۽ عُزا (عُزيٰٰ) سان لاڳاپيل آهن. "شيطاني آيتون" سان لاڳاپيل ڪھاڻيءَ جو حصو اتھاسڪار الواقِدِي ۽ الطبري جي کاتن تي ٻڌل هو. برطانيہ ۾ شيطاني آيتون (دَ سيتانڪ ورسز) کي مثبت موٽ ملي، 1988 بُڪر پرائز فائنلسٽ (پِيٽر ڪيرِي جو آسڪر ۽ لُسِنڊا جو هارڻ) هو ۽ وره جي ناول جي لاءِ وائٽ بريڊ ايوارڊ کٽيو. جيتوڻيڪ وڏي تڪرار تان گهڻي مسلمانن مٿس توهين ۽ عقيدي جي بيحرمتيءَ جو الزام لڳايو. مسلمانن ۾ غم ۽ غصي جي نتيجي ۾ 14 فيبروري 1989 تي ايران جي سپريم ليڊر آيت اللّٰه روح اللّٰه خمينيءَ جي طرفان رُشديءَ جي موت جي لاءِ هڪ فتوا (فتويٰ) جاري ٿيو.

حوالا

[سنواريو]

ٻاهريان ڳنڍڻا

[سنواريو]

سانچو:Rushdie