آيت الله خامنائي
زمرو:dmy تاريخون استعمال Dmy تاريخون استعمال
Sayyed Ali Khamenei سید علی خامنائي | |
---|---|
![]() | |
2nd رهبر معظم | |
دفتر سنڀاليو 4 June 1989 | |
صدر | |
پيشرو | روح الله خميني |
3rd President of Iran | |
عهدو سنڀاليو 13 October 1981 – 3 August 1989 | |
وزير اعظم | مير حسن موسوي |
Supreme Leader | روح الله خميني |
پيشرو | محمد علي رجائي |
جانشين | اڪبر هاشمي رفسنجاني |
Leader of Islamic Republican Party | |
عهدو سنڀاليو 15 July 1981 – 15 May 1987 | |
ڊپٽي | Mir-Hossein Mousavi |
پيشرو | Mohammad-Javad Bahonar |
جانشين | Party dissolved |
Member of the Parliament of Iran | |
عهدو سنڀاليو 28 May 1980 – 13 October 1981 | |
حلقو | Tehran |
اڪثريت | 1,405,976 (65.8%)[1] |
Tehran's Friday Prayer Imam | |
دفتر سنڀاليو 14 January 1980 | |
مقرر بطرف | Ruhollah Khomeini |
Interim Imams | |
پيشرو | Hussein-Ali Montazeri |
ذاتي تفصيل | |
پيدائش |
Sayyid Ali Hosseini Khameneh جُولاءِ 1939 (عمر 80 سال) Mashhad, Iran |
سياسي جماعت |
|
جيون ساٿي | Khojaste Bagherzadeh (m. 1964) |
اولاد | |
مذهب | شیعہ (Twelver) |
دستخط |
![]() |
ويب سائٽ | english.khamenei.ir |
سڄو نالو آيت الله سيد علي حسيني خامنائي ايران جو ٻيو ۽ موجوده سپريم ليڊر (رهبر معظم ۲۳۷) آهي. پاڻ ۱۹۸۱ کان ۱۹۸۹ تائين ايران جو صدر به رهي چڪو آهي. اسلامي انقلاب کان اڳ ۽ شروع وارا ڪجهه سال ”وزيراعظم“ جو به عهدو هو جيڪو نئين آئين مطابق ختم ڪري وزيراعظم جون ڪيتريون ئي جوابداريون ملڪ جي صدر حوالي ڪيون ويون آهن ۽ صدر جيڪو پهرين فقط نالي ماتر رهيو ٿي يعني Figure Head طور ۽ سندس ڪي خاص اختيار نه هئا هاڻ Executive ۽ ریاست جو سربراہ آهي. هو ملڪ جو سڀ ۾ وڏو چونڊيل نمائندو آهي.[حوالو گھربل]
صدر کانسواءِ ملڪ جو ٻيو سربراه ”رهبر معظم “ يعني Supreme Leadev سڏجي ٿو. هو ملڪ جي سياسي ۽ مذهبي اٿارٽي مڃيو وڃي ٿو. امام خميني اسلامي جمهوريہ ايران جو پهريون سپريم ليڊر هو ۽ ۱۹۸۹ ۾ سندس وفات کان پوءِ اڄ تائين سيد علي حسيني خامنہ اي ايران جو ٻيو سپريم ليڊر آهي. سندس تصويرون اڪيلي سر يا امام خميني سان گڏ جتي ڪٿي نظر اينديون. سپريم ليڊر گهڻو ڪري اهو ٿئي ٿو جيڪو عالم دين هجي.
سيد علي حسيني خامنہ اي سپريم ليڊر ٿيڻ کان اڳ، امام خميني جي ڏينهن ۾ ۱۹۸۱ کان ۱۹۸۹ تائين ايران جو صدر ٿي رهيو.[حوالو گھربل] اسلامي انقلاب بعد ايران جا هيستائين ست صدر ٿي چڪا آهن.
پرورش ء تعليم[سنواريو]
پاڻ ۱۹۳۹ ۾ مشهد ۾ رهندڙ هڪ آذري ڪُٽنب ۾ ڄائو. علي خامنہ اي اٺن ڀائرن ڀينرن ۾ ٻيو نمبر وڏو ٻار آهي. هن جا ٻه ٻيا ڀائر بہ هن وانگر ايران جا وڏا مذهبي عالم آهن. سندس ننڍو ڀاءُ هادي خامنہ اي هتي جي هڪ اخبار جو قابل ايڊيٽر ۽ مولوي آهي.
علي خامنہ ايءَ پرائمري تعليم دوران مذهبي تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ مدرسي ۾ پڙھڻ ويو. مشهد جي هن مدرسي ۾ ايران جون مشهور شخصيتون حاجي شيخ هاشم قاضيويني ۽ آيت الله ميلاني هن جا معلم رهيا. ۱۹۵۷ ۾ هو نجف هليو ويو جتي هڪ سال جو مختصر عرصو گذارڻ بعد قم ۾ اچي رهائش اختيار ڪئي. جتي هن آيت الله حسين بورجردي ۽ آيت الله روح الله خميني جهڙن شخصيتين جي ڪلاس مان علم پرايو. انکانپوءِ ۱۹۶۳ کان هن اسلامي تحريڪن ۾ ڪم ڪرڻ شروع ڪيو. شهنشاھ پهلوي جو زمانو هو، جنهن کي اهي ڳالهيون پسند نه هيون ۽ علي خامنہ اي کي ڪيترا دفعا جيل به وڃڻو پيو.[حوالو گھربل]
اسلامي انقلاب ۾ ڪردار[سنواريو]
علي خامنائي ايران جي اسلامي انقلاب جو اهم ڪردار رهيو ۽ امام خميني جي ويجهن ساٿين مان هو. تهران ۾ جمعي نماز جي امام آيت الله حسين علي منتظري جي ۱۹۷۹ ۾ استيفا ڏيڻ بعد امام خمينيءَ علي خامنائي کي ليڊر بنايو.[حوالو گھربل] عراق ايران جنگ ۾ علي خامنائي جنگ جي ميدان ۾ به رهيو ۽ هڪ بم ڦاٽڻ تي هو شديد زخمي ٿي پيو. هن کي اڄ به ”زندھ شهيد“ جي لقب سان سڏيو وڃي ٿو.[حوالو گھربل]
تعليم جو واڌارو[سنواريو]
علي خامنائيءَ سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي شعبي ۾ ايران جي نوجوانن کي گھڻو اڳيان آندو آهي.[حوالو گھربل] هن جو اهو چوڻ آهي ته ”زمين هيٺ دٻيل تيل ۽ گئس جو ذخيرو آخر ته هڪ ڏينهن ختم ٿي ويندو. ان ڪري هينئر کان ئي اسان کي نيوڪليئر ٽيڪنالاجي جو علم حاصل ڪرڻ کپي ۽ ان مان فائدا حاصل ڪرڻ کپن.“
لکيل ڪتاب[سنواريو]
علي خامنائي جا ڪيترائي ڪتاب ۽ مضمون لکيل آهن جن مان ڪجھ انگريزي ۾ به ترجمو ٿيل آهن.[حوالو گھربل] سندس تقريرن ۽ پيغامن جا نو واليوم تعليمي ادارن ۾ پڙهايا به وڃن ٿا. عرب ليکڪن سيد قطب، رضي الياسين ۽ عبدالمنيم ناصري جا ڪجهه ڪتاب علي خامنائي عربي مان فارسي ۾ پڻ ترجمو ڪيا آهن.[حوالو گھربل]
حوالا[سنواريو]
- ↑ "Parliament members" (ٻولي ۾ Persian). Iranian Majlis. حاصل ڪيل 28 October 2014.