شهزادو گلفام (ليکڪ)

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

شهزادو گلفام (انگريزي: Shahzado Gulfam؛ 2 مارچ 1935ع ـ 24 اپريل 2019ع )سنڌي ٻوليءَ جو هڪ ناليوارو ليکڪ،شاعر ۽ صحافي هو.

ننڍپڻ، تعليم ۽ نوڪري[سنواريو]

شهزادي گلفام جو جنم ٽنڊي محمد خان ضلعي جي مشهور ڳوٺ ٽکڙ ۾ ٿيو. سندس اصل نالو غلام محمد ولد علي محمد ميمڻ هو. ابتدائي تعليم پنهنجي اباڻي ڳوٺ ٽکڙ مان حاصل ڪيائين. مئٽرڪ نور محمد هاءِ اسڪول حيدرآباد ۽ انٽرميڊئيٽ سٽي آرٽس ڪاليج حيدرآباد مان پاس ڪيائين. هن بي اي ۽ ايم اي سوشالاجيءَ جون سندون سنڌ يونيورسٽيءَ مان حاصل ڪيون. هن 1956ع کان سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ نوڪري شروع ڪئي ۽ 1995ع ۾ مينيجر سنڌ يونيورسٽي پريس طور رٽائر ڪيائين[1].

علمي ۽ ادبي خدمتون[سنواريو]

هن سڄي عمر علم ۽ ادب جي خدمت ڪندي گذاري. هو 1960ع کان 1994ع تائين ريڊيو پاڪستان حيدرآباد سان سلهاڙيل رهيو. هن ريڊيو پاڪستان حيدرآباد لاءِ شاندار ڊراما لکيا. ريڊيو پاڪستان لاءِ سندس لکيل سيريل ”گامونءَ جا گفتا“ هڪ انتهائي ڪامياب ۽ مقبول سيريل هئي[2].

هو هڪ محنتي صحافي پڻ هو. هن پنهنجي صحافتي سفر جي شروعات “مسلمان اخبار” سان ڪئي. شوبز جي دنيا سان دلچسپي رکندڙ شھزادو گلفام 1965ع ۾ “فلمي دنيا” رسالي ۾ فلمن بابت لکندو ھو. هن سنڌي فلمن لاءِ گيت ۽ ڊائلاگ به لکيا. فلم گهونگهٽ لاھ ڪنوار لاءِ لکيل سندس هڪ گانو مشهور ڳائڻي نورجهان به ڳايو. هُن فلم ’حاضر سائين‘ جا مڪالما لکيا ۽ ’ڌرتي ۽ آڪاش‘ جي مڪالما نگاري، ڪهاڻيڪاري ۽ شاعري پڻ ڪئي. هو ڪجهه وقت مشهور رسالي بادل جو اسسٽنٽ ايڊيٽر پڻ رهيو.

هن ڪيترائي اسٽيج ڊراما لکيا جن ۾ مينديءَ رتا هٿ، رت جا رشتا، رک مولا تي ۽ گل ۽ خوشبوءِ خاص ذڪر جي لائق آهن.

وفات[سنواريو]

هن نامياري ليکڪ 24 اپريل 2019ع تي سنڌ يونيورسٽي ڪالونيءَ ۾ دم ڌڻيءَ حوالي ڪيو.هن ٽي پٽ ۽ ٻه ڌيئرون سوڳوار ڇڏيون[3].

حوالا[سنواريو]

  1. شهزادو گلفام: ليکڪ، هدايتڪار، اداڪار، صداڪار ۽ شاعر[مئل ڳنڍڻو]، روزاني ڪاوش حيدرآباد، 13 جولاءِ 2016.
  2. نامياري اديب شهزادي گلفام جي وڇوڙي کي هڪ سال مڪمل، روزاني ڪاوش حيدرآباد، تاريخ: 24 اپريل 2020.
  3. "سنڌ جو مشهور اديب، ڊراما نگار ۽ صحافي شهزادو گُلفام لاڏاڻو ڪري ويو" (ٻولي ۾ Sindhi). حاصل ڪيل 2020-04-25.