بادل (رسالو)

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

لو ):”-بادل-“ نالي هڪ ماهوار باتصوير رسالو سيپٽمبر 1965ع ۾ جان محمد نوناري، عمرالدين بيدار ۽ ٻين ڪجهه اديبن ۽ ادب دوستن حيدرآباد مان ڪڍيو. هيءُ اُن دور جو هڪ اهم ادبي رسالو هو، جنهن ۾ سياست، ادب، -جاسوسي ادب-، فلمن ۽ ٻارن بابت مواد ڇپجڻ شروع ٿيو. هن رسالي جو پهريون -ايڊيٽر- عمرالدين بيدار رهيو. ڪجهه عرصي لاءِ عبدالرحمان پليجو به هن رسالي جو -ايڊيٽر- ٿيو. هڪ چڱو عرصو مشهور فلمساز غلام حيدر صديقي هن رسالي جو اعزازي نگران رهيو، بعد ۾ وري عمرالدين بيدار ۽ پوءِ عبدالحق عظيم هن رسالي جا -ايڊيٽر- ۽ قمر ڪوهستاني، فهميده حسين ۽ شهزادو گلفام اسسٽنٽ -ايڊيٽر- رهيا. هن رسالي نه رڳو سنڌي ادب ۽ ٻوليءَ بابت شاهڪار تخليقون ۽ مقالا شايع ڪيا، پر علمي ادبي بحث، ادبي -تنقيد-، سنڌيءَ ۾ فلمي ادب ۽ ٻارن جي مواد کي همٿائي وڏي مقبوليت حاصل ڪئي. امرجليل ۽ اي. جي اُتم جي بحث، رسول بخش پليجي جي ڪهاڻي ”-پسي ڳاڙها گل-“ تي محمد ابراهيم جويي جي -تنقيد-، شخصيتن جو تعارف، سراج ميمڻ ۽ پروفيسر علي نواز جتوئيءَ جي لسانيات جي موضوع تي ڏي وٺ ۽ فلمي مواد هن رسالي جي جان هئا. هن رسالي سان نامور اديبن محمد ابراهيم جويي، سراج، تنوير عباسيءَ، امداد حسينيءَ، غلام علي الانا، ابن -الياس- سومري، شمس الدين عرساڻيءَ ۽ ٻين جو قلمي سهڪار رهيو.[1]

حوالا[سنواريو]