شهري قانون

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

شهري قانون (Civil Law) يورپ کنڊ جي روايتي قانوني اصولن کي شهري قانون سڏيو وڃي ٿو. اهو برطانيا جي عام قانون (Common Law) کان مختلف آهي. شهري قانون ماٺو ٿئي ٿو، جڏهن ته عام قانون ۾ عدالتون قانون ٺاهڻ ۾ مختيار آهن. شهري قانون جي اهم وسيلن ۾ روم جا قانوني اصول، وچين زماني جي ديول (چرچ) جا قانون، فرانسيسي انقلاب کانپوءِ نيپولين جي دؤر جا قانون شامل آهن. شهري قانون جو اصطلاح عام قانون جي حوالي سان پڻ ڪتب اچي ٿو، جتي اهو فوجداري قانون ۽ ٻي قانون ۾ فرق ٻڌائي ٿو. [1]

حوالا[سنواريو]

  1. سنڌي آنلائين ڊڪشنري[مئل ڳنڍڻو] پاران سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد