فرانسيسي انقلاب

کليل ڄاڻ انسائيڪلوپيڊيا، وڪيپيڊيا مان
ڏانھن ٽپ ڏيو: رھنمائي, ڳولا

فرينچ ريووليوشن (انگريزي ٻولي: French Revolution) يا فرانسيسي انقلاب يا 1789ع ۾ فرانس م ايندڙ انقلاب جو دُنيا جي سياسي تاريخ تي وڏو اثر آهي. هن انقلاب دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ آزادي، برابريءَ ۽ ڀائيچاري جو سبق ڏنو. هن انقلاب فرانس تي صدين کان قابض آمراڻي بادشاهت، ظالم ڪليسا ۽ ملڪ جي وسيلن تي ڄورون بڻيل امير طبقي جي چيلهه چٻي ڪري ڇڏي ۽ يورپ ۽ دنيا کي عوامي انقلاب سان سڃاڻپ ڪرائي. اُن انقلاب، وراثت ۽ قبضن وارا هٿڪنڊا ڪتب آڻي اقتدار سنڀالڻ بدران روشن خيالي، شهري خدمتن ۽ فطري حقن جي حفاظت وارن تصورن هيٺ جمهوري بُنيادن تي سرڪار قائم ڪرڻ جو درس ڏنو. انقلاب جي شروعات ڏاڍ سان ٿي، جنهن جي نتيجي ۾ بادشاهي ڪُٽنب ۽ امير طبقو عوام جي ڪاوڙ جو شڪار ٿيو ۽ ٽن صدين کان مُلڪ تي راڄ ڪندڙ بوربن بادشاهت جو خاتمو آيو. رستن تي نڪري آيل عام فرانسيسين ۽ مُلڪ جي روشن خيال مساوات ۽ آجپو چاهيندڙ طبقي ڏسندي ئي ڏسندي جاگيردار طبقي ۽ پادرين جي سرداريءَ جو خاتمو آڻي ڇڏيو. انقلاب جي شروعات مئي 1789ع تي فرانس جي اشرافن ، پادرين ۽ عوام جي نمائندن تي ٻڌل مشاورتي مجلس Estate Generale جي اجلاس کان شروع ٿي. جنهن ۾ بادشاهي راڄ کان بغاوت جو اعلان ڪندي انقلابين جون ۾ ”ٽينس ڪورٽ“ ۾ پنهنجو اجلاس سڏائي نئين جوڙيل عوامي پارليامينٽ ( Third Estate) جو اعلان ڪيو ۽ 14 جولاءِ تي ”باس تيلي“ جي قيد خاني (Bastille Prison) تي حملو ڪري ”انساني ۽ شهري حقن جو پڌرنامو“ منظور ڪيو. آگسٽ 1789ع ۾ مشهور ”ورسيلز“ جي محل تي عوامي حملو ٿيو ۽ 1792ع ۾ فرانس کي ”رعيتي راڄ“ قرار ڏيندي، مُلڪ جي آخري بادشاهه لوئي سورهين کي (1793ع) ۾ ”دهشت جي حڪمرانيءَ“ (Region of Terror) دوران قتل ڪيو ويو. مُختلف انقلابي ڌڙن جي هٿ ۾ اقتدار اچڻ سان مُلڪ ۾ وڏي رتو ڇاڻ ٿي ۽ ترتيبوار رابس پيئر، ’جيڪو بيائي‘ ۽ ’ڊائريڪٽري‘ جي سرشتن تحت هلندڙ حُڪومتن هڪٻئي سميت مُلڪ جي هزارين ماڻهن کي موت جي حوالي ڪيو. اِها وڳوڙي صورتحال ڏهن سالن تائين يعني 1799ع تائين هلي، نيٺ فوجي آمر نئپولين بوناپارٽ اقتدار هٿ ڪري مُلڪ ۾ ٻيهر استحڪام آندو. جديد دُنيا جي آزاد جمهوريت، سيڪيولرزم، آزاد خيالي ۽ انسان دوست حڪومتي سرشتي وارن تصورن جون پاڙون انهيءَ انقلاب ۾ کُتل آهن. هن انقلاب جي اهم سببن ۾ معاشي بدحالي، جنگين ۾ حصو وٺڻ ڪري ٿيل مالي ڏيوالو، بادشاهه ۽ مٿئين طبقي وارن جا اڍنگا خرچ، عوامي وسيلن جي ڦُرلٽ، روشن خيال تحريڪ جا اثر، سماجي، سياسي ۽ معاشي برابريءَ جي خواهش، فرانسيسي مُفڪرن جون تحريرون ۽ آمريڪي انقلاب جا اثر شامل آهن. اهو انقلاب آڻڻ ۾ عظيم فرانسيسي فلسفين روسو، والٽيئر ۽ مانٽيسڪيو جي خيالن جو تمام وڏو ڪردار آهي.[1]

حوالا[سنواريو]

  1. سنڌي آنلائين ڊڪشنري پاران سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد