شاھ ايليا

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation ڳولا ڏانهن هلو

دراصل ”شاهه ايليا“ دنيا جي بي نظير ڊرامانويس وليم شيڪسپيئر جي ڊراما ”ڪنگ ليئر“ جو ترجمو آهي، جو سنڌ جي مايه ناز اديب ۽ شاعر مرحوم مرزا قليچ بيگ سال 1900ع ۾ ڪن معمولي ڦيرين ڦارين سان مڪمل ڪري سنڌي ادب ۾ هڪ بهترين ڪتاب جو اضافو ڪيو. اها ته هڪ مڃيل حقيقت آهي ته ترجمو ڪنهن به حالت ۾ اصل جي برابر ٿي نٿو سگهي، تاهم جيڪڏهن ترجمان قابل قدر ۽ لياقت ۽ قابليت جو مالڪ آهي ته سندس ترجمو اصل جون سڪون لاهي ٿو ڇڏي. مرحوم مرزا صاحب سنڌ جو اعليٰ پايه جو مڃيل اديب ۽ عالم آهي. سندس ڪيترائي انگريزي ڪتاب ترجمو ڪيل آهن، جن جي ياداشت ڏيڻ هتي ضروري نه آهي. ان ۾ ڪو شڪ ڪونهي ته مرزا صاحب ”ڪنگ ليئر“ جي ترجمي ۾ وڏيءَ محنت ۽ قابليت کان ڪم ورتو آهي ۽ شيڪسپيئر جا اهي سڀيئي خيال، جي هن کي پنهنجي اداڪارن جي واتان چوائڻ مقصود هئا، اهي هر صورت ۾ برقرار رکيا ويا آهن، ۽ جيترو ٿي سگهيو آهي، اوترو انگريزي اصطلاحن جو ترجمو به موزون سنڌي اصطلاحن ۾ ڏيئي ڊرامي جو اصل روح قائم رکيو اٿس. ٻوليءَ جي سلاست، جا هڪ چڱي ڊرامي جي وڏي ۾ وڏي خوبي آهي، جنهنڪري هر هڪ پڙهيل خواهه اڻ پڙهيل تماشبين به ان کي ٻڌي ۽ سمجهي سگهي، تنهن جو بلڪل پورو پورو خيال رکيو ويوآهي. انگريزي نالن کي بدلائي قديم تاريخي نالا ڏنا ويا آهن ۽ ڪيترن مناسب هنڌن تي مترجم موزون شعر لکي ڊرامي کي وڌيڪ دلچسپ بنايو آهي. البت ڪن راڳن ۾ اهڙا الفاظ ڪم آندا ويا آهن، جن جي آڻڻ کان پرهيز ٿي سگهي ٿي، ۽ ڪرڻ به مناسب هئي. مثلاً ائڪٽ ٻئي، پردي ٻئي ۾ زابلون جيڪو راڳ ڳائي ٿو، ان ۾ نامناسب الفاظ وڏي انداز ۾ موجود آهن، جهڙوڪ منهن ڪارو ڪر، حرامي، ڪتي جا ڦر، ڪتي جا پڇ، احمق، لچا، گيدي، مرون، رهزن، بدمعاش، ڪارا ڪتا، پادر کائڻ وارا کودڙا ۽ گولاڙا وغيره. ”شاهه ايليا“ هڪٽرئجيڍي يا غم انجام ڊرامو آهي ۽ ساڳئي وقت هڪ روماني ڊرامو به آهي. شيڪسپيئر جي روماني ڊرامن ۾ اڪثر ڪري، اهي ٽي اتحاد، جن کي وقت، جاءِ ۽ عمل جو اتحاد سڏجي ٿو، تن کي مطلق نظرانداز ڪيو ويو آهي، انهن ۾ وقت جو لحاظ نه رکيو ويو آهي ۽ بعضي اهڙا ڊراما غير محدود وقت تائين هليا هلندا آهن. انهن جو عمل به هڪ جاءِ کان ٻي جاءِ تائين ڦرندو رهندو آهي ۽ منجهن ڪيترائي ٻيا ننڍا ننڍا پلاٽ به داخل ڪيا ويندا آهن، جي مکيه پلاٽ سان گڏوگڏ هليا هلندا آهن. شاهه ايليا ۾ پڻ اهائي ڳالهه نمايان صورت ۾نظر اچي ٿي. شيڪسپيئر جا ڊراما موجوده دؤر جي دستور موجب هرگز اسٽيج تي اچي نٿا سگهن، ڇاڪاڻ جو شيڪسپيئر اهي ڊراما، خاص ايلزبيٿ واري زماني لاءِ لکيا هئا، جڏهن هڪڙو ئي ڊرامو هفتن تائين پيو هلندوهو ۽ منجهس سينرين ۽ پردن جي لهڻ چڙهڻ جو ڪوبه لحاظ رکيل نه هوندوهو. ”شاهه ايليا“ يا ”ڪنگ ليئر“ جي ڊرامي ۾ شيڪسپيئر کي عوام جي اڳيان هڪ وڏو اصلاحي سبق پيش ڪرڻو هو. لهٰذا هن کي خيالات جو هڪ لاڳيتو سلسلو قائم ڪرڻو هو، تنهنڪري هن انهن جي اسبابن ۽ نتيجن جي وضاحت ڪرڻ لاءِ مٿي ذڪر ڪيل ٽن اتحادن کان گريز ڪرڻ لازمي سمجهيو، ان ڪري شاهه ايليا هڪ اهڙي ته روماني ٽرئجيڊي ٿي آهي، جنهن جا ڪيترا ڀاڱا اسٽيج تي آڻڻ مشڪل ٿي پون ٿا. ڊرامي ۾ ادب جي ٻين شاخن وانگر اها ڳالهه ضروري آهي ته ٻين ڳالهين سان گڏ، ان دور ۾، جنهن ۾ ڊرامه نويس پيدا ٿيو ۽ ڪم ڪيو، ان ۾ جيڪا زندگيءَ جي نوعيت يا عوام جو طور طريقو هو، ان کي ملحوظ رکيو وڃي. اهوئي سبب آهي جو هن ڊرامي ۾ ٻولي، اشارات، عادات ۽ خيالات به اهي ئي ايلزبيٿ جي زماني جا ڏنل آهن ۽ سال 1400ع جي انگريزي قوم جي حياتيءَ جو عڪس نظر اچي ٿو. لارڊ رسڪن جو چوڻ آهي ته شيڪسپيئر پنهنجي ڊرامن ۾ ايترا سورما (هيرو) پيدا نه ڪيا آهن، جيتريون سورميون (هيروئن) پيدا ڪيون آهن. سندس سڀني ڊرامن ۾ فقط ڪو هڪ به هيرو نظر نه ايندو، مگر ان جي برعڪس سندس ڪوبه اهڙو ڊرامو نظر نه ايندو، جنهن ۾ هڪ باڪمال عورت نه آندي ويئي هجي. مثلاً ڪارڊيليا يا صوفيا، ڊيسڊيمونا، ازبيلا، آئموجن ۽ هرموئن وغيره. هن جيڪي به عورتون پيدا ڪيون آهن، تن بابت پوپ جو چوڻ آهي ته: ”جيڪڏهن انهن هيروئن جون گفتارون سندن نالن ڏيڻ کان سواءِ ئي ڇپايون وڃن، ته به اهي جيڪر نهايت آسانيءَ سان انهن ڏي منسوب ڪري سگهجن ٿيون. خاص طور هيءَ حالت انهن هيروئن سان لاڳو ٿي سگهي ٿي، جي سندس غم انجام ڊرامن ۾ پيش ڪيون ويون آهن. بهر صورت، اهي گفتارون محض عورتن جون ئي سمجهيون ۽ اهي ڪڏهن به مردن جي واتان اچي نٿيون سگهن. شاهه ايليا ۾ حسب دستور پنج ائڪٽ آهن. پهرين ائڪٽ ۾ مکيه پلاٽ جي وضاحت آهي. هن ۾ ڪل پنج پردا آهن. پهرين پردي يا سين ۾ مکيه پلاٽ ۽ باءِ پلاٽ، ٻنهي جو انڪشاف ٿئي ٿو. مکيه پلاٽ ۾ شاهه ايليا ۽ سندس ٽي ڌيئرون ملڪا، زلفا ۽ صوفيا ۽ ملڪيت جي تقسيم ۽ باءِ پلاٽ ۾ روبيل ۽ سندس ٻه پٽ شمعون ۽ شمسون. ازانسوءِ شاهه ايليا جي وزير زابلون جو شهر بدر ٿيڻ، منسا جو نامنصفانه تقسيم تي اظهار افسوس ڪرڻ، شاهه ادر وس جو صوفيا کي بنا ڏاج قبول ڪرڻ، ملڪا جي شاهه ايليا سان بدسلوڪي، شمعون جي ڀاءَ سان دغابازي ۽ شمعون جي روپوشي وغيره سڀ ڪجهه ظاهر ڪيو وڃي ٿو. ائڪٽ ٻئي ۾ جملي چار پردا آهن، جن ۾ پيچيدگيون يا مونجهارو پيدا ٿئي ٿو ته آخر ڇا ٿيندو ۽ تماشبين نتائج لاءِ نهايت منتظر رهن ٿا. زابلون ۽ شمشاد جو تڪرار ۽ زابلون جو ڪاٺ پوڻ، شمعون جو پنهنجي پيءَ روبيل کي پنهنجي ڀاءُ شمسون جي برخلاف ڪرڻ، زلفا ۽ شاهه ڪالاب جي شاهه ايليا سان روگرداني، شاهه ايليا جو اهڙي شاڪ سببان دماغي توازن وڃائڻ ۽ جهنگ جي طرف، طوفان، بجليءَ ۽ بارش ۾ نڪري وڃڻ وغيره. هتي سڀ پلاٽ پاڻ ۾ گڏجي مسجي هڪ اهڙو ته مونجهارو پيدا ڪن ٿا، جنهن کي سلجهائڻ جي خواهش پيدا ٿئي ٿي ته اڳتي هلي الاجي ڇا ٿيندو. ائڪٽ ٽئي ۾ ڪل ست پردا آهن ۽ منجهس ڪشمڪش وڌندي ٿي وڃي ۽ ڊرامو پنهنجي انتهائي عروج تي پهچي وڃي ٿو. شاهه ايليا ديوانگيءَ جي حالت ۾ کلي ميدان ۾ مينهن ۽ طوفان ۽ کنوڻ ۾ هليو وڃي ٿو ۽ کيس ان حالت ۾ صوفيا سان ڪيل بي انصافيءَ جو احساس ٿئي ٿو ۽ پردي ٻئي ۾ چوي ٿو ته: ”آءٌ به انسان آهيان، پر جيترو ظالم آهيان، تنهن کان وڌيڪ ٻين مون سان گناهه جهڙي هلت ڪئي آهي.“ روبيل جون اکيون به هن سين ۾ ڪڍيون وڃن ٿيون ۽ ڪالاب جو زخمي ٿيڻ وغيره اهڙا واقعات آهن، جي سڀ گڏجي هن ائڪٽ ۾ هڪ زبردست ڪشمڪش پيدا ڪري وجهن ٿا. ائڪٽ چوٿين ۾ ڪل ست پردا آهن ۽ هتي ڊرامو پنهنجي انتها کي پهچي ٿو، يعني ڪلائيمڪس جي منزل تي اچي ٿو ۽ صورت حال نهايت خطرناڪ بنجي پوي ٿي. روبيل جو پنهنجي پٽ شمسون سان نابينيءَ جي حالت ۾ گڏجڻ، شمعون جو پاڻ کي نانگي فقير جي صورت ۾ مخفي رکڻ، ججال جي بادشاهه منسا سان سندس راڻي ملڪا جو اختلاف ۽ شمعون سان عشق و محبت، جيشان جي بادشاهه حالاب جو موت، ملڪا جي پنهنجي ڀيڻ زلفا سان رفاقت جي شروعات، صوفيا کي شاهه ايليا جي مصيبتن جو اطلاع ملڻ ۽ طبيب ۽ نوڪرن سان اچڻ. مطلب ته سڀ واقعات هن ائڪٽ ۾ اچي جمع ٿين ٿا. هن ائڪٽ جي ڇهين ۽ ستين سين خاص اهميت واريون آهن. ڇهين سين کي Steep سين يا ٽڪريءَ جي چوٽيءَ واري سين چئجي ٿو. هن ۾ روبيل کي خودڪشيءَ جو خيال ٿئي ٿو. سندس پٽ شمسون کيس بنا سڃاڻپ ڪرائڻ جي ساڻس چرچا ڪري ٿو. مثلاً، جڏهن روبيل کيس چوي ٿو ته: ”بابا! تنهنجو آواز مون کي ڦريل معلوم ٿو ٿئي. تون اڳي کان بهتر ٿو ڳالهائين، جهڙو لفظن ۾ تهڙو معنيٰ ۾.“ تڏهن شمسون چويس ٿو ته:”پريا مڙس، تون ڀلجين ٿو، پوشاڪ کان سواءِ ٻي ڪابه شيءِ بدليل ڪانهي.“ هتي روبيل جي ملاقات شاهه ايليا سان پڻ ٿئي ٿي ۽ سندس حالت تي افسوس جو اظهار ڪري ٿو ۽ چوي ٿو ته: ”افسوس عجيب انسان بگڙي پيو آهي. هيءُ سارو جهان نيٺ ائين خراب ۽ نابود ٿي ويندو. افسوس! جيڪي ڳالهائين ٿو، سو معنيٰ وارو به آهي ۽ بي معنيٰ به. چريائيءَ جي حالت ۾ به عقل جون گفتارون پيو ڪري.“ هن سين ۾ واقعي شاهه ايليا جون سڀئي گفتارون ديوانگيءَ جي رنگ ۾ پــُـرمعنيٰ ۽ زندگيءَ جي فلسفي سان ڀرپور آهن. هن ئي سين ۾ شهزادي ملڪا جي فتنه انگيز نوڪر شمشاد جو موت ٿئي ٿو ۽ شمسون کي ملڪا جو خط، جو هن ڊراما جي ولئن شمعون ڏي لکيو آهي، سو هٿ اچي وڃي ٿو ۽ اهو ئي خط ائڪٽ پنجين ۾ اڳتي هلي عقده ڪشائي ڪري ٿو. هتي ئي شاهه ايليا تندرست ٿئي ٿو ۽ شهزادي صوفيا، جا هن ڊرامي جي هيروئن آهي، ان جي ڪمال اخلاق جو اندازو به هتي ئي لڳائي سگهجي ٿو. ستين سين ۾ جڏهن شاهه ايليا ڪجهه طبيعت ۾ بهتر آهي، تڏهن صوفيا چويس ٿي ته”پيارا بابا، شل تندرستي اوهان جي بيماريءَ جو علاج منهنجي چپن تي آڻي، جو اوهان جو مٿو ۽ منهن چمان ۽ جيڪو رنج ۽ غم اوهان کي هن پيريءَ جي عمر ۾ منهنجي ٻن ڀينرن رسايو آهي، سو جهٽ ۾ دور ڪري ڇڏيان.“ (چمي ڏئيس ٿي). ائڪٽ پنجين ۾ عقده ڪشائي ٿئي ٿي. هن ائڪٽ ۾ ڪل ٽي پردا آهن. پهرين پردي ۾ ملڪا ۽ زلفا جي رقابت ظاهر ٿئي ٿي ۽ شمسون، منسا کي ملڪا جو لکيل خط ڏئي ٿو. ٻي سين فقط هڪ صفحي جي آهي، جنهن ۾ شاهه ايليا جو جنگ ۾، صوفيا سميت گرفتاريءَ جو انڪشاف ٿئي ٿو ۽ ٽئين پردي ۾ ملڪا جي خط ظاهر ٿيڻ شرط زلفا ۽ ملڪا جو تصادم ٿئي ٿو. منسا، شمعون کي دغا، نمڪ، حرامي ۽ باغي هجڻ جي تهمت هيٺ گرفتار ڪري ٿو. شمعون، منسا سان ثبوت پيش ڪرڻ لاءِ شرط ٻڌي ٿو. ڍنڍ ورو گهمي ٿو. شمسون اچي ٿو ۽ ٻنهي ڀائرن جي ترار هلي ٿي ۽ منسا خط ظاهر ڪري ٿو. شمعون ۽ ملڪا تهمون قبول ڪن ٿا. شمسون جو هن وقت تائين بدليل ويس ۾ لڪل هو، سو پاڻ کي ظاهر ڪري ٿو. امير زابلون جي به واقفيت ڪرائي ٿو. اوچتو ملڪا ۽ زلفا جي موت جي خبر هڪ نوڪر آڻي ٿو ته هڪ کي زهر مليوآهي ۽ ٻيءَ آپگهات ڪيو آهي. شمعون هڪدم پڌرو ڪري ٿو ته هن شاهه ايليا ۽ صوفيا جي قتل جا حڪم جاري ڪري ڇڏيا آهن، جلدي قلعي ڏي ماڻهو موڪليو وڃي ۽ نشانيءَ طور پنهنجي تلوار ڏئي ٿو، مگر ماڻهوءَ جي پهچڻ کان اڳ صوفيا کي قتل ڪيو وڃي ٿو، جنهن جو لاش شاهه ايليا پاڻ کڻي اچي ٿو. اتي شمعون جي موت جي پڻ خبر اچي ٿي ۽ شاهه ايليا زابلون کي سڃاڻي ٿو. شاهه ايليا معصوم صوفيا جي لاش کي ڀاڪر وجهي روئي ٿو ۽ فرط محبت کان هانءُ ٻڏي وڃيس ٿو ۽ دم نڪري وڃيس ٿو. مطلب ته پنجين ائڪٽ ۾ سڀني ڳالهين جو انڪشاف ٿئي ٿو ۽ سڄو ڊرامو غم انجام ۾ پورو ٿئي ٿو. هن ڊرامي ۾ زندگيءَ جي فلسفي سان گڏوگڏ هڪ عورت جي جذبات جي پوري تصوير پڻ چٽي ويئي آهي. شڪسپيئر جي عورت يا ته انتهائي اعليٰ اخلاق ۽ ڪردار جي مالڪ آهي يا بلڪل بدڪردار ۽ بداخلاق آهي. هن ڊرامي جي هيروئن شهزادي صوفيا جو ڪردار ايڏو ته بلند ۽ اعليٰ ڪري ڏيکاريو ويو آهي، جو هڪ فرمانبردار ۽ والد سان محبت رکندڙ ڌيءَ اهڙي ٻي هرگز ملي نه سگهندي، جيتوڻيڪ کيس سندس والد پنهنجي جائز حق کان به محروم ڪيو هو. هــــِـن طرف صوفيا ته هــُـن طرف سندس ٻن ڀينرن جي بي درد دل ۽ نافرماني به ضرب المثل آهي، جن سان پيءُ ايڏي مهرباني ڪئي، مگر هنن پنهنجي پيرسن پيءُ جي مهربانيءَ جو قطعي قدر نه ڪيو ۽ مٿس ڪوبه رحم نه آندو. ائڪٽ چوٿين جي سين ٽين جي پڇاڙيءَ ۾ زابلون چوي ٿو ته: ”هي سڀ قسمت جو ڪم آهي. اسان جي حالت سڄي آسمان جي گردش تي منحصر آهي، نه ته ساڳئي ماءُ - پيءُ مان ٻن مختلف طبيعتن جا ٻار ڪيئن پيدا ٿين! هڪڙو صالح ته ٻيو ناصالح.“ هن ڊرامي ۾ شيڪسپيئر قسمت يا تقدير جو گهڻو قائل ڏسڻ ۾ اچي ٿو، جو ان وقت جو مضبوط عقيدو هو. سڄي ڊرامي ۾ جڳهه جڳهه تي تقدير جي مٿاهين هٿ ۽ مضبوط چنبن جي اپٽار ڪيل آهي ۽ زماني جي رفتار تي انسان جو ڪوبه اختيار نه ڏيکاريو آهي. ائڪٽ پهرين جي سين پهرينءَ ۾ روبيل چوي ٿو ته”ڪهڙو نه خراب زمانو اچي ويو آهي، حڪيمن گهڻيئي دليل ڏنا آهن، پر خدا جي قدرت پنهنجو اثر پاڻيهي وڃيو ظاهر ڪري.“ ٽئين ائڪٽ جي ڇهين پردي ۾ شاهه ايليا شمسون کي چوي ٿو ته: ”هن ڳالهه ۾ خدا جي قدرت، بندي جي صنعت کان ٻاهر آهي، يعني تقدير کي ڪابه تدبير آڏي اچي نه ٿي سگهي.“ زابلون چوي ٿو ته: ”هي سڀ قسمت جو ڪم آهي، اسان جي حالت سڄي آسمان جي گردش تي منحصر آهي.“ ائڪٽ چوٿين جي پردي چوٿين ۾ روبيل چوي ٿو ته”اسين زماني جي هٿ ۾ اهڙا آهيون، جهڙيون ٻارن جي هٿ ۾ مکيون. هو اسان کي چرچي ۾ ماري رکي ٿو!“ شاهه ايليا ۾ ڇاڪاڻ ته عورت جي ڪردار جا ٻيئي پاسا ڏيکاريل آهن، يعني رحمدلي ۽ سنگدلي، تنهنڪري عورت جي ڪردار کي نهايت وضاحت سان بيان ڪيو ويو آهي. بد عورت لاءِ خاص طور تي قابل قدر اشارا ڏنا ويا آهن. مثلاً ائڪٽ ٽئين جي پردي ستين ۾ مسخرو چوي ٿو ته: جيڪو بگهڙ جي غريبت، گهوڙي جي تندرستيءَ، ڇوڪريءَ جي محبت ۽ گنديءَ رن جي قسم تي اعتبار ڪري ٿو، ان جهڙو ٻيو ڪوبه چريو ڪونهي. ”ساڳئي پردي ۾ هڪ نوڪر زلفا جي روش ڏسي چوي ٿو ته ”بيقياس زال ساري عمر جيتري رهي، پڇاڙيءَ ۾ پنهنجو فطري موت مري ته پوءِ سڀ زالون ڦري ڏائڻيون ٿي پونديون ۽ انهن مان پس پيش خير ڪونه ٿيندو.“ ائڪٽ چوٿين جي ڇهين سين ۾ ملڪا کي منسا چوي ٿو ته: ”ڪي هوش ڌار، شيطان رَن! جن ڀوت ۾ ناشائستگي اهڙي بري نه ٿي لڳي جهڙي زال ماڻهوءَ ۾. تون برابر اندر ۾ شيطان آهين، ليڪن زال جي شڪل اٿيئي، تنهنڪري توکان ٽريو ٿو وڃان.“ ائڪٽ چوٿين پردي ٻئي ۾ شاهه ايليا چوي ٿو ته”چيلهه کان مٿي زالون آهن، باقي هيٺ رڳيون گڏهيون يا ڪــُـتيون آهن. ڪمر تائين ملائڪن جي حوالي آهن، هيٺ رڳو شيطان جي بلي، جنهن ۾ ظلمات، باهه گرمي، بدبوءِ ۽ عذاب سڀ وڃي گڏ ٿيا آهن.“ خوشامد پسنديءَ ۽ چرب زبانيءَ تي ڀروسو ڪرڻ جي نقصانن ۽ پيريءَ جي عيبن بابت به هن ڊرامي ۾ گهڻائي دانائيءَ جا نڪتا بيان ڪيل آهن. مثلاً ائڪٽ پهرين جي پردي پهرين ۾ صوفيا پنهنجي پيءُ شاهه ايليا کي چوي ٿي ته: ”منهنجي زبان، سڻڀي نه آهي ۽ مون کي خوشامد ڪرڻ جو هنر نه ٿو اچي، جو دل ۾ هڪڙي رکان ۽ وات سان ٻي چوان. اهڙي ڪوڙي زبان ۽ اهڙي طمع واري اک مون کي جيئن نه هجي تيئن چڱي. اگرچ ان ڪري مون کي دنيائي نقصان ۽ اوهان جي ڪاوڙ سهڻي پوي ٿي.“ ٻئي هنڌ ملڪا کي صوفيا چوي ٿي ته: ”پاڻهي خبر پوندي ته ظاهر لباس ڪرڻ وارا نيٺ ڪهڙا ٿا رنگ ظاهر ڪن! جيڪي اندر ۾ هڪڙي ۽ ٻاهر ٻي رکندا آهن، سي آخر خراب خوار ٿيندا آهن.“ ائڪٽ ڇهين جي پردي چوٿين ۾ زلفا پيءَ کي چوي ٿي ته: بابا توهين ڪراڙا ٿيا آهيو، اوهان جي پوئين وهي آهي، اوهان کي پنهنجي چڱائيءَ جي هينئر گهڻي خبر ڪانه ٿي پوي.“ ٻئي هنڌ چوي ٿي ته ”ڀيڻ ملڪا، ڏس ته ٻڍاپڻ ۾ ڪهڙو نه تيسو ۽ خفو ٿي پيو اٿس. هڪڙي ڳالهه تي بيهي ئي نه ٿو.“ وري هڪ هنڌ ملڪا چوي ٿي ”ڪراڙن ۽ ننڍڙن ٻارن جي وچ ۾ ڪوبه تفاوت ڪونهي، مهل ڏسي هنن کي شاباس به ڏجي ۽ جهڻڪبو به.“ انهيءَ کان علاوه هن ڊرامي ۾ ضرورت، احتياج ۽ گهرج بابت جيڪي اشارا ڪيا ويا آهن، سي به دانائيءَ کان خالي نه آهن. مثلا ائڪٽ چوٿين جي پردي چوٿين ۾ شاهه ايليا چوي ٿو ته: ”لاچاريءَ ۾ سڀڪجهه روا آهي، گهرج جو عذاب ڏاڍو بڇڙو آهي.“ ائڪٽ ڇهين جي سين ۾ شاهه ايليا ڪکن جي ڀونگي ڏسي چوي ٿو ته: ”گهرج ۽ لاچاري ڪهڙي نه بري شيءِ آهي. ڪين جهڙي شيءِ به قيمتي ٿيو پوي.“ ان کان سواءِ اولاد جي ناصالح هجڻ جي شڪايت، وڏن جي پيري اچڻ شرط اولاد جي ملڪيت هٿ ڪرڻ جي لالـچ، حرامڙي اولاد جي خرابي، خودڪارني جو نتيجو ڀوڳڻ، نيڪي ۽ عقل هڪ ڪميني جي نظر ۾ مڙئي ڪمينائي آهن. ”ڪير کڻي حاڪم هجي ته به انهيءَ جو حڪم پيو هلندو. ڦاٽلن ڪپڙن ۾ ننڍڙا قصور به وڏا گناهه ڏسبا آهن ۽ ريشم ۽ زريءَ جي ڪپڙن ۾ اهي لڪي ويندا آهن ۽ ڏسبائي ڪونهن - جڏهن اسين ڄمون ٿا، تڏهن اسان جي رئڻ مان مطلب آهي ته اسين هن احمقستان ۾ اچي داخل ٿيا آهيون. دشمن جي ڳجهه معلوم ڪرڻ لاءِ هن جي دل چيرڻ به روا آهي. ماڻهوءَ کي هن دنيا مان وڃڻ مهل به ايترو صبر ۽ تحمل هئڻ گهرجي، جيترو هن دنيا ۾ اچڻ مهل - ماڻهوءَ کي زماني جي ڊؤل تي هلڻ گهرجي. حيف آهي انهيءَ کي جيڪو دير سان پڇتائي - پئسي واري جو نصيب زور آهي، ڪنگال آهي ڪو پڇئي ڪونه - پيءُ سائو ته اولاد به صالح ۽ جي پيءُ ســُـڃو ته اولاد ناصالح - اسان وٽ ڪي هوندو آهي ته سست ٿيندا آهيون، جي نه هوندو آهي ته نيٺ انهيءَ ڪري فائدو پهچندو آهي. بهرحال هي ڊرامو ادبي لحاظ کان نهايت پسنديده ۽ شڪسپيئر جو هڪ اعليٰ شاهڪار غم انجام ناٽڪ آهي، جيتوڻيڪ جيئن مٿي ذڪر ڪيو ويو آهي ته ان کي اسٽيج تي آڻڻ ۾ ڪافي فني رڪاوٽون در پيش آهن. [1]

حوالا[سنواريو]

  1. شاهه ايليا -- هڪ مقبول سنڌي ڊرامو-- ڊاڪٽر شمس الدين عرساڻي ؛ رسالو:مهراڻ؛ 1984جلد 33 ڇپيندڙ:سنڌي ادبي بورڊ