سکر ايڪسپريس

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

سکر ايڪسپريس پاڪستان جي هڪ ايڪسپريس ٽرين آهي جيڪا ڪراچي ۽ جيڪب آباد جي وچ ۾ روزانو هلندي آهي۔ پهرين هي ٽرين ڪراچي ۽ سکر جي وچ ۾ هلندي هئي پر بعد ۾ هن جو روٽ جيڪب آباد تائين وڌايو ويو۔

هي ٽرين اڪانومي، ايئرڪنڊيشن لوئر ۽ ايئرڪنڊيشن سليپر ڪلاس گاڏن تي مشتمل آهي. هي ڪراچي کان جيڪب آباد تائين جو 560 ڪلوميٽر (350 ميل) فاصلو 11 ڪلاڪن ۽ 55 منٽن ۾ پورو ڪندي آهي۔

رستو[سنواريو]

ڪراچي کان جيڪب آباد براسته حيدر آباد ۽ روهڙي

اسٽاپس[سنواريو]

  • ڪراچي شهر
  • ڪراچي ڇاوڻي
  •  ڊرگ ڪالوني
  • لانڍي
  • ڪوٽڙي جنڪشن
  • حيدرآباد جنڪشن
  • ٽنڊو آدم
  • شهداد پور
  • نوابشاهه
  • پڊعيدن
  • ڀريا روڊ
  • لاکا روڊ
  • محراب پور
  • سيٺارجه
  • راڻي پور
  • گمبٽ
  • خيرپور
  • روهڙي جنڪشن
  • سکر
  • شڪارپور
  • جيڪب آباد جنڪشن

حوالا[سنواريو]