سٽي ريلوي ڪالوني

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
ريلوي ڪالوني
يونين ڪائونسل
يو سي 26 سٽي ريلوي ڪالوني,صدر ٽائون
آء آء چندريگر روڊ جي ساڄي پاسي سٽي ريلوي ڪالوني يونين ڪائونسل جو ڪاروباري علائقو
آء آء چندريگر روڊ جي ساڄي پاسي سٽي ريلوي ڪالوني يونين ڪائونسل جو ڪاروباري علائقو
ريلوي ڪالوني is located in سنڌ
ريلوي ڪالوني
ريلوي ڪالوني
ريلوي ڪالوني is located in Pakistan
ريلوي ڪالوني
ريلوي ڪالوني
سنڌ ۽ پاڪستان ۾ مقام
جاگرافي بيهڪ: 24°50′N 67°00′E / 24.833°N 67.000°E / 24.833; 67.000مڪانيت: 24°50′N 67°00′E / 24.833°N 67.000°E / 24.833; 67.000
ملڪ پاڪستان پاڪستان
صوبو سنڌ
ضلعو ڪراچي ڏکڻ
ٽائون يا تعلقو صدر ٽائون


سٽي ريلوي ڪالوني(انگريزي: City Railway Colony ) سنڌ جي ڪراچي ڏکڻ ضلعي جي صدر ٽائون ۾ واقع ھڪ يونين ڪائونسل جو نالو آهي. ھن يونين ڪائونسل م مختلف نسلن جا ماڻھو رھن ٿا جن م سنڌي، اردو ڳالهائيندڙ، پنجابي، سرائڪي، بوھري وغيره شامل آهن. ھن يونين ڪائونسل جو اتريون پاسو آء آء چندريگر روڊ تي واقع ھڪ وڏو ڪاروباري علائقو آهي.

بيھڪ ۽ علائقا[سنواريو]

ھتان جا مشھور ھنڌ بوتل ڳلي، نيو چالي، پاڪستان چوڪ، سرائي ڪوارٽرز، گيٽ نمبر 10، اين ٽي آر ڪالوني ۽ غريب آباد آھن. ھن يونين ڪائونسل جي اتر م آء آء چندريگر روڊ، اولھ طرف ريلوي روڊ ۽ ان جي پار ڪراچي ڊراء پورٽ، ڏکڻ طرف ايم ٽي خان روڊ ۽ ان جي پار انٽيليجنس ڪالوني ۽ سلطان آباد ، ۽ اوڀر طرف سول لائينز جو علائقو واقع آهي.سٽي ريلوي اسٽيشن پڻ ھن يونين ڪائونسل جي اندر اولھ پاسي ڪراچي سرڪيولر ريلوي ٽريڪ تي واقع آھي.

روڊ ۽ گھٽيون[سنواريو]

ھن يونين ڪائونسل ۾ واقع مشھور روڊن ۽ گھٽين ۾ شامل آهن: سٽي ريلوي ڪالوني روڊ، مير شير محمد روڊ، ميڪ ھنچ روڊ، واليس روڊ (Wallace Road), اولڊ ڪئينز روڊ ، مسڪين ڳلي، پاڪستان ريلوي برج، آزادي اسٽريٽ، شو شنڪر اسٽريٽ، اي ايف فرگوسن اسٽريٽ ۽اي لينڊر روڊ (Elander road) .

عمارتون ۽ مشھور جايون[سنواريو]

ھن يونين ڪائونسل ۾ ھم ٽي وي جي آفيس، دي نيوز انٽرنيشنل اخبار جي آفيس، جنگ گروپ جي اخبار منزل، روزنامه جنگ پريس، جيو ٽي وي اينڊ نيوز اسٽوڊيو، مسجد ابوذر غفاري، پاڪستان ريلوي جي ڊويزنل سپرنٽينڊنٽ جي آفيس، سڪيورٽي اينڊ ايڪسچينج ڪميشن جي آفيس، فنلينڊ جي اعزازي ڪائونسليٽ جنرل جي آفيس، ريلوي گودام، ڪي پي ٽي ڪنٽينر ٽرمينل، جامع مسجد نوري، کوڙ بئنڪون ۽ انشورنس ڪمپنين جون آفيسون واقع آھن.

تعليم ۽ صحت[سنواريو]

آبادي[سنواريو]

ٿاڻا[سنواريو]

معيشيت[سنواريو]

سياست[سنواريو]