سوھائي ابڙو
سوھائي ابڙو Suhaee Abro | |
---|---|
رھائش | ڪراچي |
قوميت | يپاڪستان |
پيشو | ڪلاسيڪل ۽ ماڊرن ڪانٽيپوريئري ڊانسر, اداڪارا |
شھرت جو ڪارڻ | سنجھا, ماءِ پيور لينڊ |
ماءُپيءُ | عطيا دائود ۽ خدا بخش ابڙو |
سُوھائي ابڙو (انگريزي ٻولي: Suhaee Abro) ھڪ پاڪستاني نچڻي (رقاصہ) ۽ اداڪارا آھي. ھيءَ نچڻ جي شعبي ۾ مھارت رکي ٿي ۽ ھڪ تربيت ماڻيل سلاسيڪل رقاصہ آھي. سوھائي ٽيليويزن ناٽڪ (ڊرامن) ٿيٽر، دستاويزي فلمن ۽ راڳ وڊيو (ميوزڪ وڊيوز) ۾ ڪم ڪندي آھي. ھن بھترين ٽيليويزن اوسان (سينسيشن) انعام (ناري) لاءِ پھريون ھم ايوارڊز 2013 ۾ کٽيو.[1] ھيءَ سنڌي شاعرا ۽ سرگرم ڪارڪن عطيا دائود جي ڌيءُ آھي.[2]
شروعاتي زندگي
[سنواريو]سُھائي ڪراچيءَ ۾ ڄائي ۽ نپني ھئي.سندس ماءُ (عـطيا دائود) مشهور شاعرا آهي. هن جو پيءُ (خدا بخش ابڙو)، هڪ درشٽي سنٻنڌي ڪلاڪار (وزيوئل آرٽسٽ) آھي، جنھن کيس مختلف قسم جي عالمي راڳ (موسيقي) سان سُونھو ڪرايو.[3][2] ابڙو ست سال جي ڄمار کان ئي ڪلاسيڪل ڊانس جي سکيا ڪلاسيڪل ڊانسر شيما ڪرماني کان سکڻ شروع ڪئي ھئي ۽ اَٺ سال جي ڄمار ۾ پنھنجو پھريون ميوزڪ وڊيو ۾ پرفارم ڪيو ھيائين.ھن ٻارنھن ورھين جي ڄمار ۾ ٽيلي فلمن ۾ ڪم ڪرڻ شروع ڪيو.[4]
2010 ۾، ھڪ ڌَڪُ لڳڻ کانپوءِ پُڇ ھڏي (tailbone) ۾ وڍڪٽ (سرجري) جي ضرورت پئي، ابڙو جي ڊاڪٽر کيس چتاوڻي ڏني تہ ھوءَ ناچ نہ ڪري. ڇاڪاڻ تہ ھن پنھنجي اسڪول ۾ جھمر (ڊانس) ھڻڻ جو واعدو ڪيو ھيو، تنھنڪري، ابڙو اسٽيج جي ڪُنڊ ۾ ويھي پنھنجي ھٿ ۽ چھري کي اڳتي نِوڙائي (وَڌائي) ٻُڌندڙڏسندڙن (آڊيئنس) کان دادُ ماڻيو.[3]
نَو سال جي ڄمار ۾ ئي ابڙو کي مرگھي (بيھوشي جي بيماري، اپيلپسي) جي روڳ جي سُڃاڻپ ٿي.[4]
ڊانسر طور ڪيرئير
[سنواريو]اڳ ئي انيڪ ميوزڪ وڊيوز ۾ پرفارم ڪرڻ کانپوءِ، ابڙو 2011 ۾ ڪراچي جي ٽي2ايف ۾ پنھنجي امڙ جون ڪُجھ ڪويتائون (شعر) تي پنھنجي پھرئين عوامي سولو پرفارمنس ڏني.[3] ابڙو ڀارتاناتايم ۾ مھارت ماڻي، ۽ ھن ڪَٿڪ ۽ اوڊيسي (Odisi) جھمر کي پڻ سکيو آھي، ھندستاني ڪلاسيڪي ناچ جي اَٺن قِسمن منجھان ٽن نمونن ۽ صوفي، لوڪ (فوڪ)، جديد/ھلندڙ دور سميت ڪلاسيڪي ناچ جي ٻين نمونن کي پڻ ۽ ڪوريوگرافنگ پڻ سکي آھي.سُھائي ابڙو گروپ نرتال جي بانين منجھان ھڪ آھي ۽ ان گروپ جي ناچ ھدايتڪار (ڊانس ڊائريڪٽر)/ فن پيش ڪندڙ ڪلاڪار (پرفارمنگ آرٽسٽ) پڻ آھي.[5]
ناچَ ۽ ڪوريوگرافي
[سنواريو]سال | ڊانس پراڊڪشن | ڪوريوگرافڊ ۽ پروڊيوسڊ | ۾ پرفارم ٿيل |
---|---|---|---|
2001–2008 | ڪلاسيڪل ڊانس ڏيکاءُ | شيما ڪرماني | ڪراچي |
2008 | ھڪ ڪلاسيڪل ڊانس نائٽ, 'جوگالبندي | شيما ڪرماني | ڪراچي |
2006–2011 | ھڪ ناچ ڊرامو ناٽڪ ناچ, 'رقص ڪرو' فھميدا رياض جي ڪويتا تي ٻَڌل | شيما ڪرماني | ڪراچي/لاھور/اسلام آباد/انڊيا |
2008–2010 | ڊانس ناٽڪ ناچ (باليٽ) – آج رنگ ھي | شيما ڪرماني | ڪراچي/لاھور/اسلام آباد |
2010 | بيڪ ٽو اور بيگننگس ' | سھائي ابڙو ۽ رجب علي سيد | ڪراچي |
2010 | پوائنٽ آف نو ريٽرن | سوھائي ابڙو ۽ رجب علي سيد | ڪراچي |
2011–2012 | اُڙان سي پھلي' (اُڏرڻ کان اڳ) A 60-منٽ سولو ڊانس ۽ ميوزڪ پرفارمنس, ناريواد (فيمنسٽ) شاعرا عطيا دائود جي ڪويتائن تي ٻَڌل | سوھائي ابڙو | ڪراچي |
2011 | خسرو النسل-نائو '- ممتاز صوفي شاعر ، حضرت امير خسرو جي سرجڻھار تي ٻڌل ناچ ۽ راڳ جي ڪارڪردگي | سوھائي ابڙو ۽ نريتال | ڪراچي |
2011 | فيض مکيا صدين جو پروگرام | سوھائي ابڙو ۽ نريتال | ڪراچي |
2013 | رقص ۾ ھئي سارا جھان – ورلڊ ڊانا ڊي سليبريشن 2013 | سوھائي ابڙو (ناچ جي ڪُجھ ٽُڪرن کي ناچ جي شرڪت ڪندڙن پاڻ ڪوريوگراف ڪيو) | ڪراچي |
2015 | لائسيم اسڪول جو ھرسال ٿيندڙ اردو ڊرامو | سوھائي ابڙو | دي لائسيئيم اسڪول ڪراچي |
فلموگرافي
[سنواريو]سال | ٽي وي ڊرامو | ڪردار | چينل |
---|---|---|---|
2006 | گڊي | گڏي | ھم ٽي وي |
2007 | شالي | شالي | ھم ٽي وي |
2007 | امتول ڪي گلي | ماريا واسطي جي ڌيءُ | اي آر واءِ ڊجيٽل |
2008 | ڀوپال والي بلڪيس | مُني | ھم ٽي وي |
2009 | ميري بيٽي | ڪالي | ھم ٽي وي |
2011 | سنجھا | سنجھا | ھم ٽي وي |
2012 | تم مجھ ۾ زندا ھو | نمرا بُچا جوڀن (ٽين ايج) | ايڪسپريس انٽرٽينمينٽ |
2012 | جشن ڪا دن ھي | انشا | ايڪسپريس انٽرٽينمنٽ |
2012 | انامتا | انامتا | ھم ٽي وي اڃا نشر ناھي ٿيل) |
2012 | ڪِس موسم ڪي تلاش مين | عاشي | ھم ٽي وي |
2013 | من ڪي موتي | ھنا | جيو TV</smallٽي وي> |
2013 | ڪتني گرھين باقي ھين | ڪومل | ھم ٽي وي اڃا نشر ناھي ٿيو) |
2013 | جنت ڪي جنت | جنت | (ناٽ ايئرڊ يئيٽ) |
2016–2017 | سنگ-ئي-مر مر | راڪشي | ھم ٽي وي |
2017 | يقين ڪا سفر | نوري | ھم ٽي وي |
2017 | منھنجي پاڪ زمين | نازو |
ٿيٽر
[سنواريو]سال | ڊرامو | ٿيٽر نالو/آرگنائزر/فيسٽيول |
---|---|---|
2007 | جني لاھور ناھي ويکيا | رافي پير پرفارمنگ آرٽس فيسٽول |
2008 | فيملي فنڪشن | فروئيبيل ايجوڪيشن سينٽر پاڪستان آرٽس ڪائونسل سينٽر) |
2008 | اي ٿنگ آف بيوٽي باءِ چارلس ڪري | فروئيبيڪ ايجوڪيشن سينٽر (پاڪستان آرٽس ڪائونسل سينٽر) |
2011 | جنگ اب ناھي ھوگي | تحريڪ-اي-نسوان |
2011 | کسرو نسل-ي-نئو | نريتال گروپ |
2011 | اُڙان سي پيھلئي | دي سيڪنڊ فلور (ٽي2ايف), ڪراچي[6] |
2012 | ڪافڪا | نيشنل اڪيڊمي آف پرفارمنگ آرٽس (ناپا) فيسٽول |
ميوزڪ وڊيوز
[سنواريو]سال | ميوزڪ وڊيو | بينڊ/سَڀا |
---|---|---|
2002 | اسير شھزادي' ناريواد شاعرا، فھميدا رياض جي ڪويتا (شاعري) تي ٻَڌل | تحريڪ-نسوان (شيما ڪرماني) |
2012 | عورت اور مرد برابر ھين' ناريواد شاعرا، فھميدا رياض جي ڪويتا (شاعري) تي ٻَڌل | تحريڪ-نسوان (شيما ڪرماني) |
2012 | عشق دا ڪالما | دي اسڪيچز بينڊ |
2013 | مئين صوفي ھون | دي اسڪيچز بينڊ |
حوالا
[سنواريو]- ↑ "1st Hum Awards winners". حاصل ڪيل 15 March 2013.
- ↑ 2.0 2.1 "Evening of delightful dance". Dawn. حاصل ڪيل 30 December 2018.
- ↑ 3.0 3.1 3.2 "Following A New Rhythm Of Her Own: Meet Pakistani Dancer And Actress, Suhaee Abro". Women’s Web. حاصل ڪيل 30 December 2018.
Born and brought up in Karachi, Pakistan, her grandmother says, even before she could stand, she would move her body to the music that came from her father’s study. Now, after 22 years, she is a classical dancer, versed in Oddishi, Bharatnatyam and Kathak.
- ↑ 4.0 4.1 sumbul, Deneb. ""Dancing, acting and singing were always a part of me" – Suhaee Abro". NewsLine. حاصل ڪيل 30 December 2018.
Dancing, acting and singing were always a part of me. I started dancing when I was seven. When I was eight, Sheemaji made me act in a music video called Aseerzadi. I worked in telefilms, probably once a year, from the age of 12.
- ↑ Kamal, Nudrat. "Profile: Suhaee Abro". NewLine. حاصل ڪيل 30 December 2018.
- ↑ حوالي جي چڪ: Invalid
<ref>
tag; no text was provided for refs namedDawn2011