مواد ڏانھن هلو

سوھائي ابڙو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
سُھائي علي ابڙو سان ڀل نہ کائو.
سوھائي ابڙو
Suhaee Abro
رھائش ڪراچي
قوميت يپاڪستان
پيشو ڪلاسيڪل ۽ ماڊرن ڪانٽيپوريئري ڊانسر, اداڪارا
شھرت جو ڪارڻ سنجھا,
ماءِ پيور لينڊ
ماءُپيءُ عطيا دائود ۽ خدا بخش ابڙو


سُوھائي ابڙو (انگريزي ٻولي: Suhaee Abro) ھڪ پاڪستاني نچڻي (رقاصہ) ۽ اداڪارا آھي. ھيءَ نچڻ جي شعبي ۾ مھارت رکي ٿي ۽ ھڪ تربيت ماڻيل سلاسيڪل رقاصہ آھي. سوھائي ٽيليويزن ناٽڪ (ڊرامن) ٿيٽر، دستاويزي فلمن ۽ راڳ وڊيو (ميوزڪ وڊيوز) ۾ ڪم ڪندي آھي. ھن بھترين ٽيليويزن اوسان (سينسيشن) انعام (ناري) لاءِ پھريون ھم ايوارڊز 2013 ۾ کٽيو.[1] ھيءَ سنڌي شاعرا ۽ سرگرم ڪارڪن عطيا دائود جي ڌيءُ آھي.[2]

شروعاتي زندگي

[سنواريو]

سُھائي ڪراچيءَ ۾ ڄائي ۽ نپني ھئي.سندس ماءُ (عـطيا دائود) مشهور شاعرا آهي. هن جو پيءُ (خدا بخش ابڙو)، هڪ درشٽي سنٻنڌي ڪلاڪار (وزيوئل آرٽسٽ) آھي، جنھن کيس مختلف قسم جي عالمي راڳ (موسيقي) سان سُونھو ڪرايو.[3][2] ابڙو ست سال جي ڄمار کان ئي ڪلاسيڪل ڊانس جي سکيا ڪلاسيڪل ڊانسر شيما ڪرماني کان سکڻ شروع ڪئي ھئي ۽ اَٺ سال جي ڄمار ۾ پنھنجو پھريون ميوزڪ وڊيو ۾ پرفارم ڪيو ھيائين.ھن ٻارنھن ورھين جي ڄمار ۾ ٽيلي فلمن ۾ ڪم ڪرڻ شروع ڪيو.[4]

2010 ۾، ھڪ ڌَڪُ لڳڻ کانپوءِ پُڇ ھڏي (tailbone) ۾ وڍڪٽ (سرجري) جي ضرورت پئي، ابڙو جي ڊاڪٽر کيس چتاوڻي ڏني تہ ھوءَ ناچ نہ ڪري. ڇاڪاڻ تہ ھن پنھنجي اسڪول ۾ جھمر (ڊانس) ھڻڻ جو واعدو ڪيو ھيو، تنھنڪري، ابڙو اسٽيج جي ڪُنڊ ۾ ويھي پنھنجي ھٿ ۽ چھري کي اڳتي نِوڙائي (وَڌائي) ٻُڌندڙڏسندڙن (آڊيئنس) کان دادُ ماڻيو.[3]

نَو سال جي ڄمار ۾ ئي ابڙو کي مرگھي (بيھوشي جي بيماري، اپيلپسي) جي روڳ جي سُڃاڻپ ٿي.[4]

ڊانسر طور ڪيرئير

[سنواريو]

اڳ ئي انيڪ ميوزڪ وڊيوز ۾ پرفارم ڪرڻ کانپوءِ، ابڙو 2011 ۾ ڪراچي جي ٽي2ايف ۾ پنھنجي امڙ جون ڪُجھ ڪويتائون (شعر) تي پنھنجي پھرئين عوامي سولو پرفارمنس ڏني.[3] ابڙو ڀارتاناتايم ۾ مھارت ماڻي، ۽ ھن ڪَٿڪ ۽ اوڊيسي (Odisi) جھمر کي پڻ سکيو آھي، ھندستاني ڪلاسيڪي ناچ جي اَٺن قِسمن منجھان ٽن نمونن ۽ صوفي، لوڪ (فوڪ)، جديد/ھلندڙ دور سميت ڪلاسيڪي ناچ جي ٻين نمونن کي پڻ ۽ ڪوريوگرافنگ پڻ سکي آھي.سُھائي ابڙو گروپ نرتال جي بانين منجھان ھڪ آھي ۽ ان گروپ جي ناچ ھدايتڪار (ڊانس ڊائريڪٽر)/ فن پيش ڪندڙ ڪلاڪار (پرفارمنگ آرٽسٽ) پڻ آھي.[5]

ناچَ ۽ ڪوريوگرافي

[سنواريو]


سالڊانس پراڊڪشنڪوريوگرافڊ ۽ پروڊيوسڊ۾ پرفارم ٿيل
2001–2008ڪلاسيڪل ڊانس ڏيکاءُشيما ڪرمانيڪراچي
2008ھڪ ڪلاسيڪل ڊانس نائٽ, 'جوگالبنديشيما ڪرمانيڪراچي
2006–2011ھڪ ناچ ڊرامو ناٽڪ ناچ, 'رقص ڪرو' فھميدا رياض جي ڪويتا تي ٻَڌلشيما ڪرمانيڪراچي/لاھور/اسلام آباد/انڊيا
2008–2010ڊانس ناٽڪ ناچ (باليٽ) – آج رنگ ھيشيما ڪرمانيڪراچي/لاھور/اسلام آباد
2010بيڪ ٽو اور بيگننگس ' سھائي ابڙو ۽ رجب علي سيدڪراچي
2010پوائنٽ آف نو ريٽرنسوھائي ابڙو ۽ رجب علي سيدڪراچي
2011–2012اُڙان سي پھلي' (اُڏرڻ کان اڳ) A 60-منٽ سولو ڊانس ۽ ميوزڪ پرفارمنس, ناريواد (فيمنسٽ) شاعرا عطيا دائود جي ڪويتائن تي ٻَڌلسوھائي ابڙوڪراچي
2011خسرو النسل-نائو '- ممتاز صوفي شاعر ، حضرت امير خسرو جي سرجڻھار تي ٻڌل ناچ ۽ راڳ جي ڪارڪردگيسوھائي ابڙو ۽ نريتالڪراچي
2011فيض مکيا صدين جو پروگرامسوھائي ابڙو ۽ نريتالڪراچي
2013رقص ۾ ھئي سارا جھان – ورلڊ ڊانا ڊي سليبريشن 2013سوھائي ابڙو (ناچ جي ڪُجھ ٽُڪرن کي ناچ جي شرڪت ڪندڙن پاڻ ڪوريوگراف ڪيو)ڪراچي
2015لائسيم اسڪول جو ھرسال ٿيندڙ اردو ڊراموسوھائي ابڙودي لائسيئيم اسڪول ڪراچي

فلموگرافي

[سنواريو]


سالٽي وي ڊراموڪردارچينل
2006گڊيگڏيھم ٽي وي
2007شاليشاليھم ٽي وي
2007امتول ڪي گليماريا واسطي جي ڌيءُاي آر واءِ ڊجيٽل
2008ڀوپال والي بلڪيسمُنيھم ٽي وي
2009ميري بيٽيڪاليھم ٽي وي
2011سنجھاسنجھاھم ٽي وي
2012تم مجھ ۾ زندا ھونمرا بُچا جوڀن (ٽين ايج) ايڪسپريس انٽرٽينمينٽ
2012جشن ڪا دن ھيانشاايڪسپريس انٽرٽينمنٽ
2012انامتاانامتاھم ٽي وي اڃا نشر ناھي ٿيل)
2012ڪِس موسم ڪي تلاش مينعاشيھم ٽي وي
2013من ڪي موتيھناجيو TV</smallٽي وي>
2013ڪتني گرھين باقي ھينڪوملھم ٽي وي اڃا نشر ناھي ٿيو)
2013جنت ڪي جنتجنت(ناٽ ايئرڊ يئيٽ)
2016–2017 سنگ-ئي-مر مر راڪشي ھم ٽي وي
2017 يقين ڪا سفر نوري ھم ٽي وي
2017 منھنجي پاڪ زمين نازو

ٿيٽر

[سنواريو]
سالڊراموٿيٽر نالو/آرگنائزر/فيسٽيول
2007جني لاھور ناھي ويکيارافي پير پرفارمنگ آرٽس فيسٽول
2008فيملي فنڪشنفروئيبيل ايجوڪيشن سينٽر پاڪستان آرٽس ڪائونسل سينٽر)
2008 اي ٿنگ آف بيوٽي باءِ چارلس ڪريفروئيبيڪ ايجوڪيشن سينٽر (پاڪستان آرٽس ڪائونسل سينٽر)
2011جنگ اب ناھي ھوگيتحريڪ-اي-نسوان
2011کسرو نسل-ي-نئونريتال گروپ
2011اُڙان سي پيھلئيدي سيڪنڊ فلور (ٽي2ايف), ڪراچي[6]
2012ڪافڪا نيشنل اڪيڊمي آف پرفارمنگ آرٽس (ناپا) فيسٽول

ميوزڪ وڊيوز

[سنواريو]


سالميوزڪ وڊيوبينڊ/سَڀا
2002اسير شھزادي' ناريواد شاعرا، فھميدا رياض جي ڪويتا (شاعري) تي ٻَڌلتحريڪ-نسوان (شيما ڪرماني)
2012عورت اور مرد برابر ھين' ناريواد شاعرا، فھميدا رياض جي ڪويتا (شاعري) تي ٻَڌل تحريڪ-نسوان (شيما ڪرماني)
2012عشق دا ڪالمادي اسڪيچز بينڊ
2013مئين صوفي ھوندي اسڪيچز بينڊ

حوالا

[سنواريو]
  1. "1st Hum Awards winners", حاصل ڪيل 15 March 2013۔
  2. 1 2 "Evening of delightful dance", Dawn, 6 March 2011, حاصل ڪيل 30 December 2018۔
  3. 1 2 3 "Following A New Rhythm Of Her Own: Meet Pakistani Dancer And Actress, Suhaee Abro", Women’s Web, 17 February 2016, حاصل ڪيل 30 December 2018, "Born and brought up in Karachi, Pakistan, her grandmother says, even before she could stand, she would move her body to the music that came from her father’s study. Now, after 22 years, she is a classical dancer, versed in Oddishi, Bharatnatyam and Kathak."
  4. 1 2 sumbul, Deneb (2018), ""Dancing, acting and singing were always a part of me" – Suhaee Abro", NewsLine, حاصل ڪيل 30 December 2018, "Dancing, acting and singing were always a part of me. I started dancing when I was seven. When I was eight, Sheemaji made me act in a music video called Aseerzadi. I worked in telefilms, probably once a year, from the age of 12."
  5. Kamal, Nudrat (January 2012), "Profile: Suhaee Abro", NewLine, حاصل ڪيل 30 December 2018۔
  6. حوالي جي چڪ: Invalid <ref> tag; no text was provided for refs named Dawn2011