سيد محمد مڪي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
محمد مڪي شاھ بن شجاع الدين
سيد ھاشمي، شير سوار
1
سيد محمد مڪي جو مقبرو
پيدائش محمد
1145
مڪو
وفات 1246 (aged 101)
بکر, سنڌ، پاڪستان
مدفن سکر ۾ ڪليڪٽري لڳسنڌ
رھائش بکر( موجودهسکر)
ٻيا نالا سيد محمد مڪي رضوي بکري
شھرت جو ڪارڻ عالم دين
لقب سيد
مخالف عباسي ۽ ايوبي
جيون ساٿي سيد جلال الدين سرخ پوش بخاري
ٻار ٻچا سيد صدرالدين
سيد بدرالدين
سيد ماھ
سيد شمس
ماءُپيءُ سيد محمد شجاع الدين
رشتيدار جلال الدين سرخ پوش بخاري
شھاب الدين ابو حفص عمر سھروردي



سيد محمد مڪي سندس والد سيد محمد شجاع، اصلمشهد جي ويٺل هو.

تفصيلي احوال[سنواريو]

سيد شجاع مشهد مان نڪري سير ڪندو بغداد آيو. سهروردي سلسلي جي باني شيخ شهاب الدين عمر سهروردي (وفات 1234ع) جو مريد ٿيو، ۽ ان جي نياڻيءَ سان سندس شادي ٿي. اتان ٿي مڪي شريف آيو، جتي کيس محمد مڪي ڄائو. سيد محمد شجاع موٽي مشهد آيو ۽ اتي وفات ڪيائين. امام موسيٰ رضا جي مقبري ۾ مدفون ٿيو. سندس فرزند سيد محمد مڪي بکر ۾ اچي سڪونت اختيار ڪئي. سندس مزار سکر ۾ ڪليڪٽريءَ لڳ آهي. سندس فرزند شاهه صدر الدين به وڏو بزرگ ٿي گذريو آهي. سندس مزاربکر ٻيٽ ۾ آهي. شاهه صدر الدين جو فرزند سيد بدر الدين به وڏو بزرگ ٿيو. سيد جلال سرخ بخاري جڏهن بکر ۾ آيو، ته کيس پنهنجي نياڻي نڪاح ۾ ڏنائين. سيد جلال ڪجهه وقت بکر ۾ رهي، پوءِ اُچ ويو. هن خاندان مان ٻيا به ڪيترائي بزرگ ٿيا، جهڙوڪ: سيد علاؤ الدين بن سيد محمد مڪي، سيد موسيٰ بن سيد علاؤ الدين، سيد شهاب الدين بن سيد موسيٰ، سيد علاؤ الدين بن شهاب الدين، سيد حيدر حقاني( مدفون روهڙي)، مير ميران رضوي، سيد يعقوب، سيد صادق علي، سيد نظام ولد ناصر، مير جعفر، مير سعيد خان، مير قلندر علي وغيره. هي خاندان پوءِ بکر مان لڏي اچي روهڙيءَ ۾ رهيو، ۽ اڃا تائين سندن پويان روهڙيءَ ۾ رهن ٿا ۽ رضوي سيد سڏيا وڃن ٿا.[1] بکر جي رضوي خاندان جو وارث سيد محمد مڪي بکري جا وڏا يمن جي حاڪم گهراڻي مان هئا ۽ سيد محمد اتان جهاد ڪارڻ ٽن هزار سوارن سان گڏ ناصر الدين قباچي جي دؤر ۾ بکر آيو. اچ ۾ سندن مزار مبارڪ هر عام ۽ خاص جي ڌيان جو مرڪز بڻيل آهي. سيد محمد مڪي جي اولاد مان سيد شمس الدين ۽ سيد ماه مشهور بزرگ گذريا آهن. سيد شمس، بهاءُ الدين زڪريا ملتاني کان باطني فيض ورتو ۽ سلطان ناصر الدين محمود بن التمش جي زماني ۾ جهونسي (الہ آباد) ويا جتي سندن محنت سان ڪيترائي هندو مسلمان ٿيا. انهن جو پٽ شاهه تقي الدين به وڏو بزرگ هو. سيد محمد مڪي جي اولاد مان سيد مير محمد ثاني بکري سياحت خاطر جونپور ويو ۽ اتي مخدوم شيخ منجي شطاري جي ڌي سان شاديءَ ڪيائين. سندن مزار جونپور جي ڳوٺ ڪمالپور ۾ آهي.[2]. رحيمداد خان مولائي شيدائي مطابق ھي برصغير جي رضوي ساداتن جو ڏاڏو ھيو ۽ سندس جي قبر ڊپٽي ڪمشنر سکر جي بنگلي جي ڏکڻ طرف چوديواري اندر آهي. غلام سلطان ناصر الدين محمود جي ڏينهن ۾ 1260ع مشهد مقدس کان سکر ۾ قيام فرمايو. قبر جي دروازي جي پيشاني تي ڪاشيءَ جي سر تي جيڪو ڪتبو لڳل آهي، تنهن جي عبارت هن طرح آهي:

”تعويذ قبر حضرت قطب الاقطاب سلطان العارفين اميرالمومنين سيد محمد مڪي بن سيد شجاع نور الله مفجعه بن سيد ابراهيم بن سيد قاسم بن سيد زين بن سيد حمزه بن سيد هارون بن سيد عقيل بن سيد اسماعيل بن امير المومنين سيدنا جعفر ثاني بن امام علي نقي بن امام محمد تقي بن امام شان علي بن موسيٰ رضا بن موسيٰ ڪاظم بن امام جعفر صادق بن امام محمد باقر بن امام زين العابدين بن امام حسين بن حضرت امير المومنين امام المشارق المغارب اسد الله الغالب علي بن ابي طالب رضي الله تعاليٰ عنهم.“ هن ڪتبي مان اها خبر پئجي سگهي ٿي ته سيد محمد مڪي، شيخ الشيوخ شهاب الدين سهرورديءَ جو ڏوهٽو هو. ڪتبي جي عبارت جا ڪي اکر ڊٺل آهن. سندن اولاد سکر روهڙيءَ کان علاوه ٺٽي ۽ نصرپور تائين پکڙجي ويو. چنانچه نصرپور جو مشهور شاعر شاهه عنايت رضوي سندن اولاد مان هو. سيد محمد مڪي سکر جي برڪت واري زمين کي وطن جوڙي هتي خاڪ پاڪ ۾ آرامي آهي. سندن وفات جي سال جي خبر نٿي پوي پر هر سال عرس جي موقعي تي ميلو لڳي ٿو. سکر جي مشهور زيارتگاهن مان آهي. تقسيم هند کان پوءِ سکر جي ميمڻ گرين شاپ جي سيٺ قبر مٿان هڪ سيمنٽ جي باره دري تعمير ڪرائي آهي ref>.[3].

حوالا[سنواريو]

  1. سنڌ جا سهروردي بزرگ--ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي؛ رسالو:مهراڻ؛ 1984جلد 33 ڇپيندڙ: سنڌي ادبي بورڊ
  2. { http://www.sindhiadabiboard.org/catalogue/History/Book7/Book_page13.html.  Missing or empty |title= (مدد)ڪتاب جو نالو ؛ سنڌ جي تاريخ مصنف؛ اعجاز الحق قدوسي ايڊيشن؛ پهريون 2007ع ڇپيندڙ؛ مهراڻ اڪيڊمي }
  3. ڪتاب جو نالو ؛ تاريخ سکر :مصنف؛ رحيمداد خان مولائي شيدائي ؛ڇاپو: پهريون سال؛ 1992ع ڇپائيندڙ؛ سنڌي ادبي بورڊ