سوران واري امارت

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
سوران واري امارت جو جھنڊو
سوران واري ڪردن جي امارت 1835 ۾ نقشو

سوران(انگريزي: Soran ) ڪردن جي سني مسلم رياست جيڪا موجوده عراقي ڪردستان واري ھنڌ واقع ھئي. چوڻ ۾ اچي ٿو تہ ھي رياست عثماني خلافت کان آزاد ٿي ۽ ان جو باني ڪولاس (Kulos) چوڻ ۾ اچي ٿو. پر جلد ئي 1530 واري ڏھاڪي ۾ ايران جي صفوي حاڪم ان تي قبضو ڪيو ۽ بعد ۾ وري عثماني خلافت ۾ نيم خودمختيار رياست جي حيثيت ۾ شامل ڪئي وئي ۽ ان وقت کيس شھر زور اياليت چوندا ھيا. ھڪ دفعو ٻيھر عثماني خلافت کان آزاد ٿي پر 1835 م خلافت وري ان کي مغلوب بڻايو . ھن امارت يا رياست جو گاديءَ جو هنڌ گھڻي ڀاڱي روانديز (Rawandiz) جو شھر ھيو پر اميرن جو وڏو تعداد تنھن ھوندي بہ شقلاوا (انگريزي: Shaqlawa ) شھر ۾ رھندڙ ھيو.[1] 1530 عيسويءَ واري ڏھاڪي ۾ جڏهن سليمان اعظم بغداد تي قبضو ڪيو تہ ھن سوران جي امير کي ڦاھي ڏئي يزيدي حسين بيگ کي اربيل جو گورنر مقرر ڪيو پر سوران جي مارجي ويل امير جي سؤٽ حسين بيگ جي غير موجودگيءَ م اربيل واپس قبضي ۾ ورتو پر ٿوري وقت بعد سوران استنبول اڏو پيش پيو. [2]

حوالا[سنواريو]

حوالا[سنواريو]