مواد ڏانھن هلو

سنڌ پريميئر ليگ

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
سنڌ پريميئر ليگ
مُلڪ پاڪستان
فارميٽٽي20
پهريون ايڊيشن2023
ٽيمن جو انگ6
ويبسائيٽwww.spl20.com

سنڌ پريميئر ليگ (مختصر طور ایس پی ایل ) هڪ پيشيور ٽوينٽي 20 ليگ آهي جنهن ۾ سنڌ صوبي جي ڇهن شهرن جي نمائندگي ڪندڙ ڇهه ٽيمون شامل آهن. سنڌ پريمييير ليگ جي مهورت 2023 ۾ ڪئي وئي. [1] [2] [3]

سنڌ پريميئر ليگ مُندَ جو پهريون سيزن 25 جنوري کان 05 فيبروري تائين شروع ٿي ويو آهي. [4]

تاريخ

[سنواريو]

بنياد

[سنواريو]

جون 2022ع ۾ سنڌ جي مڪاني ادارن واري صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه اعلان ڪيو ته تُرت ڪشميري هم منصب کان متاثر ٿي سنڌ لاءِ گهرو ڪرڪيٽ ٽيم ٺاهي ويندي. [5] ۽ تُرت ئي، ايندڙ سال مارچ ۾، سنڌ اسيمبلي جي آڊيٽوريم ۾ هڪ گڏجاڻي رکي وئي[6]، جنهن ۾ شاهد آفريدي ۽ عبدالرزاق مهمان هئا. جنهن ۾ پڌرنامو جاري ڪيو ويو ته ايس پي ايل جو پهريون سيزن ڪراچي ۾ کيڏيو ويندو. [7] ليگ کي سرڪاري طور تي شروع ڪيو ويو ۽ ان جي ڪم کي مارچ جي ساڳئي مهيني ۾ پورو ڪيو ويو، جنهن جي مهورت سنڌ جي وڏي وزير ڪراچي ۾ هڪ گڏجاڻيءَ ۾ ڪئي[8][9][6]، جنهن ۾ صوبائي وزيرن شرجيل انعام ميمڻ [10] سعيد غني [11] شرڪت ڪئي. ، قانوني صلاحڪار بيريسٽر مرتضيٰ وهاب ، پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جو اڳوڻو ڪپتان سرفراز احمد ۽ ٻيا ڪيترائي پڻ ان گڏجاڻيءَ ۾ شريڪ هئا. [12] اڳوڻي پاڪستاني ڪرڪيٽر شاهد آفريدي کي ايس پي ايل جو پهريون ڇاپ سنديسي (برانڊ ايمبيسيڊر) مقرر ڪيو ويو. [11][6]

ٽيمون

[سنواريو]

سنڌ پريميئر ليگ ۾ هيننئر 6 ٽيمون شامل آهن: جن ۾ ڪراچي غازي، حيدرآباد بهادر، بينظير آباد لال، سکر پيٽرياٽس، ميرپورخاص ٽائيگرز ۽ لاڙڪاڻو چيلنجرز جون ٽيمون آهن.

ٽيم صوبي ۾ تقسيم قائم ڪيل
ڪراچي جا غازي ڪراچي 2023
حيدرآباد بهادر حيدرآباد 2023
بينظير آباد لال بينظيرآباد 2023
سکر پيٽرياٽس سکر 2023
ميرپورخاص ٽائيگرز ميرپورخاص 2023
لاڙڪاڻو چيلنجرز لاڙڪاڻو 2023

نشريات

[سنواريو]

سنڌ پريمير ليگ جي صدر عارف ملڪ چيو ته هي ليگ 52 ملڪن ۾ نشر ٿيڻ واري آهي. [11]

پڻ ڏسو

[سنواريو]

حوالا

[سنواريو]
  1. "Sindh Premier League launched". The Express Tribune (انگريزي ۾). 2023-03-02. 2023-03-02 تي حاصل ڪيل.
  2. Web Desk (2 March 2023). "Shahid Afridi and Abdul Razzaq launched Sindh Premier League". BolNews.pk. 2 March 2023 تي حاصل ڪيل.
  3. Essa, Sheroz (2023-03-02). "Razzaq & Afridi Launched Sindh Premier League With Six Franchises". Parhlo (آمريڪي انگريزي ۾). 2023-03-02 تي حاصل ڪيل.
  4. "SPL - Sindh Premier League - #JeetJoRang" (آمريڪي انگريزي ۾). 2023-03-26 تي حاصل ڪيل.
  5. Web Desk (8 June 2022). "Sindh Premier League on the cards: Nasir Hussain Shah". PakistanToday.pk. 2 March 2022 تي حاصل ڪيل.
  6. 1 2 3 "سنڌ پريميئر ليگ جي رونمائي تقريب منعقد". Daily Sindhyar (آمريڪي انگريزي ۾). 2023-03-01. 2023-05-18 تي حاصل ڪيل.
  7. "Afridi, Razzaq launch Sindh Premier League". www.geosuper.tv (آمريڪي انگريزي ۾). 2023-03-02 تي حاصل ڪيل.
  8. Moderator, The Time News (2023-03-22). "سنڌ پريميئر ليگ شروع، انتظام اڻپورا، شيڊيول جاري نه ٿيو، عوام ۽ ميڊيا بيخبر". The Time News (آمريڪي انگريزي ۾). 2023-05-18 تي حاصل ڪيل.
  9. "سيد مراد علي شاهه سنڌ پريميئر ليگ جو افتتاح ڪري ڇڏيو - Awami Awaz" (اردو ۾). 2023-03-21. 2023-05-18 تي حاصل ڪيل.
  10. "CM Sindh Shah launches province's first-ever cricket league". www.geosuper.tv (آمريڪي انگريزي ۾). 2023-03-23 تي حاصل ڪيل.
  11. 1 2 3 Staff Report (2023-03-21). "Sindh Premier League launched by CM". Minute Mirror (آمريڪي انگريزي ۾). 2023-03-23 تي حاصل ڪيل.
  12. Reporter, The Newspaper's Staff (2023-03-22). "Sindh Premier League launched". DAWN.COM (انگريزي ۾). 2023-03-23 تي حاصل ڪيل.

ٻاهريان ڳنڍڻا

[سنواريو]