سرٿامس اسٽئمفورڊ رئفلس

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

سرٿامس اسٽئمفورڊ رئفلس
 

معلومات شخصيت
ڄم 6 جُولاءِ 1781[1][2][3][4][5]  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو تاريخ ڄم (P569) وڪي ڊيٽا تي
جميڪا[6]  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو مقام ڄم (P19) وڪي ڊيٽا تي
موت 5 جُولاءِ 1826 (45 سال)[1][7][2][3][8][4][5][9]  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو تاريخ موت (P570) وڪي ڊيٽا تي
لنڊن  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو مقام موت (P20) وڪي ڊيٽا تي
وجه موت اڌ رنگ  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو cause of death (P509) وڪي ڊيٽا تي
مدفن لنڊن  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو مقام دفن (P119) وڪي ڊيٽا تي
رهائش لنڊن  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو رهائش (P551) وڪي ڊيٽا تي
شھريت عظيم برطانيا ۽ آئرلينڊ جي گڏيل بادشاھت  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو شهريت (P27) وڪي ڊيٽا تي
رڪن رائل سوسائٽي  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو member of (P463) وڪي ڊيٽا تي
عملي زندگي
پيشو سياستدان  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو پيشو (P106) وڪي ڊيٽا تي
ڪم جي ٻولي انگريزي ٻولي[10]  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو languages spoken, written or signed (P1412) وڪي ڊيٽا تي
اعزازات
رائل سوسائٽي فيلو  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو award received (P166) وڪي ڊيٽا تي

سرٿامس اسٽئمفورڊ رئفلس 6 جولائي 1781ع تي ڄائو. سندس پيءُ مرچنٽ نيويءَ جي جهاز جو ڪئپٽن هو. هڪ دفعي هو پنهنجي زال سان گڏ ويسٽ انڊيز کان انگلينڊ موٽي رهيو هو ته رستي تي سمنڊ جي جهاز تي ئي رئفلس ڄائو. ريفلس جا ماءُ پيءُ ايترا امير نه هئا. سندن مٿان ايڏا قرض چڙهيل هئا جو هن جو ٻاروتڻ ڪو سک جي زندگيءَ ۾ نه گذريو.

زندگي[سنواريو]

سر ٿامس اسٽئمفورڊ رئفلس (انگريزي ٻولي: Sir Thomas Stamford Raffles) جيتوڻيڪ پنهنجي زندگي انگلينڊ جي ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ ۾ ڪلارڪيءَ سان شروع ڪئي ۽ ان خيال کان تمام اهم شخصيت ٿي گذريو آهي، جو اڳتي هلي هن انگريزن جي سلطنت يعني برطانوي راڄ کي وڌايو ويجهايو، خاص ڪري ڏور اوڀر جي ملڪن ۾. اهو رئفلس ئي هو، جنهن 1918ع ۾ سنگاپور جي ٻيٽ کي انگريز حڪومت لاءِ هٿ ڪيو، جتان انگريز سرڪار کي چين ۽ اوسي پاسي جي ملڪن جي واپار وڙي تي ڪنٽرول رکڻ ۾ سولو ٿي پيو. اڄ جو ماڊرن سنگاپور سر اسٽئمفورڊ رئفلس جي اچڻ کان پوءِ وڌڻ شروع ٿيو.

چوڏهن سالن جي عمر ۾ رئفلس کي اسڪول ڇڏڻو پيو ۽ پنهنجي ماءُ ۽ چئن ڀيڻن جو پيٽ پالڻ لاءِ کيس ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ جي انگلينڊ واري آفيس ۾ ڪلارڪ ٿي ڪم ڪرڻو پيو. جيتوڻيڪ رئفلس جي بنيادي تعليم ڪجهه به نه هئي، پر پوءِ واندڪائيءَ ۾ سائنس ۽ تاريخ جا ڪتاب پڙهي پڙهي بيحد قابل ٿي ويو. ان کا سواءِ ڪيترين ئي زبانن تي عبور حاصل ڪري ورتائين. آفيس اندر توڙي آفيس کان ٻاهر هن جو نالو ايڏو روشن ٿيو جو ٽيويهن ورهين جي ڄمار ۾ کيس پينانگ، انگريزن جي نئين ٺهيل حڪومت ۾ اسسٽنٽ سيڪريٽري ڪري رکيو ويو. پينانگ، ملاڪا نار ۾ هڪ اهم ٻيٽ آهي، جنهن تي انگريزن جو قبضو گهڻو وقت اڳ ٿي چڪو هو.

پينانگ ۾ پهچي رئفلس هتي جون مقامي زبانون سکڻ جي مهم قائم رکي ۽ ان سان گڏ هن ملايا جي ماڻهن جي رهڻيءَ ڪهڻيءَ جو ڏاڍو ڳوڙهو اڀياس ڪيو. هي جي ان قابليت جي خبر لارڊ منٽوءَ کي پيئي، جيڪو ان وقت انڊيا جو گورنر هو. هي اهو وقت هو، جڏهن فرانس جو نيپولين بونا پارٽ، ڊچن جي قبضي هيٺ آيل انڊونيشي ٻيٽ جاوا کي استعمال ڪري، چين ڏي ويندڙ انگريزن جي جهازن کي نقصان پهچائي رهيو هو. ڊچن جي قبضي ۾ آيل ٻيٽ جاوا کي فرينچن جي اثر مان ڪڍڻ لاءِ لارڊمنٽو، رئفلس کي ملاڪا ۾ رهي الڳ ڪم ڪرڻ لاءِ مقرر ڪيو ۽ سندس ڪم مان ايڏو متاثر ٿيو جو جاوا تي قبضو ڪرڻ وقت هن کيس ساڳي جهاز تي پاڻ سان گڏ رکيو. هيءَ 1811ع جي ڳالهه آهي.

لارڊ منٽو جي نظرن ۾ رئفلس هوشيار، چست ۽ انصاف پسند ته اڳهين هو، هاڻ جهاز تي گڏ رهڻ کان پوءِ هن ڏٺو ته رئفلس انتظامي ۽ حڪومتي ڪاروبار هلائڻ ۾ تمام ذهين آهي. ان ڪري پوءِ ۾ هن کي جاوا ٻيٽ جو ليفٽيننٽ گورنر مقرر ڪري پاڻ واپس ڪلڪتي، هندستان موٽيو.

رئفلس جاوا ۾ چار پنج سال رهيو، جتي هن مقامي ماڻهن جي ڏاڍي خدمت ڪئي، جيتوڻيڪ اتي سندس صحت ڏاڍي خراب ٿي پئي ۽ ان دوران زال جي مري وڃڻ جي ڪري پڻ کيس صدمو رسيو. انهن ئي ڏينهن ۾ لارڊ منٽو به مري ويو، جنهن جو کيس وڏو ڏڍ هو. آخر 1816ع ۾ جڏهن هو پنجٽيهن سالن جو هو کيس انگلينڊ واپس سڏايو ويو. اتي کيس ڪجهه سرڪاري ۽ شهنشاهي خطاب ڏنا ويا. ڪجهه سالن کان پوءِ کيس وري ڏور اوڀر ڏانهن موڪليو ويو. هن ڀيري کيس سماترا جي ڀر ۾ هڪ ننڍڙي ٻيٽ بينگڪولو (انگريزي ٻولي: Bengkulu) تي ليفٽيننٽ گورنر ڪري رکيو ويو. جيڪو هڪ گهٽ اهميت وارو بندرگاهه هو، جيڪو ڪارن مرچن جي واپار کان مشهور هو.

رئفلس ان ٻيٽ ڏانهن ويندي وقت، ڪلڪتي ۾ ان وقت انڊيا جي گورنر، جنرل لارڊ هئسٽنگس سان ملاقات ڪئي ۽ کيس ڏور اوڀر ۾ ڏينهون ڏينهن انگريزن جي طاقت ۽ واپار جي گهٽجڻ کي روڪڻ لاءِ اپاءَ سمجهايا ۽ کيس اهو پڻ ٻڌايائين ته کين ڪو اهڙو هنڌ ڳولي قبضي ۾ ڪرڻ گهرجي، جتان چين پاسي توڙي هندستان ۽ جاوا سماترا وارن علائقن تي نظر رکي سگهجي، ڇو جو انهن پاسن وارا تڙ، گهاٽ ۽ سامونڊي رستا انگريزن جي واپار وڙي لاءِ صحيح ۽ سلامتيءَ وارا آهن. گورنر جنرل لارڊ هئسٽنگس ان ڪم لاءِ رئفلس کي هڪدم اجازت ڏني. ان بعد رئفلس ملايا پهچي اهڙي ڪنهن جاءِ جي ڳولا ۾ لڳي ويو. آخر ڪار سن 1819ع ۾ ملاڪا نار جي پوڇڙ وٽ هن کي هڪ ننڍڙو ٻيٽ ان ڪم لاءِ بهتر لڳو، جتي ان وقت ڪي چند ملئي مهاڻا سمنڊ جي ڪناري وٽ رهيل هئا. اهو ٻيٽ اڄ وارو سنگاپور هو. ائين رئفلس سڄي ڏور اوڀر تي نظر رکڻ لاءِ هن ٻيٽ يعني سنگاپور کي مرڪز مقرر ڪيو. جيتوڻيڪ پاڻ بينگڪولو پڻ ويو. جنهن لاءِ انگلينڊ کان مقرر ٿي آيو هو. پر اتي ٽي سال رهي 1822ع ۾ وري سنگاپور جي بندرگاهه ڏانهن سڌاريائين.

1824ع ۾ رئفلس هميشه لاءِ انگلينڊ موٽي ويو. پاڻ ملايا جي تاريخ ۽ تهذيب جي لکڻين ڪري به مشهور آهي ۽ لنڊن وارو جانورن جو باغ ٺهرائڻ جي حوالي سان پڻ مشهور آهي، جيڪو هن انهن ڏينهن ۾ لنڊن پهچي ٺهرايو ۽ جنهن جو پاڻ پهريون چونڊيل صدر ٿي رهيو.

لاڏاڻو[سنواريو]

5 جولائي 1926ع ۾ برين ٽيومر ڪري ديهانت ڪري ويو. [11][12][13]

  1. 1.0 1.1 اجازت نامو: Creative Commons CC0 License
  2. 2.0 2.1 Encyclopædia Britannica Online ID: https://www.britannica.com/biography/Stamford-Raffles — subject named as: Sir Stamford Raffles — اخذ شدہ بتاریخ: 9 آڪٽوبر 2017 — عنوان : Encyclopædia Britannica
  3. 3.0 3.1 SNAC ARK ID: https://snaccooperative.org/ark:/99166/w6ht2nnw — subject named as: Stamford Raffles — اخذ شدہ بتاریخ: 9 آڪٽوبر 2017
  4. 4.0 4.1 The Peerage person ID: https://wikidata-externalid-url.toolforge.org/?p=4638&url_prefix=https://www.thepeerage.com/&id=p21393.htm#i213925 — subject named as: Thomas Stamford Bingley Raffles — اخذ شدہ بتاریخ: 9 آڪٽوبر 2017 — مصنف: Darryl Roger Lundy — خالق: Darryl Roger Lundy
  5. 5.0 5.1 Bibliothèque nationale de France ID: https://catalogue.bnf.fr/ark:/12148/cb140621837 — subject named as: Thomas Stamford Raffles — مصنف: Bibliothèque nationale de France — عنوان : اوپن ڈیٹا پلیٹ فارم — اجازت نامو: Open License
  6. Two Scientific Worthies — مصنف: Harrison Allen — جلد: 50 — صفحہ: 80-89 — شائع شدہ از: Popular Science
  7. Thomas Stamford Raffles
  8. Find a Grave memorial ID: https://www.findagrave.com/memorial/5971233 — subject named as: Thomas Stamford Raffles — اخذ شدہ بتاریخ: 9 آڪٽوبر 2017
  9. subject named as: (Thomas) Stamford Raffles — عنوان : Raffles, (Thomas) Stamford — شائع شدہ از: Grove Art Online — https://dx.doi.org/10.1093/GAO/9781884446054.ARTICLE.T070563
  10. http://data.bnf.fr/ark:/12148/cb140621837 — اخذ شدہ بتاریخ: 10 آڪٽوبر 2015 — مصنف: Bibliothèque nationale de France — اجازت نامو: Open License
  11. سنگاپور ويندي ويندي (الطاف شيخ) | سنڌ سلامت ڪتاب گهر, وقت 2017-09-11 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 2016-07-29 
  12. Stamford Raffles - Wikipedia
  13. سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام