سرائي عالمگير
Sarai Alamgir سرائي عالمگير | |
---|---|
شھر | |
درياء جھلم تي سرائي عالمگير لڳ ھڪ پل | |
پاڪستان ۾ مقام | |
جاگرافي بيهڪ: 32°54′N 73°45′E / 32.900°N 73.750°E | |
ملڪ | پاڪستان |
صوبو | پنجاب |
ضلعو | گجرات ضلعو |
ٽائون | 4 |
يونين ڪاؤنسلون | 7 |
آبادي | |
• ڪل | 350, 288 (estimated as per March 2,016). |
سرائي عالمگير(انگريزي: Sarai Alamgir) (اردو ۽ پنجابي:سرائے عالمگیر) پاڪستان جي صوبي پنجاب جي گجرات ضلعي جي ھڪ تحصيل جو صدر مقام آهي جنھن جي آبادي 1998 ۾ 175,288 ھئي . تحصيل جي پکيڙ 575 چورس ڪلوميٽر آهي جنھن ۾ ھي شھر درياء جھلم جي ڪناري تي واقع آهي ۽ سندس اوڀر ۾ اپر جھلم ڪئنال آھي. ھن شھر کي ميونسپلٽي جو درجو 1976 ۾ مليو.لوڪل گورنمينٽ آرڊيننس 2001 جي لاڳو ٿيڻ سان ان کي تحصيل ميونسپل ايڊمنسٽريشن جو نالو ڏنو ويو.[1]
جاگرافي۽ موسم
[سنواريو]سرائي عالمگير جو دنيا جي نقشي ۾ مقام 32°54′00″N 73°45′00″E / 32.90000°N 73.75000°E (32.900000, 73.750000) واري جاء تي آهي. ھن شھر جي آبهوا وچولي آھي اونھاري ۾ گرميءَ جو پد تمام ٿوري عرصي تائين وڌ ۾ وڌ 45 سينٽي گريڊ تائين ھوندو آھي ۽ سياري ۾ و 2 سينٽي گريڊ تائين ھيٺ ڪرندو آھي. ھي شھر جھلم شھر جي ڏکڻ ۾ درياءُ جھلم جي ٻئي پار تي واقع آهي. ھن شھر جي اتر طرف ميرپوري ۽ ڀمبر واقع آھن. ڏکڻ ۾ منڊي بھاول الدين ۽ رسول نالي شھر آھن.[2]
تاريخ
[سنواريو]سرائي عالمگير جو علائقو تمام قديم دؤر کان آباد آهي ۽ سنڌو ماٿري ۽ گنڌارا تھذيبن جو حصو رھيو آھي. سڪندر اعظم ۽ راجا پورس جي وچ ۾ ھائدسپيس واري جنگ(Battle of the Hydaspes) پڻ ھن شھر جي ڀرسان لڳي ھئي.[3] ھن شھر جي ڪنھن جاء تي ھڪ سراء ھوندي ھئي جتي مسافر آرام ڪندا ھيا. ان جو وقوع گرينڊ ٽرنڪ روڊ تي درياء جي ۽ ڪشمير جي لڳ ھجڻ ڪري اورنگزيب عالمگير اتي ھي شھر قائم ڪرايو.
ھن شھر جي اھميت ھتي ڪنگ جارج V رايل انڊين ملٽري اسڪول قائم ٿيڻ سان وڌي وئي جيڪو 3 مارچ 1922 ۾ قائم ٿيو ۽ برٽش انڊيا جي ٽوٽل چئن ڪيڊٽ اسڪولن مان ھڪ ھيو. پاڪستان ٺھڻ کان پوءِ ھن جو نالو ملٽري ڪاليج جھلم رکيو ويو جيڪو پاڪستان جي سڀ کان پراڻن ادارن ۾ شامل آھي.[4]
يونين ڪاؤنسلون
[سنواريو]ھن تعلقي جون 9 يونين ڪاؤنسلون آهن جيڪي 1998 واري آدمشماريءَ سان ھيٺ ڏجن ٿيون:
- منڊي بھاول : 18,960
- ڀاگ نگر : 17,282
- ڪاريالا : 20,531
- سمبلي : 21,936
- کوھار : 32,486
- سراء عالمگير (I):
17,271
- سراء عالمگير (II):
19,895
- ٿل باڪوھل : 18,574
- بائسا : 20,353
حوالا
[سنواريو]- ↑ http://tmasaraialamgir.com/History.html آرڪائيو ڪيا ويا 2016-11-04 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين., Tehsil Municipal Administration (TMA) Sarai Alamgir town, District Gujrat, Punjab, Pakistan, Published in 2007, Retrieved 3 Aug 2016
- ↑ http://www.maplandia.com/pakistan/punjab/jhelum/sarai-alamgir/, Detailed satellite map of Sarai Alamgir and its nearby places, Retrieved 3 Aug 2016
- ↑ http://www.livius.org/articles/battle/hydaspes/?, Battle between Alexander the Great and Porus near Sarai Alamgir and Jhelum area on livius.org website, Retrieved 4 Aug 2016
- ↑ http://militarycollege.edu.pk/new/, Military College, Jhelum website, Retrieved 9 Aug 2016