ساحر لڌيانوي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
ساحر لڌيانوي Sahir Ludhianvi

2013 اسٽام جنهن ۾ ساحر لڌيانوي انڊيا پوسٽ پاران ڇپيل آهي
پيدائش عبدالحئي
08 مارچ 1921(1921-03-08)
لڌيانا, پنجاب, برٽش انڊيا
وفات 25 آڪٽوبر 1980 (عمر 59 سال)
بمبئي, مهاراشٽر, انڊيا
ڌنڌو شاعر، ڪهاڻيڪار ۽ ليکڪ
ادبي تحريڪ ترقي پسند اديبن جي تحريڪ
ايوارڊ پدم شري ۾ ايوارڊ 1971
فلم فيئر ايوارڊ 1964ع ۽ 1977ع ۾

عبدالحئي (08 مارچ 1921ع، 25 آڪٽوبر 1980ع)، ساحر لُڌيانوي جي قلمي نالي سان مشھور، ھندوستاني شاعر ۽ فلمي گيت نگار، جنھن اردو ۽ ھندي ٻوليءَ ۾ لکيو.[1]

جيون ڪٿا[سنواريو]

شروعاتي زندگي ۽ تعليم[سنواريو]

ساحر 08 مارچ 1921ع تي، ڳاڙھن پٿرن واري حويلي، ڪريم پورا، لڌيانيا، پنجاب، انڊيا ۾ مسلمان زميندار گهراڻي ۾ پيدا ٿيو[2]. اِھو ئي ڪارڻ آھي جو ھن پنھنجي نالي جي پڇاڙيءَ ۾ لُڌيانوي لڳائڻ شروع ڪيو. ھن جي ماءُ سردار بيگم پنھنجي مُڙس کي ڇڏي ڏنو، جنھن ڪري سندس شاديءَ مان حاصل ٿيل مالي اثاثن تي دعويٰ جو حق ضايع ٿي ويو. 1934ع ۾ ساحر جي پيءَ ٻيھر شادي ڪئي ۽ پنھنجي پُٽ کي سندس تحويل ۾ وٺڻ جي لاءِ (سخت ۽ ناڪام) ڪيس ڪيو. تازو ئي آمريڪا ۾ رھندڙ ليکڪ سريندر ديول پاران لکيل ۽ آڪسفورڊ يونيورسٽي پريس پاران ڇپرايل ڪتاب "Sahir: A literary Portrait" ترجمو "ساحر: ھڪ ادبي تصوير" ۾ ليکڪ، پاڪستاني شاعر احمد راھي (جيڪو سالن تائين ساحر جو دوست رھيو ھو) جي ڪڍيل اِن نتيجي سان سھمت ٿئي ٿو تہ ساحر جي زندگيءَ جي ڪھاڻي مُختصر ۾ اِھا آھي تہ "سندس سموري زندگيءَ ۾ ھن ھڪڙو ڀيرو پيار ڪيو ۽ نفرت بہ ھڪڙو ڀيرو ئي ڪيو. ھن پنھنجي ماءُ سان پيار ڪيو ۽ پيءُ کان نفرت ڪئي.[3]" سردار بيگم کي ساحر جي پيءَ کان تحفظ جي ضرورت رھندي ھُئي ۽ ھوءَ مالي محرومين جو شڪار رھندي ھُئي[4]. عمارت جي محرابي داخلي تي ساحر جي پئدا ٿيڻ واري جاءِ تي ھڪ ننڍڙي تختي لڳل آھي.

ساحر کي خالصا ھائي اسڪول، لُڌيانا ۾ پڙھايو ويو. اُن کانپوءِ ھن گورنمينٽ ڪاليج، لُڌيانا ۾ داخلا ورتي[5]. ھن کانپوءِ اُتي جي آڊيٽوريم تي سندس نالو رکيو ويو[6]. بطور ڪاليج شاگرد جي ھي سندس غزلن ، نظمن (اردو ۾ ڪيل شاعري) ۽ جذباتي تقريرن جي ڪري مشھور ھُيو.[7]

ورھاڱو[سنواريو]

1943ع ۾ ساحر لاھور ۾ آباد ٿيو. جتي ھن اردو ۾ ڇپيل سندس پھريون ڪتاب "تلخيان" (1945ع) ترجمو "ڪؤڙاڻ" پورو ڪيو. ھي آل انڊيا اسٽوڊنٽس فيڊريشن جو رُڪن ھُيو. ھن اردو رسالن جھڙوڪ ادبِ لطيف، شاھڪار، پِرٿلاري ۽ سويرا کي سنواريو[8] [9]۽ پراگريسو رائٽرس ايسوسيئشن جو رُڪن بڻيو. بھرحال، جڏهن ھن سوشلزم جي حمايت ۾ تڪراري بيان ڏنا تڏهن پاڪستان جي حڪومت پاران سندس گرفتاريءَ جو وارنٽ ڪڍيو ويو. 1949ع ۾، ورھاڱي کانپوءِ ھي لاھور کان دھلي ڀڄي ويو. اٺن ھفتن کانپوءِ بمبئي مُنتقل ٿي ويو[10]. اُن کانپوءِ ھي ممبئي جي مضافاتي علائقي انڌيري ۾ رھيو. جتي ھن جا پاڙيسري گلزار (شاعر ۽ گيت نگار) ۽ ڪرشن چندر (اردو ۽ ھندي اديب) پڻ رھندا ھُئا. 1970ع واري ڏھاڪي ۾ ھن بنگلو ٺاھيو، جنھن کي ھي "پرڇائيان" ترجمو "پاڇا" سڏيندو ھو. جتي مرڻ گھڙيءَ تائين ھي رھيو.

موت[سنواريو]

حوالا[سنواريو]

  1. "ساحر لڌيانوي : (Sindhianaسنڌيانا)". www.encyclopediasindhiana.org (ٻولي ۾ Sindhi). حاصل ڪيل 2021-11-17. 
  2. "The Sunday Tribune - Spectrum". www.tribuneindia.com. حاصل ڪيل 2021-11-18. 
  3. "‘Sahir’s poetry is a beacon of hope’". The Indian Express. حاصل ڪيل 2021-11-18. 
  4. https://www.amazon.in/dp/817650629X
  5. "The Tribune, Chandigarh, India - Ludhiana Stories". www.tribuneindia.com. حاصل ڪيل 2021-11-18. 
  6. Sahir Ludhianvi in Unki Nazar Unka Shahar | Best of Sahir Ludhianvi, حاصل ڪيل 2021-11-18 
  7. "Sahir Ludhianvi: Biography". www.urdupoetry.com. حاصل ڪيل 2021-11-18. 
  8. "Sahir Ludhianvi: Biography". www.urdupoetry.com. حاصل ڪيل 2021-11-18. 
  9. https://cineplot.com/sahir-ludhianvi/
  10. "Sahir Ludhianvi: Biography". www.urdupoetry.com. حاصل ڪيل 2021-11-18.