مواد ڏانھن هلو

سائينداد ساند

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

سائينداد ساند (انگريزي:Saindad Sand) سنڌي ٻولي جو ناميارو شاعر آهي سندس شاعريءَ جا ڪتاب پڻ شايع ٿيل آهن.

زندگي جو احوال

[سنواريو]

سائينداد ساند پهرين مارچ 1960ع تي محمد حسن ساند جي گهر ۾ جنم ورتو. سندس اباڻو ڳوٺ متارو ساند مٺي تعلقو،ضلعو ٿرپارڪر ۾ آهي.[1]

تعليم

[سنواريو]

هن پرائيمري تعليم پنهنجي ڳوٺ جي اسڪول مان حاصل ڪئي. مئٽرڪ گورنمينٽ هاءِ اسڪول نئون ڪوٽ مان 1976ع ۾ پاس ڪئي. ايم اي سنڌي ادب ۾ ڊگري سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو مان حاصل ڪيائين.[1]

علمي خدمتون

[سنواريو]

سائينداد ساند 1986ع ۾ ليڪچرار مقرر ٿيو ۽ ترقي ماڻي ايسوسيئيٽ پروفيسر ٿيو. مٺي ڪاليج ۾ پرنسپال پڻ رهيو. هن وقت استاد طور علمي خدمتون سرانجام ڏئي رهيو آهي.[1]

ڪتاب

[سنواريو]

سائينداد ساند بهترين شاعر آهي جنهن کي ڪيترن ئي فنڪارن ڳاتو آهي. سندس ٽي ڪتاب شايع ٿيل آهن. ڳوڙهن ڳالهـايــو 1995ع، سنڌ ڪُروکيتر جيان2008ع ۽ دل جي تاريخ 2011ع.[1][2][3]

حوالا

[سنواريو]
  1. 1 2 3 4 "سائينداد ساند : (Sindhianaسنڌيانا)", www.encyclopediasindhiana.org (ٻولي ۾ سنڌي), حاصل ڪيل 20 ڊسمبر 2019۔
  2. "پروفيسر سائينداد ساند (سگهارو شاعر ۽ استاد)", SindhSalamat, حاصل ڪيل 20 ڊسمبر 2019۔
  3. www.thekawish.com http://www.thekawish.com/beta/images/2016/June/16-06-2016/Page5/P5-10.htm |url= عنوان غائب (مدد), حاصل ڪيل 20 ڊسمبر 2019۔