سائونڊ ڪلائوڊ
| ڪاروباري اداري جو قسم | پرائيويٽ |
|---|---|
ويب سائيٽ جو قسم | ميوزڪ اسٽريمنگ, ورچوئل ڪميونٽي |
| قيام | آگسٽ 2007 اسٽاڪ هوم, سويڊن |
| مرڪزي دفتر |
، |
| مالڪ | سائونڊ ڪلائوڊ لميٽيڊ |
| باني | Alexander Ljung Eric Wahlforss |
| اهم ماڻهو | Alexander Ljung (چيئرپرسن) Eric Wahlforss (سي پي او), Kerry Trainor (سي اي او), Artem Fishman (سي ٽي او) Mike Weissman (صدر) |
| صنعت | موسيقي, سماج سنٻنڌي/ورچوئل ڪميونٽي |
| ملازم | 1,262 (2019)[1] |
| ويب سائيٽ | soundcloud |
| اليڪسا درجو | جنوري 2020[تازه ڪاري][[Category:اهي مضمون جن ۾ ممڪن طور پراڻا بيان شامل آهن from اظھاري چُڪَ: غير متوقع < عامل.]]
|
| رجسٽريشن | اختياري؛ مواد پوسٽ ڪرڻ ۽ اپ لوڊ ڪرڻ گهربل. |
| استعمال ڪندڙ | 76 ملين رجسٽرڊ يوزرز (مارچ 2019)، 175 ملين منفرد هر مھينو ٻڌندڙ (مارچ 2019)) |
| شروعات | آڪٽوبر 2008 |
| لکيل ٻولي | روبي,[3] اسڪالا[4] |
سائونڊ ڪلائوڊ (انگريزي ٻولي: SoundCloud) برلن جرمني ۾ هڪ يورپي آن لائن آڊيو ورهائڻ جي پليٽ فارم ۽ ميوزڪ شيئرنگ ويب سائيٽ آهي، جيڪا پنهنجي واهپيندڙن کي آڊيو اپلوڊ ڪرڻ ۽ ان جي ڀاڱيداري ڪرڻ جي قابل بڻائي ٿي. اليگزينڊر لائونجنگ ۽ ايريڪ واهلفرز پاران 2007 ۾ شروع ڪيو ويو، سائونڊ ڪلائوڊ مارڪيٽ جي وڏي ۾ وڏي ميوزڪ سروسز مان آهي، پوري دنيا ۾ 175 ملين هر مهيني واپرائيندڙ (يوزرز) تائين ميوزڪ پهچائي ٿي.[5] سائونڊ ڪلائوڊ پليٽ فارم تي اها مفت ۽ بنا معاضي ٻنهي طريقن جي رڪنيت فراهم ڪري ٿي، جيڪا ڊيسڪ ٽاپ يا موبائيل ڊيوائس لاءِ دستياب آهي.سائونڊ ڪلائوڊ ميوزڪ انڊسٽري جي ڪيترن ئي فنڪارن کي ڪاميابي سان متعارف ڪرايو آهي جيڪي موسيقي شيئرنگ سروس کان اڀريا آهن. پليٽ فارم تي موجود فنڪار يا آرٽسٽ پنهنجو ڪم سڀني يوزرز ۾ مفت ورهائي سگهن ٿا، جنهن تائين سڀني واپرائيندڙ پهچ ڪري سگهن ٿا. سائونڊ ڪلائوڊ کي ڪيترن ئي سيڙپڪارن ۽ ٻين ميڊيا جي پليٽفارمن جهڙوڪ ٽويٽر جي پٺڀرائي حاصل آهي.[6] جيتوڻيڪ، اسٽريمنگ پليٽ فارم پاڻ مالي سهائتا جي معاملن کي نبيريو آهي ۽ مالياتي معاملن کي سنڀاليو ۽ منافعي بخش رهڻ لاءِ ڪيترن ئي ملازمن کي فارغ ڪري ڇڏيو.
تاريخ
[سنواريو]
سائونڊ ڪلائوڊ کي آگسٽ 2007 ۾ برلن ۾ سويڊش سائونڊ ڊزائينر اليگزينڊر لائونجنگ ۽ سويڊش اليڪٽرڪ موسيقار ايريڪ ولفرس پاران قائم ڪيو ويو ۽ اها ويب سائيٽ آڪٽوبر 2008 ۾ لانچ ڪئي وئي. اهو اصل ۾ موسيقارن کي رڪارڊنگ جي ونڊڻ يا شيئرنگ ۽ خيالن جي ڏي وٺ جي سهولتن جي سهڪار جي اجازت ڏيڻ هو، پر پوءِ راڳ (ميوزڪ) جي ورهاست لاءِ پبلشنگ پليٽ فارم ۾ بدلجي ويو. وائرڊ ميگزين پٽاندڙ، سندس لانچ جي شروعات کان تُرت پوءِ، سائونڊ ڪلائوڊ مائي اسپيس يا ماءِ اسپيس جي حاڪميت يا هڪ هٺي کي چئلينج ڪندڙ موسيقارن لاءِ موسيقي جي شيئرنگ جي پليٽ فارم طور چيلنج ڪرڻ شروع ڪيو، جنهن تي راڳي پنهنجو راڳ (ميوزڪ) ونڊي (شيئر ڪري) سگهن.

مڃتا
[سنواريو]سائونڊ ڪلائوڊ 2011 ۾ يورپين ٽيڪ ٽور ايوارڊ ڊنر ۾ شڪروڊرز انوويشن ايوارڊ ماڻيو هيو.[7]
وڌيڪ ڏسو
[سنواريو]- سائونڊ ڪلائوڊ ريپرن جو سٽاءُ يا فهرست
- ويئرڊ سائونڊ ڪلائوڊ
- ميوزڪ جون ويب سائيٽون
- اسٽريمنگ ميوزڪ سروس
حوالا
[سنواريو]- ↑ "SoundCloud company profile". September 25, 2019 تي حاصل ڪيل.
- ↑ "Soundcloud.com Traffic, Demographics and Competitors - Alexa". www.alexa.com. 2020-01-13 تي حاصل ڪيل.
- ↑ "Soundcloud.com Technology Profile".
- ↑ "Soundcloud Engineering Blog".
- ↑ "16 Amazing SoundCloud Statistics". DMR (آمريڪي انگريزي ۾). 2016-06-24. 2019-08-04 تي حاصل ڪيل.
- ↑ Kafka, Peter (2017-03-10). "SoundCloud needs more money, or it may sell at a fire-sale price". Vox. 2019-08-04 تي حاصل ڪيل.
- ↑ "Tech Tour". اصل نسخو مان 30 January 2012 تي محفوظ ڪيل.
ٻاهريان ڳنڍڻا
[سنواريو]
وڪيميڊيا العام تي سائونڊ ڪلائوڊ بابت زمرا
وڪيميڊيا العام ۾ سان لاڳاپيل ميڊيا سائونڊ ڪلائوڊ.
