بوٽسوانا

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
ريپبلڪ آف بوٽسوانا

Lefatshe la Botswana  (ٻولي؟)
Flag of بوٽسوانا
{{{coat_alt}}}
جھنڊو نِسبتي نشان
شُعار: '"Pula!" (سانچو:ISO 639 name tn)
"Rain"
ترانو: Fatshe leno la rona  (سانچو:ISO 639 name tn)
Blessed Be Our Noble Land
مڪانيت  بوٽسوانا  (تيز نيرو) نقشو آفريڪييونين  (ھلڪو نيرو)
مڪانيت  بوٽسوانا  (تيز نيرو)

نقشو آفريڪييونين  (ھلڪو نيرو)

گادي جو هنڌ گئبورون
24°39.5′S 25°54.5′E / 24.6583°S 25.9083°E / -24.6583; 25.9083
سڀ کان وڏو شهر گئبورون
دفتري ٻوليون انگريزي, سيٽسوانا
نسلي گروھ
مذهب
مقامي آبادي
حڪومت وحداني پارلياماني ريپبلڪ
• صدر
موڪگويٽسي مسيسي[1]
سلمبر ٽسوگواني
مقننه نيشنل اسيمبلي
آزادي يونائيٽيڊ ڪنگڊم کان ورتائين
30 سيپٽمبر 1966
پکيڙ
• جملي
581٬730 km2 (224٬610 sq mi) (47th)
• پاڻي (%)
2.6
آبادي
• 2016 اندازو
2,250,260[2] (145th)
• 2011 مردم شماري
1,914,228[3]
•  گھاٽائي
3.7 /km2 (9.6 /sq mi) (231st)
جِي ڊي پي (مساوي قوت خريد ) 2018 لڳ ڀڳ
• ڪل
$41.6 ارب ڊالر [4]
• في سيڪڙو
$18,843[4]
جِي. ڊي. پي  (رڳو نالي ۾ ) 2018 لڳ ڀڳ
• ڪل
$18.620 ارب ڊالر [4]

بوٽسوانا(انگريزي: Botswana)Listeni/bɒtˈswɑːnə/ جنھن جو سرڪاري نالو ريپبلڪ آف بوٽسوانا آھي ڏکڻ آفريڪا جو خشڪي سان گھيريل ملڪ جو نالو آهي. ھي ملڪ برطانوي بيٺڪ ھيو جنھن جو نالو بيچوئانا لينڊ ھيو ۽ 30 سيپٽمبر 1966 ۾ ٻين ملڪن سميت قومن جي دولت مشترڪه مان آزاد ٿيو [7] تڏھن کان ھي ملڪ تسلسل سان روايتي جمھوري رستي تي گامزن آهي. 1998 ۾ ھي ملڪ دنيا جي ڪرپٽ ترين ملڪن ۾ شامل ھو.[8] ھن ملڪ جو 70 سيڪڙو ڪالاھاري بيابان تي مشتمل آهي. ھن جي ڏکڻ ۽ ڏکڻ اوڀر ۾ ڏکڻ آفريڪا، اولھ ۽ اتر ۾ ناميبيا ۽ اتر اوڀر ۾ زمبابوي ۽ اتر ۾ زيمبيا واقع آهي.[9]

ھي ملڪ دنيا جي سڀ کان وڌيڪَ ڇڊي آبادي وارن ملڪن ۾ شامل آهي. ھن ملڪ جي آبادي جو ڏھ سيڪڙو گاديءَ واري شهر گئبورون ۾ رھندڙ آھي. دنيا جي غريب ترين ملڪن م شامل ھي ملڪ ھن وقت معاشي طور تي تيزي سان اڀرندڙ ملڪن ۾ شامل آھي [10]

جاگرافي[سنواريو]

ليچوي ڊيلٽا

ھي ڏکڻ آفريقي ملڪ سائوٿ آفريڪا ملڪ جي اتر ۾ جاگرافيائي بيهڪ 22 00 S, 24 00 E تي واقع آهي. ھن ملڪ جي پکيڙ 581,730 چورس ڪلوميٽر آهي جنھن مان 566,730 چورس ڪلوميٽر خشڪي ۽ 15000 چورس ڪلوميٽر پاڻي اٿس. ھي پکيڙ ۾ دنيا جو 49ھون وڏو ملڪ آهي. ھن جي زميني سرحد 4,347.15 ڪلوميٽر آهي جيڪا چئن ملڪن سان ملي ٿي جنھن مان 1544 ڪلوميٽر ناميبيا سان، 1969 ڪلوميٽر سائوٿ آفريڪا سان، 15 ڪلوميٽر زيمبيا سان ۽ 834 ڪلوميٽر زمبابوي سان مليس ٿي. ھن ملڪ جي ڪابه بحري سرحد ڪانہ اٿس ڇو ته خشڪي سان گھيريل ملڪ آھي ھن ملڪ جي سراسري بلندي 1013 ميٽر آھي ۽ بلند ترين مقام سوڊائلو جي ٽڪري آهي جنھن جي اوچائي 1489 ميٽر آھي[11].

آبھوا[سنواريو]

ڪوپن ڪلائيميٽ جي درجہ بندي جو نقشو

ھن ملڪ جي آبهوا بياباني يا برسات جي قلت واري آھي. ھتي سياري ۾ سخت سيءُ ۽ اونھاري ۾ سخت گرمي ٿيندي آهي[11]

معدنيات ۽ قدرتي وسيلا[سنواريو]

ھتان جي قدرتي وسيلن ۽ معدنيات ۾ ھيرا، ٽامو، نڪل، لوڻ، سوڍا واري خاڪ، پوٽاش، ڪوئلو، ڪچو لوھ ۽ چاندي شامل آهن[11]

زراعت[سنواريو]

بوباب جو وڻ

ملڪ جي 45.8 سيڪڙو زمين زرعي آھي جنھن مان پوکي لائق 0.6 سيڪڙو اھي. پر مستقل پوکي ڪانہ ٿيندي آھي.. ملڪ ۾ ۾ زرعي زمين جو 45.2 سيڪڙو چراگاھون آھن ۽ 19.8 سيڪڙو ٻيلا آھن. 2012 ۾ ملڪ جي آبپاشي واري زمين 20 چورس ڪلوميٽر ھئي[11].

بوٽسوانا جا ماڻهو[سنواريو]

اوڪاونگو ڊيلٽا ۾ ھڪ ڇوڪري

2017 ۾ ھن ملڪ جي آبادي 2,214,858 ھئي ۽ آبادي ۾ ھن ملڪ جو دنيا ۾ 144 نومبر آھي. ھن ملڪ جي آبادي جو 77.3 سيڪڙو ماڻهو ٽسوانا نسل جا ماڻهو آھن، 7.4 سيڪڙو ڪالنگا ، 11 سيڪڙو باساروا، 7 سيڪڙو گورا آھن. ملڪ جا 77.3 سيڪڙو ماڻهو سيٽسوانا ٻولي ڳالهائيندڙ آھن، 7.4 سيڪڙو سيڪالنگا ٻولي ، 3.4 شيڪگالاگادي ٻولي، 2.8 سيڪڙو انگريزي، 2 سيڪڙو زيزورو، 1.7 سيڪڙو سيساروا ٻولي، 1.6 سيمبوڪوشو ٻولي ڳالھائيندا آھن. ھتان جي 79.1 سيڪڙو ماڻھن جو مذھب عيسائيت، 4.1 سيڪڙو باديمو مذھب، 1.4 سيڪڙو ماڻهو باھائي مذھب، ھندوازم ۽ اسلام مذھبن سان تعلق رکندڙ آهي[11]

ڪالاھاري بيابان لڳ ھڪ رھائش

نالو[سنواريو]

ھن ملڪ جو نالو جمھوريہ بوٽسوانا آهي. مختصر نالو بوٽسوانا اٿس . پراڻو نالو بيچوئانا لينڊ ھيس. لفظ جي معنیٰ آھي ٽسوانا جي سرزمين ٽسوانا ملڪ جو سڀ کان وڏو نسلي گروھ آھي[11].

سياسي نظام[سنواريو]

w:North-West District (Botswana)w:چوبي ضلعوw:Central District (Botswana)w:North-East District (Botswana)w:Ghanzi Districtw:Kweneng Districtw:Kgatleng Districtw:Kgalagadi Districtw:Southern District (Botswana)w:سائوٿ ايسٽ ڊسٽرڪٽ (بوٽسوانا)
بوٽسوانا جا ضلعا

ھن ملڪ جو رياستي نظام پارلياماني ريپبلڪ آھي جنھن جي گاديءَ جو هنڌ گيبرون آھي جنھن جي جاگرافيائي بيهڪ ڏکڻ ۾ 24 38 ۽ اوڀر ۾ 54 25 آھي. ھن ملڪ ۾ ڏھ ضلعا ۽ ڇھ ٽائون ڪائونسلون آهن.
ضلعا: سينٽرل، چوبي، گانزي، ڪگالاگادي، ڪگاتلينگ، ڪوينينگ، نارٿ ايسٽ، نارٿ ويسٽ، سائوٿ ايسٽ، سووا ٽائون
ٽائون ڪائونسلون:فرانسس ٽاؤن، گئبورون، جوانينگ، لوباٽسي، سيليبي فڪوي، سدرن ٽائون

بوٽسوانا جي نيشنل اسيمبلي

ملڪ جو نظام صدارتي آھي ۽ حڪومت ۽ رياست جو سربراھ صدر آھي. ملڪ جي پارليامينٽ ھڪ ايواني آھي جنھن جو نالو نيشنل اسيمبلي آھي جنھن جون 65 سيٽون آھن جن مان 57 تي سڌي چونڊ پنجن سالن لاءِ ٿيندي آهي ٿيندي آهي، 6 جي نامزدگي صدر ڪندو آهي ۽ باقي 2 ايڪس آفيشو ھوندا آھن[11].

حوالا[سنواريو]

  1. "Terms of Service Violation". www.bloomberg.com. 
  2. "World Population Prospects: The 2017 Revision". ESA.UN.org (custom data acquired via website). United Nations Department of Economic and Social Affairs, Population Division. حاصل ڪيل 10 September 2017. 
  3. 2011 Population & Housing Census Preliminary Results Brief
  4. 4.0 4.1 4.2 4.3 "Botswana". International Monetary Fund. 
  5. "GINI index (World Bank estimate)". World Bank. حاصل ڪيل 18 December 2017. 
  6. "2018 Human Development Report". United Nations Development Programme. حاصل ڪيل 14 September 2018. 
  7. "Bechuanaland was the former name of Botswana". generalknowledgefacts.com. وقت 23 March 2015 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 20 February 2018. 
  8. "overview of CPI indices". Transparency International. حاصل ڪيل 8 January 2018. 
  9. Darwa, P. Opoku (2011). Kazungula Bridge Project. African Development Fund. p. Appendix IV. http://www.afdb.org/fileadmin/uploads/afdb/Documents/Project-and-Operations/Multinational%20(Zambia-Bostwana)%20-%20AR%20-%20Kazungula%20Bridge%20Project.pdf. Retrieved 4 May 2012. 
  10. "Botswana". The World Factbook. Central Intelligence Agency. حاصل ڪيل 16 April 2014. 
  11. 11.0 11.1 11.2 11.3 11.4 11.5 11.6 [1] آرڪائيو ڪيا ويا 2015-10-15 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين. سي آء اي فيڪٽس بڪ __