زر (قبو سعيد خان)

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
زر (قبو سعيد خان)
ديھ زر
ديھ
Deh Zar
زر (قبو سعيد خان) is located in سنڌ
زر (قبو سعيد خان)
زر (قبو سعيد خان)
زر (قبو سعيد خان) is located in Pakistan
زر (قبو سعيد خان)
زر (قبو سعيد خان)
سنڌ ۽ پاڪستان ۾ مقام
جاگرافي بيهڪ: 27°41′21″N 67°42′29″E / 27.68917°N 67.70806°E / 27.68917; 67.70806مڪانيت: 27°41′21″N 67°42′29″E / 27.68917°N 67.70806°E / 27.68917; 67.70806
ملڪ پاڪستان پاڪستان
صوبو سنڌ
ضلعو قمبر شهدادڪوٽ ضلعو
تعلقو قبو سعيد خان تعلقو
آبادي (2017)[1]
 • ڪل 34


ديھ زر(انگريزي: Deh Zar) سنڌ جي ضلعي قمبر شهدادڪوٽ جي قبو سعيد خان تعلقي جي ھڪ ديھ جو نالو آهي جيڪا بگودڙو تپي ۾ واقع آهي.

تاريخ[سنواريو]

بورڊ آف روينيو سنڌ جي رڪارڊ ۾ موجود 1904ع واري ھن ديھ جي نقشي مطابق ھن ديھ ۾ ڪوبه ڳوٺ يا گھر واقع نہ ھيو[2]. 1904 ۾ ھي ديھ سرحد ضلعي جي تعلقي شھدادڪوٽ جي تپي سير چانڊيو جو حصو ھئي. بعد ۾ سرحد ضلعو جيڪب آباد ضلعو ٿي ويو ۽ لاڙڪاڻي ضلعي جي قيام سان شھدادڪوٽ نئين ضلعي جو تعلقو بڻايو ويو. ھاڻي ھن ديھ ۾ ڪوبه ڳوٺ واقع ناھي پر ڪٿي ڪٿي ڪجهه گھر واقع آھن. ھن ديھ جو وڏو حصو حمل ڍنڍ ڏي ويندڙ ڪچي جو حصو آهي.

جاگرافي[سنواريو]

ھن ديھ جي اتر ۾ ديھ سير مگسي، اوڀر ۾ ديھ ماڇي، اولھ ۾ ديھ مست علي ۽ ديھ غيبي خان چانڊيو ۽ ڏکڻ ۾ ديھ جاگير 1 واقع آهن. ھن ديھ جي مڪمل روينيو سروي ٿي آهي. ھن ديھ جي اولھ ۽ ڏکڻ واري دنگ سان کيرٿر ڪينال وھندڙ آھي

آبادي[سنواريو]

2017 جي آدمشماري مطابق ھن ديھ جي ڳوٺن جي ڪل آبادي 34 ھئي جيڪا 6 خاندانن تي مشتمل ھئي.[1].

حوالا[سنواريو]

  1. 1.0 1.1 www.pbs.gov.pk/content/block-wise-provisional-summary-results-6th-population-housing-census-2017-january-03-2018[1]
  2. [ http://map.sindhzameen.gos.pk/Taluka.aspx?district=Kamber%20Shahdad%20Kot آرڪائيو ڪيا ويا 2021-07-25 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين.]