زر (قبو سعيد خان)
زر (قبو سعيد خان) ديھ زر | |
|---|---|
ديھ | |
| Deh Zar | |
| Coordinates: 27°41′21″N 67°42′29″E / 27.68917°N 67.70806°E | |
| ملڪ | |
| صوبو | سنڌ |
| ضلعو | قمبر شهدادڪوٽ ضلعو |
| تعلقو | قبو سعيد خان تعلقو |
| آبادي (2017)[1] | |
| • ڪل | 34 |
| • ڪثافت | auto في چورس ڪلوميٽر |
| وقتي علائقو | UTC+5 (پاڪستان جو معياري وقت ) |
ديھ زر (Deh Zar) سنڌ جي ضلعي قمبر شهداد ڪوٽ جي قبو سعيد خان تعلقي جي ھڪ ديھ جو نالو آهي جيڪا بگودڙو تپي ۾ واقع آهي.
تاريخ
[سنواريو]بورڊ آف روينيو سنڌ جي رڪارڊ ۾ موجود 1904ع واري ھن ديھ جي نقشي مطابق ھن ديھ ۾ ڪوبه ڳوٺ يا گھر واقع نہ ھيو[2]. 1904 ۾ ھي ديھ سرحد ضلعي جي تعلقي شھدادڪوٽ جي تپي سير چانڊيو جو حصو ھئي. بعد ۾ سرحد ضلعو جيڪب آباد ضلعو ٿي ويو ۽ لاڙڪاڻي ضلعي جي قيام سان شھدادڪوٽ نئين ضلعي جو تعلقو بڻايو ويو. ھاڻي ھن ديھ ۾ ڪوبه ڳوٺ واقع ناھي پر ڪٿي ڪٿي ڪجهه گھر واقع آھن. ھن ديھ جو وڏو حصو حمل ڍنڍ ڏي ويندڙ ڪچي جو حصو آهي.
جاگرافي
[سنواريو]ھن ديھ جي اتر ۾ ديھ سير مگسي، اوڀر ۾ ديھ ماڇي، اولھ ۾ ديھ مست علي ۽ ديھ غيبي خان چانڊيو ۽ ڏکڻ ۾ ديھ جاگير 1 واقع آهن. ھن ديھ جي مڪمل روينيو سروي ٿي آهي. ھن ديھ جي اولھ ۽ ڏکڻ واري دنگ سان کيرٿر ڪينال وھندڙ آھي
آبادي
[سنواريو]2017 جي آدمشماري مطابق ھن ديھ جي ڳوٺن جي ڪل آبادي 34 ھئي جيڪا 6 خاندانن تي مشتمل ھئي.[1].
حوالا
[سنواريو]- 1 2 www.pbs.gov.pk/content/block-wise-provisional-summary-results-6th-population-housing-census-2017-january-03-2018
- ↑ [ http://map.sindhzameen.gos.pk/Taluka.aspx?district=Kamber%20Shahdad%20Kot آرڪائيو ڪيا ويا 2021-07-25 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين.]