صالح محمد شاهه

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

جنم[سنواريو]

سيد سالح محمد شاهه 1937ع ۾ حيدرآباد ويجهو ڳوٺ دريا بيگ مغل ۾ ڄائو.

ريڊيو حيدرآباد تي اڌ صديءَ تائين راڄ ڪرڻ واري شخصيت[سنواريو]

سيد صالح محمد شاهه (Syed Saleh Muhammad Shah) ريڊيو حيدرآباد تان ان وقت صداڪاري شروع ڪئي، جڏهن ان اڃان اٺون ڪلاس يعني اديب عالم جو فائنل پاس ڪيو هو، کيس ريڊيو حيدرآباد اسٽيشن تي پهريون ڀيرو سيد منظور نقوي وٺي آيو هو. ائين صالح محمد شاهه ريڊيو تي پنهنجي ڪم جي شروعات ننڍا ڪردار ادا ڪرڻ سان ڪئي

هڪ ڏينهن حيدرآباد ريڊيو اسٽيشن جو ڪو انائونسر موڪل تي ويو ته ريڊيو جي انتظاميا کيس انائونسمينٽ جي ذميداري ڏني. ان ڏينهن ڪيل صالح جي انائونسمينٽ ۾ سندس آواز جي آدائيگي جو انداز اسٽيشن جي ڊائريڪٽر کي ڏاڍو وڻيو، نيٺ سيد صالح محمد شاهه ريڊيو حيدرآباد جو مستقل انائونسر بڻجي ويو.

ان دوران هن آعا سليم جي ڊرامي گلن جهڙا گهاوءَ، امر جليل جي سڄڻ سفر هليا، علي بابا جي ڊرامي رڻ جا راهي ۽ تموچن ۾ مرڪزي هيرو جو ڪردار ادا ڪيو. هن جا اهي سڀئي ڊراما ڏاڍا مشهور ٿيا.

1958ع ۾ حيدرآباد اسٽيشن تان ڳوٺاڻن جي ڪچهريءَ جي نالي سان هڪ پروگرام شروع ٿيو، جنهن جي لاءِ 80 سالن جي ڪنهن دور انديش، سماجي سائنس جي ماهر، لوڪ دانش رکڻ واري پوڙهي جي ضرورت هئي. ان وقت صالح محمد شاهه جي عمر رڳو ويهه ٻاويهه سال هئي، پر جڏهن هن ان پروگرام ۾ 80 سالن جي جهوني پوڙهي جي گهربل ڪردار جي صداڪاري ڪئي ته ريڊيو انتظاميا سندس ان ڪردار کي قبول ڪري ورتو.

ان پروگرام جو ٿيم، سنڌ جي ڳوٺن ۾ ڳوٺاڻن جي وچ ۾ ٿيڻ واري ڳالهه ٻولهه مان ورتو ويو هو. ڳوٺن ۾ سڄي ڏينهن جي ڪم ڪار کان پوءِ شام جو بَڙَ، نم، ۽ ٽالهيءَ جي وڻن هيٺان ويهي ڪچهري جو سلسلو شروع ٿيندو هو. جتي اهي اوڙي پاڙي، ڳوٺ ۽ شهر جي سماجي حالتن، وطن جي صورتحال ۽ سياست جا حال احوال اوريندا هئا.

فتح خان (Fateh Khan) ڀلي صالح محمد شاهه جو اصلي نالو نه هو، پر ريڊيو جي ڪردار فتح خان سبب سندس نالو اهڙو بدليو جو پوءِ سنڌ جي ماڻهن صالح محمد شاهه کي فتح خان جي نالي ڄاڻڻ شروع ڪيو.

ریڈیو حیدرآباد تان برادڪاسٽ يا سنڌي هوائن ۾ چوڏس پکڙجندڙ هن پروگرام هڪ سال اندر ايڏي ته مشهوري ماڻي، جو ان ريڊيو جي تاريخ جا ريڪارڊ قائم ڪري ڇڏيا. ڏهاڙي ريڊيو اسٽيشن کي هن لاءِ هزارين خط ملندا هئا، جنهن ۾ ماڻهو فتح خان لاءِ عزت ۽ احترام جو اظهار ڪندا هئا. سندس مقبوليت سبب هن جي پروگرام جو وقت وڌايو ويو. ائين نوجوان صالح محمد شاهه 80 سالن جي پوڙهي جو ڪردار ڏاڍي سهڻي نموني نڀايو.

جڏهن پهريون ڀيرو هن جي انٽرويو سان گڏ سندس فوٽو اخبار ۾ ڇپيو ته ماڻهو اهو ڏسي حيران ٿي ويا ته هڪ نوجوان ڇوڪورو هڪ جهوني پوڙهي جي صداڪاري آخر ڪيئن ايڏي سٺي نموني سان ڪري ٿو وٺي.

اها سندس پروگرام جي لوڪ پسندي هئي جو ماڻهو نه رڳو سندس ريڊيو حيدرآباد جي ٻاهرن هن کي ڏسڻ لاءِ ڪلاڪن جا ڪلاڪ انتظار ڪندا هئا بلڪي پنهنجي ٻارن جا نالا به فتح خان، پروگرام جي ٻين ڪردارن گهنور خان، جانڻ خان، ڪمال خان ۽ ميرڻ خان رکندا هئا. جانڻ خان جو ڪردار عبدالحق ابڙو، گهنور خان جو ڪردار عبدالڪريم بلوچ، ميرڻ خان جو ڪردار سيد منظور نقوي ۽ ڪمال خان جو ڪردار سرور بلوچ ادا ڪندا هئا.

سنڌي ٻوليءَ جي ڊرامي نويس عبدالقار جوڻيجو هڪ هنڌ ذڪر ڪيو آهي ته ان زماني ۾ اسان ٻڌو ته فتح خان جهڏو شهر جي ويجهو هڪ ڳوٺ آهوري ۾ اچي رهيو آهي ته ماڻهن جا هشام کيس ڏسڻ لاءِ گڏ ٿي ويا هئا. اڳتي هلي هن جي پروگرام جو نالو فتح خان جي ڪچهري رکيو ويو، جيڪو پوءِ آخر تائين ان نالي سان ئي هليو.

صالح محمد شاهه لڳ ڀڳ ٽي ڏهاڪن تائين پي ٽي وي سان پڻ لاڳاپيل رهيو. ريڊيو تي سندس موهيندڙ صداڪاري جو ئي ڪمال هو جو ريڊيو کان پوءِ ٽي وي تي به سندس پروگرام اوطاق جي نالي سان شروع ڪيو ويو.

اها ڳالهه پڻ مشهور آهي ته ذوالفقار علي ڀٽو، عبدالحفيظ پيرزادو جو والد عبدالستار پيرزادو، مخدوم طالب المولا، ممتاز ڀٽو ۽ جي ايم سيد جهڙا وڏا ناميار انسان پڻ فتح خان جو پروگرام ٻڌڻ جا شوقين هئا.

صالح محمد شاهه ذوالفقار علي ڀٽو کي سياسي طور پسند ڪندو هو. هڪ دفعو هن پي ٽي وي ۾ پنهنجي پروگرام اوطاق ۾ جيئي ڀٽو جو نعرو هڻي وڌو. جنهن جي نتيجي ۾، ضيا دور ۾، سندس پروگرام تي پورو هڪ سال پابندي رهي. جڏهن سندس پروگرامن تي پابندي هنئي وئي ته جي ايم سيد خط لکي ۽ مولانا گرامي پنهنجي اخبار ۾ ايڊيٽوريل لکي حڪومت جي ان عمل کي رد ڪيو. ان جي ڪجهه وقت کان پوءِ سيد صالح محمد شاهه جو آواز وري ريڊيو ۽ ٽي وي تي ڳونجڻ لڳو.

لاڏاڻو[سنواريو]

صالح محمد شاهه، آچر، 2 سيپٽمبر 2007ع تي حيدرآباد جي ويجهو هٽڙي ۾ لاڏاڻو ڪري ويو. [1] [2] [1]

  1. صالح محمد شاہ: نصف صدی تک راج کرنے والی آواز - Opinions - Dawn News
  2. صالح محمد شاہ: نصف صدی تک راج کرنے والی آواز، ابراهيم ڪنڀر