روون اٽڪنسن

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Rowan Atkinson
CBE

سال 2011 ۾ اٽڪنسن
جنم نالو روون سباسٽين اٽڪنسن
پيدائشي جنوري 1955 (عمر 69 سال)
ڪونسيٽ، ڪائونٽي ڊرهم، انگلينڊ
Medium اسٽينڊاپ ڪاميڊي، ٽيليويزن (ڏور ڏسڻي)، فلم
مادرعلمي نيوڪيسل يونيورسٽي
دي ڪوئينز ڪاليج، آڪسفورڊ
سرگرمي سالَ 1978–تاحال
Genres جسماني مزاح، ڪاري مزاح، طنز
زال يا مڙس سنيترا سيستري (ش. 1990; ط. 2015)
ڀائيوار لوئس فورڊ
(2014–هيئنرتائين)[1]
ٻار ٻچا 3
مائٽ روڊني اٽڪنسن (سڳو ڀاءُ)
صحيح (دستخط)

روون سباستين اٽڪنسن، سي بي اي (پيدائش: 6 جنوري 1955ع) هڪ انگريزي اداڪار، مسخرو (مذاقي، کلائيندڙ) ۽ منظرنگار  آهي. سٽڪام، بليڪ ايڊر ۽ مسٽر بين ڊرامن کيس ڏاڍو مشهور بڻايو مزاحيا خاڪن جي هڪ ٽيليويزن شو ناٽ دي نائن او ڪلاڪ نيوز (1979ع-کان-1982ع تائين) ۽ وري 1979ع ۾ دي سيڪرٽ پوليس مينز با ۾ شرڪت ڪرڻ جي وسيلي روون کي مشهور بڻايو. هن جي ٻين ڪلاڪاري ڪمن ۾ بانڊ سلسلي جي فلم نيور سي نيور اگين ۽ سٽ ڪام دي ٿِن بليو لائن (سنهي نيري قطار) (1995ء-1996ء) شامل آهن.

کيس دي آبزرور اخبار برطانوي مزاح جي 50 مزاحيا اداڪارن ۾ ڳڻيو آهي، جڏهن تہ 2005 ۾ هڪ راءِ شماري (سروي) ۾ هي سموري دنيا جي سرفهرست 50 مزاح نگارن منجهان هڪ قرار ڏنو ويو. مسٽر بين جي فلمي تشڪيل بين ۽ مسٽر بينز هاليڊي (مسٽر بين جي موڪل جو ڏينهن)، ۽ ان سميت جوني انگلش (2003) ۽ جوني انگلش ريبورن (2011 فلم) پڻ وڏي پردي (بگ اسڪرين) تي سندس ڪاميابين ۾ ڳڻي ويندي آهي.

شروعاتي زندگي[سنواريو]

اٽڪنسن، چار ڀائرن ۾ سڀني کان گهٽ ڄمار(عمر ۾ ننڍو) آهي. هي Consett، ڪائونٽي ڊرهم، انگلينڊ ۾ 6 جنوري 1955 تي پيدا ٿيو.[3][4][5][6]

هن جو پيءُ ايرڪ اٽڪنسن هڪ هاري ۽ ڪمپني جو ڊائريڪٽر  هيو. هن ايلامي سان جون 29، 1945 تي پرڻو (شادي) ڪيو.[6] هن جا ٽي وڏا ڀائر پال (جنهن جو کيرپيئڻ واري ڄمار ۾ موت ٿي ويو)، راڊني، (هڪ Eurosceptic ماهر اقتصاديات جيڪو 2000 ۾ برطانيا آزادي پارٽي جي اڳواڻي واريون چُونڊون هارجي ويو هيو)، ۽ روپرٽ آهن.[7][8]

اٽڪنسن انگليڪان خاندان[9] ۾ نپيو وڏو ٿيو، شروعاتي تعليم ڊرهم ڪوريسٽرز اسڪول ۾ حاصل ڪيائين، جڏهن تہ پوءِ سينٽ بيز اسڪول، ۽ نيوڪيسل يونيورسٽي ۾ تعليم حاصل ڪئي، جتان هن اليڪٽريڪل انجينئري ۾ سند (ڊگري) حاصل ڪئي.[10] 1975 ۾ هِن اليڪٽريڪل انجينئري ۾ ايم ايس سي (MSc) جي سَندَ (ڊگري) جي لاءِ ڪوئنز ڪاليج، آڪسفورڊ ۾ داخلا ورتي. هي ساڳيو تعليمي ادارو آهي جتي هن جي پيءُ سال 1935 ۾ ميٽرڪ ڪئي هئي،[11] ۽ جنهن اٽڪنسن کي 2006 ۾ اعزازي فيلو بڻايو.[12]

آگسٽ 1976 ۾ ايڊنبرا فرنچ فيسٽيول جي موقعي تي اوڪسفرڊ ريوو ۾ هن ڏانهن پهريون ڀيرو قومي سطح تي ماڻهن جو ڌيان ڇڪجي آيو.[10] تيستائين هي آوڪسفرڊ ۾ ڪيترن ئي ناٽڪ (شوز) جي لاءِ ابتدائي خاڪا لِکي ۽ پيش ڪري چُڪو هيو.

ڪيريئر[سنواريو]

ريڊيو[سنواريو]

اٽڪنسن 1978 ۾ بي بي سي ريڊيو 3 جي هڪ مزاحيا سلسلي ۾ جلوا ڏيکاريا جيڪو اٽڪنسن پيپل سڏبو هيو. هي فرضي عظيم شخصيت سان ٽوڪَ (طنز) واري انٽرويو جو هڪ سلسلو هيو، جيڪو اٽڪنسن پاڻ ئي ٺاهيو هيو. ان سلسلي کي اٽڪنسن ۽ رچرڊ ڪرٽس لکيو هيو جڏهن تہ گريف رهائز جونز انهن ناٽڪن کي پروڊيوس ڪيو هيو.[13]

حوالا[سنواريو]

  1. Duncan, Amy (12 November 2017). "Rowan Atkinson is set to become a father for the third time at the age of 62". ميٽرو. http://metro.co.uk/2017/11/12/rowan-atkinson-33-year-old-girlfriend-due-to-give-birth-to-his-third-child-in-matter-of-weeks-7072489/. 
  2. "Rowan Atkinson". Front Row Interviews. 8 January 2012. بي بي سي ريڊيو 4 ايڪسٽرا. http://bbc.co.uk/programmes/b018zvm9. 
  3. سانچو:Who's Who
  4. "Rowan Atkinson: Biography". MSN. Archived from the original on 25 December 2018. https://web.archive.org/web/20181225133230/http://www.msn.com/en-us/movies. Retrieved 9 February 2012. 
  5. "Rowan Atkinson: Biography". TV Guide. حاصل ڪيل 9 February 2012. 
  6. 6.0 6.1 Barratt, Nick (25 August 2007). "Family Detective – Rowan Atkinson". The Daily Telegraph (UK). Archived from the original on 25 December 2018. https://web.archive.org/web/20181225133236/https://www.telegraph.co.uk/women/mother-tongue/familyhistory/3354493/Family-detective.html. 
  7. Foreign Correspondent – 22 July 1997: Interview with Rodney Atkinson, Australian Broadcasting Corporation.
  8. Profile: UK Independence Party, بي بي سي نيوز، 28 July 2006.
  9. Mann, Virginia (28 February 1992). "For Rowan Atkinson, comedy can be frightening". The Record. Archived from the original on 25 December 2018. https://web.archive.org/web/20181225133229/https://www.questia.com/hbr-welcome. Retrieved 10 December 2007. 
  10. 10.0 10.1 "BBC – Comedy Guide – Rowan Atkinson". BBC. وقت 4 December 2004 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 29 December 2008. 
  11. "page 6: "The donation was given in memory of Rowan Atkinson's father, Eric Atkinson, who matriculated at Queens in 1935."" (PDF). حاصل ڪيل 21 June 2011. 
  12. "queens iss 1" (PDF). حاصل ڪيل 21 June 2011. 
  13. "Pick of the Day", The Guardian, 31 January 2007.