مواد ڏانھن هلو

روون اٽڪنسن

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Rowan Atkinson
CBE
سال 2011 ۾ اٽڪنسن
جنم نالوروون سباسٽين اٽڪنسن
پيدائشي (1955-01-06) 6 January 1955 (age 71)
ڪونسيٽ، ڪائونٽي ڊرهم، انگلينڊ
Mediumاسٽينڊاپ ڪاميڊي، ٽيليويزن (ڏور ڏسڻي)، فلم
مادرعلمينيوڪيسل يونيورسٽي
دي ڪوئينز ڪاليج، آڪسفورڊ
سرگرمي سالَ1978–تاحال
Genresجسماني مزاح، ڪاري مزاح، طنز
زال يا مڙسسنيترا سيستري (ش. 1990; ط. 2015)
ڀائيوارلوئس فورڊ
(2014–هيئنرتائين)[1]
ٻار ٻچا3
مائٽروڊني اٽڪنسن (سڳو ڀاءُ)
صحيح (دستخط)

روون سباستين اٽڪنسن، سي بي اي (پيدائش: 6 جنوري 1955ع) هڪ انگريزي اداڪار، مسخرو (مذاقي، کلائيندڙ) ۽ منظرنگار  آهي. سٽڪام، بليڪ ايڊر ۽ مسٽر بين ڊرامن کيس ڏاڍو مشهور بڻايو مزاحيا خاڪن جي هڪ ٽيليويزن شو ناٽ دي نائن او ڪلاڪ نيوز (1979ع-کان-1982ع تائين) ۽ وري 1979ع ۾ دي سيڪرٽ پوليس مينز با ۾ شرڪت ڪرڻ جي وسيلي روون کي مشهور بڻايو. هن جي ٻين ڪلاڪاري ڪمن ۾ بانڊ سلسلي جي فلم نيور سي نيور اگين ۽ سٽ ڪام دي ٿِن بليو لائن (سنهي نيري قطار) (1995ء-1996ء) شامل آهن.

کيس دي آبزرور اخبار برطانوي مزاح جي 50 مزاحيا اداڪارن ۾ ڳڻيو آهي، جڏهن تہ 2005 ۾ هڪ راءِ شماري (سروي) ۾ هي سموري دنيا جي سرفهرست 50 مزاح نگارن منجهان هڪ قرار ڏنو ويو. مسٽر بين جي فلمي تشڪيل بين ۽ مسٽر بينز هاليڊي (مسٽر بين جي موڪل جو ڏينهن)، ۽ ان سميت جوني انگلش (2003) ۽ جوني انگلش ريبورن (2011 فلم) پڻ وڏي پردي (بگ اسڪرين) تي سندس ڪاميابين ۾ ڳڻي ويندي آهي.

شروعاتي زندگي

[سنواريو]

اٽڪنسن، چار ڀائرن ۾ سڀني کان گهٽ ڄمار(عمر ۾ ننڍو) آهي. هي Consett، ڪائونٽي ڊرهم، انگلينڊ ۾ 6 جنوري 1955 تي پيدا ٿيو.[3][4][5][6]

هن جو پيءُ ايرڪ اٽڪنسن هڪ هاري ۽ ڪمپني جو ڊائريڪٽر  هيو. هن ايلامي سان جون 29، 1945 تي پرڻو (شادي) ڪيو.[6] هن جا ٽي وڏا ڀائر پال (جنهن جو کيرپيئڻ واري ڄمار ۾ موت ٿي ويو)، راڊني، (هڪ Eurosceptic ماهر اقتصاديات جيڪو 2000 ۾ برطانيا آزادي پارٽي جي اڳواڻي واريون چُونڊون هارجي ويو هيو)، ۽ روپرٽ آهن.[7][8]

اٽڪنسن انگليڪان خاندان[9] ۾ نپيو وڏو ٿيو، شروعاتي تعليم ڊرهم ڪوريسٽرز اسڪول ۾ حاصل ڪيائين، جڏهن تہ پوءِ سينٽ بيز اسڪول، ۽ نيوڪيسل يونيورسٽي ۾ تعليم حاصل ڪئي، جتان هن اليڪٽريڪل انجينئري ۾ سند (ڊگري) حاصل ڪئي.[10] 1975 ۾ هِن اليڪٽريڪل انجينئري ۾ ايم ايس سي (MSc) جي سَندَ (ڊگري) جي لاءِ ڪوئنز ڪاليج، آڪسفورڊ ۾ داخلا ورتي. هي ساڳيو تعليمي ادارو آهي جتي هن جي پيءُ سال 1935 ۾ ميٽرڪ ڪئي هئي،[11] ۽ جنهن اٽڪنسن کي 2006 ۾ اعزازي فيلو بڻايو.[12]

آگسٽ 1976 ۾ ايڊنبرا فرنچ فيسٽيول جي موقعي تي اوڪسفرڊ ريوو ۾ هن ڏانهن پهريون ڀيرو قومي سطح تي ماڻهن جو ڌيان ڇڪجي آيو.[10] تيستائين هي آوڪسفرڊ ۾ ڪيترن ئي ناٽڪ (شوز) جي لاءِ ابتدائي خاڪا لِکي ۽ پيش ڪري چُڪو هيو.

ڪيريئر

[سنواريو]

ريڊيو

[سنواريو]
اٽڪنسن 1978 ۾ بي بي سي ريڊيو 3 جي هڪ مزاحيا سلسلي ۾ جلوا ڏيکاريا جيڪو اٽڪنسن پيپل سڏبو هيو. هي فرضي عظيم شخصيت سان ٽوڪَ (طنز) واري انٽرويو جو هڪ سلسلو هيو، جيڪو اٽڪنسن پاڻ ئي ٺاهيو هيو. ان سلسلي کي اٽڪنسن ۽ رچرڊ ڪرٽس لکيو هيو جڏهن تہ گريف رهائز جونز انهن ناٽڪن کي پروڊيوس ڪيو هيو.[13]

حوالا

[سنواريو]
  1. Duncan, Amy (12 November 2017). "Rowan Atkinson is set to become a father for the third time at the age of 62". ميٽرو. 13 November 2017 تي حاصل ڪيل.
  2. "Rowan Atkinson". Front Row Interviews. 8 January 2012. بي بي سي ريڊيو 4 ايڪسٽرا. http://bbc.co.uk/programmes/b018zvm9.
  3. سانچو:Who's Who
  4. "Rowan Atkinson: Biography". MSN. اصل نسخو مان 25 December 2018 تي محفوظ ڪيل. 9 February 2012 تي حاصل ڪيل. {{cite news}}: Unknown parameter |dead-url= ignored (|url-status= suggested) (مدد)
  5. "Rowan Atkinson: Biography". TV Guide. 9 February 2012 تي حاصل ڪيل.
  6. 1 2 Barratt, Nick (25 August 2007). "Family Detective – Rowan Atkinson". The Daily Telegraph. UK. اصل نسخو مان 25 December 2018 تي محفوظ ڪيل. 16 January 2020 تي حاصل ڪيل. {{cite news}}: Unknown parameter |dead-url= ignored (|url-status= suggested) (مدد)
  7. Foreign Correspondent – 22 July 1997: Interview with Rodney Atkinson, Australian Broadcasting Corporation.
  8. Profile: UK Independence Party, بي بي سي نيوز، 28 July 2006.
  9. Mann, Virginia (28 February 1992). "For Rowan Atkinson, comedy can be frightening". The Record. اصل نسخو مان 25 December 2018 تي محفوظ ڪيل. 10 December 2007 تي حاصل ڪيل. {{cite news}}: Unknown parameter |dead-url= ignored (|url-status= suggested) (مدد)
  10. 1 2 "BBC – Comedy Guide – Rowan Atkinson". BBC. 4 December 2004. اصل نسخو مان 4 December 2004 تي محفوظ ڪيل. 29 December 2008 تي حاصل ڪيل.
  11. "page 6: "The donation was given in memory of Rowan Atkinson's father, Eric Atkinson, who matriculated at Queens in 1935."" (PDF). 21 June 2011 تي حاصل ڪيل.
  12. "queens iss 1" (PDF). 21 June 2011 تي حاصل ڪيل.
  13. "Pick of the Day", The Guardian, 31 January 2007.