روبي مائرز

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
سولوچانا Sulochana

سولوچانا 1920۾.
پيدائش روبي ميئرز Ruby Myers
سال 1907
پوني, بمبئي پريزيڊينسي, برطانوي هندستان
وفات 10 آڪٽوبر 1983 (عمر اظھاري چُڪَ: اڻڄاتل وقفي حرف "{". سال) [1]
ممبئي, مھاراشٽر, انڊيا
ٻيا نالا سولوچانا
پيشو ناٽڪڻ
سَرگَرمُ سالَ سال 1920–کان1980

روبي ميئر (انگريزي ٻولي: Ruby Myers) يهودي نسل جي ڀارتي فلمي اداڪارِ هُئي. هيءَ هڪ بغدادي يهودي خاندان سان تعلق رکندي هئي. هن 1907ع ۾ پوني، بمبئي پريزيڊنسي ۾ جنم ورتو هيو.[2]

ڪيريئر جي شروعات[سنواريو]

Sulochana Indira M.A. (cropped).jpg
Sulochana Indira M.A. (cropped).jpg

روبي هڪ ٽيليفون آپريٽر جي ڪم سان پنهنجي ڪيريئر جي شروعات ڪئي. سندس خوبصورتي کان مُتاثر ٿي ڪوهہ نور فلم ڪمپني جي مالڪ موهن ڀائوناني هن سان رابطو ڪيو ۽ فلم ۾ ڪم ڪرڻ جي آڇ ڪئي، پر روبي ان آڇَ (آفر) کي جوابَ ڏئي ڇڏيو، ڇوتہ ان وقت فلمن ۾ عورتن جو ڪم ڪرڻ ڏاڍو خراب سمجهيو ويندو هيو، پر هدايتڪار موهن پاران کيس هر ڀيري زور ڀرڻ تي هيءَ فلم ۾ ڪم ڪرڻ جي لاءِ ها ڪري ويٺِي ۽ تڏهن سندس فلمي نالو سلوچنا رکيو ويو هيو. روبي ٽيهہ جي ڏهاڪو ۾ خاموش فلمن (سائلينٽ موويز) جي وڏي اداڪارا مڃي ويندي هئي. فلم ويربالا جي ڪاميابي کيس رات وچ ۾ اسٽار بڻائي ڇڏيو، تنهنکانپوءِ هن پوئتي مُري ڪينَ ڏٺو.

عروج وارو زمانو[سنواريو]

ٽيليفون گرل، علي بابا چاليهہ چور، وائلڊ ڪيٽ آف بامبي، ديا جي ديوي ماڌوري، انارڪلي، اندرا ايم اي جهڙيون ڪيتريون ئي ڪامياب فلمون هن ڏنيون، سندس پنهنجي نالو سلوچنا تي پڻ هڪ فلم ٺهي هُئي، اداڪار ڊي بلي موريا سان گڏ هن جي فلم هيررانجها ۾ چُمي ڏيڻ وارو منظر (ڪِسنگ سين) ڏيڻ تي وڏو هُلڙ هنگامو ٿيو هيو، کيس 'رومانس جي راڻي ' ۽ ' سپنن جي راڻي ' جي نالن سان مقبوليت ملي. هڪ وقت ۾ هيءَ بمبئي جي گورنر کان بہ وڌيڪ ڏوڪڙ (پئسا) ڪمائيندي هئي، هن وٽ شيوورلٽ ڪار پڻ هئي، جيئن هوءَ پاڻ هلائيندي هئي، پر پوءِ خاموش (سائلينٽ) فلمن کانپوءِ آواز واري فلمن جو دور آيو ۽ روبي کي گهٽ فلمون ملڻ لڳيون، ڇوتہ هوءَ سُٺي هندي ۽ اردو نہ ڳالهائي سگهندي هئي، انهيءَ ڪري هن هڪ سال تائين فلمن کان موڪَل ورتي ۽ هندي ٻولي سکڻ لڳي ۽ ٻيهر فلمن ۾ شاندار واپسي ڪيائين. سال 1930ع جي وچ واري زماني ۾ هن پنهنجي فلم پروڊڪشن هائوس روبي پڪس جي نالو سان کوليو، جنهن ۾ هن پنهنجي خاموش فلمن کي ڳالهائيندڙ (آواز واريون) فلمن ۾ ٻيهر ٺاهڻ شروع ڪيو جِن کي وڏي شهرت ملي.[3]

فلم انارڪلي[سنواريو]

فلم انارڪلي جيڪا ٽي ڀيرا ٺهي، ٽنهين ڀيري روبي انهن ۾ ڪم ڪيو، پهريون ڀيرو خاموش فلم ۾ انارڪلي جو ڪردار نڀائيائين پوءِ ڳالهائيندڙ فلم ۾ پڻ انارڪلي جو ڪردار نڀائيائين. آخري ڀيرو انارڪلي فلم ۾ هن شهزادو سليم جي ماءٌ وارو ڪردار نڀايو. نئين اداڪارن ثريا، نور جهان، خورشيد جي اچڻ سان روبي جي چمڪ ڦڪي پوڻ (گهٽجڻ) لڳي. کيس سائيڊ رول ملڻ شروع ٿي ويا. ناليوارو ڀارتی سياستدان مورار جي ديسائي فلم جگنو ۾ پروڊيوسر بڻيو. دليپ ڪمار جو روبي تي ڏوري وجهڻ اخلاقيات جي خلاف لڳو، جنهن جي ڪري دليپ ڪمار کي ان فلم ۾ روڪَ (بين) پڻ لڳو هيو. ڊي بلي موريا سان سندس افيئرجو وڏو چئوٻول (چرچو) ٿيڻ لڳو. ڊي بلي موريا خاموش فلمن جو سپر اسٽار هيو. شاهہ خرچ روبي پيسن جي تنگي پڻ ڏٺِي، هندستاني حڪومت کينس 1973 ۾ دادا صاحب ڦالڪي ايوارڊ پڻ ڏنو هيو.[4] هدايتڪار اسماعيل مرچنٽ پاران فلم مهاتما اينڊ دي بيڊ بوائي ۾ کيس ڀيٽا (خراج عقيدت) پيش ڪئي وئي.

Ruby Myers in 2013 stamp of India

وفات[سنواريو]

روبي 10 آڪٽوبر 1983 تي بمبئي ۾ پلوڪ پَڌاري (وفات ڪري) وئي.

حوالا[سنواريو]