رضي الدين صديقي
| رضي الدين صديقي | |
|---|---|
| معلومات شخصيت | |
| ڄم | |
| موت | |
| شھريت | |
| عملي زندگي | |
| مادر علمي | |
| آجر | |
| اعزازات | |
| ترميم | |
پيدائش: 1908ع
پاڪستاني تعليمي ماھر . رياضيدان ، سائنس دان ، عثمانيہ ، ڪيمبرج ، گوٽنجن ، لائپزگ ۽ پرس جي يونيورسٽين ۾ تعليم حاصل ڪئي. 1931ع کان 1950ع تائين عثمانيہ يونيورسٽي ۾ پروفيسر رياضي، ڊائريڪٽر آف ريسرچ ۽ وائس چانسلر رھيو. 1950ع ۾ پشاور يونيورسٽي ۽ 1959ع ۾ سنڌ يونيورسٽي جو وائس چانسلر مقرر ٿيو. 1961ع کان 1973ع تائين پاڪستاني اڪيڊمي آف سائنسز جو صدر ۽ 1965ع کان 1973ع تائين اسلام آباد يونيورسٽي جو وائس چانسلر رھيو. بعد ۾ صدر جي سيڪريٽريٽ جر سائنسي ۽ تڪنيڪي تحقيقاتي شعبي جو جائنٽ سيڪرٽري انچارج مقرر ٿيو. طالب علمي جي زماني ۾ ئي دنيا جي سائنسي حلقن ۾ متعارف ٿي ويو ھو. انگلستان ۽ بعد ۾ جرمني ۽ فرانس ۾ ايٽمي توانائي ۽ اضافت جي نظريي تي تحقيقاتي ڪم ڪيو ۽ اضافت جي نظريي تي مقالو لکي ڪري پي ايچ ڊي جي ڊگري ورتي. رياضي ۽ سائنس کان علاوہ ادب سان بہ دلچسپي رکن ٿا.
- وڪي ڊيٽا سانچو ۾ خرابي
- وڪي ڊيٽا سانچن ۾ غلطي
- وڪي ڊيٽا جي مواد جو استعمال ڪرڻ وارو صفحات
- اعزاز وڪي ڊيٽا مان اخذ ٿيل
- 1908ع جون پيدائشون
- 1998ع جون فوتگيون
- 1998ع جون وفاتون
- برنامج نوياتي اسلحو پاڪستان
- پاڪستاني تعليم جا ماھر
- پاڪستاني سائنسدان
- پاڪستاني عالم
- پاڪستاني محقق
- پاڪستاني طبيعيات دان
- تعليم جا ماھر
- حيدرآباد، ڀارت جا ماڻھو
- رياضي دان
- ستارۂ امتياز
- فاضل جامعہ عثمانيہ
- قائد اعظم يونيورسٽي فيڪلٽي
- منصوبو-706
- مھاجر ماڻھو
- نشان امتياز
- ڪراچي جا ماڻھو
- ڪيمبرج يونيورسٽي جا اڳوڻا شاگرد
- ھلال امتياز