رسول حمزه توف
| رسول حمزه توف | |
|---|---|
| معلومات شخصيت | |
| ڄم | |
| موت | |
| شھريت | |
| ڌرم | |
| عملي زندگي | |
| پيشو | |
| مادري ٻولي | آوار ٻولي |
| ڪم جي ٻولي | |
| ويب سائٽ | |
| IMDB تي صفحو | |
| ترميم | |
رسول حمزه توف: Rasul Gamzatovich Gamzatov: داغستان جي آوار avar ٻوليءَ جو عظيم شاعر 8 سيپٽمبر 1923 ۾ اتر اوڀر ڪوھ قاف جي اوچن پھاڙن ۾ داغستان جي ضلعي خنزاخسڪي جي ھڪ ڳوٺ زيڊا ۾ پيدا ٿيو.سندس پيءُ جو نالو حمزه ھيو.سندس تعلق داغستان جي 36 قوميتن مان ھڪ قوميت آوار سان ھيو.پاڻ سويت يونين جو برک شاعر هو.داغستان ۾ آوار ٻولي ڳالهائيندڙن جو تعداد 170000 ھيو ۽ ھن پنھنجي ان ٻوليءَ ۾ شاعري ڪئي.[1]
زندگي
[سنواريو]ننڍپڻ ۾ ڪھاڻيون ۽ بيت ٻڌڻ جو شوقين ھوندو ھو. بيت ياد ٿي ويندا ھيس . پاڙيسري کان ھڪ ڪھاڻي ٻڌڻ جي عيوض ٽي ڏينھن ان جو گھوڙو چاريندو هو. ھن جو پيءُ حمزه قصا ڳائيندڙ شاعر (bard) ھيو. رسول حمزه توف پھريون نظم يارھن سالن جي عمر ۾ لکيو جيڪو ٻارن بابت ھيو جيڪي جھاز جي لھڻ واري جاء ڏي ڊڪندا پئي ويا. ھن جو شاعريءَ ۾ پھريون استاد سندس پيءُ ھيو. داغستان سان ھن جي بي پناه محبت ھئي جنھن جو اظھار ھن پنھنجي آتم ڪھاڻي منھنجو داغستان ۾ ڪيو آھي. کيس 1952 ۾ اسٽالن پرائيز ۽ 1963 ۾ لينن پرائيز مليو.



عمر جي پوئين حصي ۾ مخچڪلا (Makhachkala) شھر ۾ ڪئيسپن سمنڊ جي ڪناري تي واقع گھر ۾ پنھنجي ٽن ڌيئرن زرينہ (Zarema),فاطمہ (Patimat) ۽ زليخا (Salikhat) سان گڏ رھندو ھو.[2] 3 نومبر 2003 ۾80 سالن جي عمر ۾ وفات ڪيائين.
حوالا
[سنواريو]- ↑ https://russiapedia.rt.com/prominent-russians/literature/rasul-gamzatov/.
{{cite web}}: Missing or empty|title=(مدد) - ↑ https://russiapedia.rt.com/prominent-russians/literature/rasul-gamzatov/.
{{cite web}}: Missing or empty|title=(مدد)