منھنجو داغستان
ڏيک
| ليکڪ | رسول حمزه توف |
|---|---|
| اصل عنوان | My Dagestan |
| ملڪ | سويت يونين |
| ٻولي | اوار ٻولي (Avar language) |
| صنف | آتم ڪٿا |
ميرا داغستان يا منھنجو داغستان (انگريزي ٻولي: My Dagestan)، داغستان جي مشھور قومي شاعر رسول حمزه توف جو لکيل ڪتاب آهي، جنھن جو مختلف ٻولين ۾ ترجمو ٿي چڪو آهي.
پاڪستان ۾ اردو ۾ ان ترجمو ميرا داغستان جي نالي سان ٿيل آھي. روسي ٻولي ۾ ھن ڪتاب جو ترجمو ھڪ اديب ولاديمير سولواوخين ڪيو ھو. ھي ڪتاب رسول حمزه توف جي آتم ڪٿا آھي جنھن ۾ ھن پنھنجي ديس سان لازوال محبت جو اظھار ڪيو آھي.ڪتاب ۾ نثر سان گڏ ڪٿي ڪٿي شاعري بہ شامل ڪئي اٿائين.[1] ڪتاب ۾ ھن داغستان جي ڳوٺاڻي ۽ پھاڙي زندگيءَ جا تفصيل وڏڙن جون حڪمت واريون ڳالھيون ۽ داغستان جي وڻ ٽڻ، پھاڙ، ماڻھن سان ليکڪ پنھنجي محبت جو خوبصورتي سان اظھار ڪيو آھي. [2]
حوالا
[سنواريو]- ↑ "Encyclopedia", حاصل ڪيل 24 September 2014۔
- ↑ {میرا داغستان: رسول حمزہ توف}