رسول بخش درس
رسول بخش درس سنڌي ٻوليءَ جو هڪ ڀلوڙ ڪهاڻيڪار هو، جو 29 ڊسمبر 2020ع تي وفات ڪري ويو.[1] رسول بخش درس مشهور ڪهاڻيڪار ۽ نثر نويس 10 جون 1953ع تي جهمپير، ضلعي ٺٽي ۾ محمد اسماعيل درس جي گهر ۾ پيدا ٿيو. ابتدائي تعليم ۽ مئٽرڪ جهمپير مان، انٽر ڊگري ڪاليج ٺٽي مان ۽ بي. اي جي ڊگري سچل سرمست آرٽس ڪاليج، حيدرآباد مان حاصل ڪئي، بعد ۾ ايم. اي (سنڌي ادب) ٻي پوزيشن سان، سنڌ يونيورسٽي، ڄام شوري مان پاس ڪئي. هن عملي زندگيءَ جو آغاز پرائمري اُستاد طور نومبر 1973ع کان ڪيو. مُلازمت دوران 1980ع کان 1991ع تائين لرننگ ڪوآرڊينيٽر ۽ سُپروائيزر بہ رهيو. 1992ع کان 2002ع تائين هاءِ اسڪول جهمپير ۾ اُستاد ۽ 2002ع کان سنڌيءَ جو مضمون اسپيشلسٽ طور پڙهايائين.رسول بخش درس بُنيادي طرح ڪهاڻيڪار آهي..
رسول بخش درس
Rasool Buksh Daras | |
---|---|
پيدائش | جون 10 1953ع |
وفات | 29 ڊسمبر 2020ع (عمر 67 سال)
ڪراچي |
قوميت | سنڌي |
تعليم | ايم اي سنڌي ادب |
مادر علمي | سنڌ يونيورسٽي |
پيشو | پروفيسر، ليکڪ، ڪهاڻيڪار |
مذھب | اسلام |
سندس پهرين ڪهاڻي 1977ع ڌاري ماهوار رسالي ’تحريڪ‘ ۾ ڇپي، ان بعد سندس لاتعداد ڪهاڻيون ۽ ادبي مضمون ڇپيا. ان کان سواءِ سندس ڪيترين ئي ڪهاڻين کي ڊرامائي تشڪيل ڏئي سنڌي چئنلن تان سولو پليز طور نشر ڪيو ويو. رسول بخش درس، عبدالعزيز ’اثر‘ سولنگيءَ سان گڏجي ’سرسوتي‘ نالي رسالي جا ڪجھہ پرچا پڻجاري ڪيا. سندس ڪهاڻين جو پهريون مجموعو ’سُهائيءَ جي سوڀ‘ (1980ع) ۽ ٻيو مجموعو ’ساٿ جي موسم‘ (2005ع) ڇپجي مڃتا ماڻي چُڪا آهن. رسول بخش درس خاڪا نويسيءَ ۾ هڪ الڳ مقام رکي ٿو. ’سنڌ هيرن کاڻ‘ نالي سان خاڪن جو پهريون مجموعو 2005ع ۾ ڇپيو، ساڳئي نالي سان ٻيا جلد بہ ڇپجي چُڪا آهن. رسول بخش درس موسيقيءَ جو وڏو ڄاڻو هو ۽ موسيقيءَ سان وڏي دلچسپي هئس. جهمپير ۾ ادبي محفلون ۽ ڪچهريون رَچائڻ ۽ هر آيل مهمان جو دلي آڌر ڀاءَ ڪرڻ سندس مشغلو رهيو. پاڻ آخر تائين فڪِر جي.ايم سيد سان لاڳاپيل رهيو. سنڌ جي هن مثالي انسان 29 ڊسمبر 2020ع تي، ڪراچيءَ جي هڪ نجي اسپتال ۾ وفات ڪئي. 30 ڊسمبر 2020ع تي، هزارين ماڻهن کيس حسين شاهه قبرستان جهمپير ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو.
اوائلي عُمر ۽ سِکيا
[سنواريو]10 جون 1953ع تي جهمپير، ضلعي ٺٽي ۾ محمد اسماعيل درس جي گهر ۾ پيدا ٿيو. ابتدائي تعليم ۽ مئٽرڪ جهمپير مان، انٽر ڊگري ڪاليج ٺٽي مان ۽ بي. اي سچل سرمست آرٽس ڪاليج، حيدرآباد مان ڪيائين، بعد ۾ ايم. اي (سنڌي) ٻي پوزيشن سان، سنڌ يونيورسٽي، ڄام شوري مان پاس ڪيائين.
عملي زندگي
[سنواريو]هن عملي زندگيءَ جو آغاز پرائمري اُستاد طور نومبر 1973ع کان ڪيو. مُلازمت دوران 1980ع کان 1991ع تائين لرننگ ڪوآرڊينيٽر ۽ سپروائيزر بہ رهيو. 1992ع کان 2002ع تائين هاءِ اسڪول جهمپير ۾ اُستاد ۽ 2002ع کان هيل تائين سنڌيءَ جو مضمون اسپيشلسٽ طور پڙهائيدو رهيو آهي.
سُڃاڻپ
[سنواريو]رسول بخش درس بُنيادي طرح ڪهاڻيڪار آهي. سندس لکڻيون سڄي سنڌ توڙي پرڏيھ ۾ رهندڙ سنڌين ۾ پسند ڪيون ويون آھن. سندس پهرين ڪهاڻي 1977ع ڌاري ماهوار رسالي ’تحريڪ‘ ۾ ڇپي، سندس وقت بوقت ڪهاڻيون ۽ ادبي مضمون ڇپجندا رهيا آهن. اُن کان سواءِ سندس ڪيترين ڪهاڻين کي ڊرامائي تشڪيل ڏئي سنڌي چئنلن تان سولو پليز نشر ڪيا ويا آهن. رسول بخش درس، عبدالعزيز ’اثر‘ سولنگيءَ سان گڏجي ’سرسوتي‘ نالي ڪجهه رسالا بہ ڇپرايا هئا. رسول بخش درس جي ڪهاڻين جو پهريون مجموعو ’سُهائيءَ جي سوڀ‘ (1980ع) ۽ ڪهاڻين جو ٻيو مجموعو ’ساٿ جي موسم‘ (2005ع) شايع ٿي چڪا آهن. رسول بخش درس خاڪا نويسيءَ ۾ هڪ الڳ مقام رکي ٿو. سندس ڪُجھہ خاڪا ’سنڌ هيرن کاڻ‘ نالي سان ڪتابي صورت ۾ (2005ع) شايع ٿيا. انهيءَ ڪتاب جو ٻيو حصو ساڳئي نالي سان، ثقافت کاتي،حڪومت سنڌ 2012ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو. هن جي ڪهاڻين جو گڏيل مجموعو ’سُهائي جي سوڀ‘ ڪُجھہ نين ڪهاڻين سميت ٻيهر ڇپائي هيٺ آهي. اُن کان علاوه سندس سُڃاڻپ هڪ کِلمُک، خوش اخلاق ۽ مهمان نواز طور بہ آھي.[2]
هڪ عام ماڻھوءَ طور
[سنواريو]رسول بخش درس ڪتابن،پينٽنگزن ۽ موسيقيءَ سان وڏي دلچسپي رکندڙ ھيو. جهمپير ۾ ادبي محفلون ۽ ڪچهريون رَچائڻ ۽ هر آيل مهمان جو دلي آڌر ڀاءَ ڪرڻ سندس مشغلو رهيو آهي. هو مشھور سنڌي ڪهاڻيڪار ”علي بابا“ کان وڏو مُتاثر هيو، سندس لائبريريءَ ۾ علي بابا جي تصوير پٹ لڳل آھي.
موت
[سنواريو]ناميارو ڪھاڻيڪار، رسول بخش درس 29 ڊسمبر 2020ع تي رت جي اَڇن جُزن جي گهَٽجَڻ جي ڪري ڪراچيءَ جي نجي اسپتال ۾ لاڏاڻو ڪري ويو.[2]
حوالا
[سنواريو]- ↑ https://awamiawaz.pk/663212/
- ↑ 2.0 2.1 "درس رسول بخش : (Sindhianaسنڌيانا)". www.encyclopediasindhiana.org (ٻولي ۾ Sindhi). حاصل ڪيل 2020-12-30.