ڄيٺملاڻي
ڏيک
ڄيٺملاڻي سنڌي لوهاڻن جو هڪ پاڙو آهن، جيڪي اصل ۾ اروڙ ونشي آهن ۽ شڪارپور ۾ رهندا هئا.
تاريخ
[سنواريو]سندن وڏو ڏاڏو ديوان ڄيٺمل، حيدرآباد جي ميرن پاران شڪارپور جو بااختيار گورنر هو. هن شڪارپور ۾ پنهنجو ضرب خانو کوليو هو ۽ سندس نالي سان ’ج‘ اکر وارو سڪو هلندو هو. هن جي لشڪر ۾ گهڻو ڪري پٺاڻ شامل هئا، جڏهن انگريزن سنڌ فتح ڪئي ۽ ديوان ڄيٺمل کي ملازمت جي آڇ ڪئي ته هن وٽن نوڪري نه قبولي ۽ ملتان جي گورنر لالا مولراج وٽ وڃي رهيو، پوءِ جڏهن مير علي مراد خان خيرپور رياست جو والي ٿيو ته کيس گهرائي ورتائين. سندس لاڏاڻو به خيرپور ۾ ئي ٿيو. کيس ديوان نوتنداس نالي هڪ پٽ هو، جنهن جو اولاد ڄيٺملاڻي سڏجي ٿو. هندستان جو ناميارو وڪيل رام ڄيٺملاڻي به هن خاندان مان آهي.[1]
حوالا
[سنواريو]- ↑ ڪتاب: انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، جلد چوٿون، ڇپيندڙ: سنڌي لئنگئيج اٿارٽي (ISBN 978-969-9098-80-2) سال: 2012