آکيرا آڪاس ۾

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

آکيرا آڪاس ۾ دبئيءَ ۾ رهندڙ رام بخشاڻيءَ جي انگريزيءَ ۾ لکيل آتم ڪھاڻيءَ جو سنڌيءَ ۾ ترجمو آهي، جيڪو سنڌ جي نامور ليکڪ ۽ ڪهاڻيڪار قمر شهباز ڪيو آهي. سنڌي اڪيڊمي دهليءَ پاران اپريل 2005ع ۾ ڇپيل هن ڊيمي سائيز ڪتاب جا صفحا 394 آهن ۽ قيمت 200 رپيا آهي. رام بخشاڻيءَ جي آتم ڪٿا دلچسپ آهي، جنهن ۾ ليکڪ نہ رڳو زندگيءَ جي سمورن رخن کي ظاهر ڪيو آهي. پر ان ۾ هندستان جي سنڌي جاتيءَ جي اڻٿڪ محنت، اورچائي ۽ جدوجھد جو انوکو داستان آهي. پنهنجي جنم ڀوميءَ ۾ گذاريل سرهن ڏينھن کان وٺي ورهاڱي جي وحشت تائين ڪئمپن جي زندگي، ايشيا جي ٻين ملڪن دبئي ۽ جپان جي ترقيءَ ۾ سنڌين جي محنت، واپار ۽ خيراتي نيتي، سنڌي عورتن جي جدوجهد ۽ سنڌيت کي بچائڻ جي دلچسپ تاريخ بيان ڪيل آهي.[1]

حوالا[سنواريو]