ذھني صحت جو عالمي ڏھاڙو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
دماغي صحت جو عالمي ڏينهن World Mental Health Day

دماغي صحت جي عالمي ڏينهن 2014 لاءِ سالم، تامل ناڊو ۾ هڪ ريلي
ملهائڻ وارا ذهني صحت لاءِ ورلڊ فيڊريشن, عالمي صحت جو ادارو, ۽ ورلڊ فيڊريشن فار مينٽل هيلٿ (WFMH) جون ميمبر سَڀائون
تاريخ آڪٽوبر 10
دورانيو 1 ڏينهن
تقرر ورھيارو، ساليانو
جرمني، ميونخ ۾ دماغي صحت جو عالمي ڏينهن 2015

دماغي صحت جو عالمي ڏينهن (انگريزي ٻولي: World Mental Health Day) (آڪٽوبر 10)، عالمي ذهني صحت جي تعليم، سُجاڳي ۽ سماجي داڳ يا بدنامي جي خلاف وڪالت لاءِ عالمي ڏينهن آهي.[1] اهو پهريون ڀيرو 1992 ۾ دماغي صحت لاءِ عالمي فيڊريشن (ورلڊ فيڊريشن فار مينٽل هيلٿ) اداري جي اڳڀرائي واري قدم کڻڻ تي ملهايو ويو، جيڪا ذهني صحت جي هڪ عالمي تنظيم آهي، جنهن جا 150 کان وڌيڪ ملڪن ۾ ميمبر ۽ رابطا آهن.[2] هي ڏينهن، هر آڪٽوبر، هزارين حامي ان سالياڻي آگاهي واري پروگرام جي جشن کي لاءِ ملهائيندا آهن، ته جيئن ذهني بيمارين ۽ سڄي دنيا ۾ ماڻهن جي زندگين تي ان جو وڏن اثرن ڏانهن ڌيان ڏياري سگهجي.[3][4] ڪجهه ملڪن جهڙوڪ آسٽريليا[5] ۾ هي ڏينهن ذهني سُجاڳي واري هفتي جو حصو آهي.

10 آڪٽوبر کي دنيا ۾ دماغي صحت جو ڏينهن ڪري ملهايو ويندو آهي. ورلڊ هيلٿ آرگنائيزيشن چوي ٿي سڄي دنيا ۾ 45 ملين ماڻهو ڪنهن نه ڪنهن قسم جي ذهني بيماري ۾ ورتل آهن. جنهن ۾ سڀ کان وڌيڪ ۽ عام ذهني بيمارين ۾ ڊپريشن ۽ شيزوفرينيا بيماريون شامل آهن. سال 2002 ۾، اهو اندازو لڳايو ويو ته سڄي دنيا ۾ 15 ملين 40 لک ماڻهو ڊپريشن جو شڪار هيا. جڏهن ته دنيا جي لڳ ڀڳ هڪ سيڪڙو آبادي جا ماڻهو ڪنهن هڪ وقت ۾ شيزوفينيا (schizophrenia) جو شڪار آهن. شيزوفرينيا ۾، مريض جو ذهن يا دماغ غير حقيقي شين کي اصل يا حقيقت سمجهڻ شروع ڪندو آهي، هو مائٽن ۽ ويجهن دوستن کي سڀني دشمنن وانگر ڏسندو آهي. ان مرض ۾ ورتل ماڻهن ۾ ٻاهرين دنيا جو شعور لڳ ڀڳ گهٽجي وڃي ٿو، اهي پنهنجي دنيا ۾ رُڌل هوندا آهن. گڏيل قومن جي مطابق، سموري دنيا جي چار منجهان هڪ ماڻهوءَ کي ڪُجهه حد تائين ذهني صحت جي سار سنڀال جي گهرجَ آهي. جڏهن ته ترقي پذير ملڪن ۾، 85 سيڪڙو تائين ماڻهن کي ذهني بيمارين جي ڪنهن به علاج تائين ڪابه رسائي ناهي. اتي ذهني يا دماغي مرض کي لَڄ يا شرم ۽ رسوائي يا بدنامي سمجهيو ويندو آهي.

حوالا[سنواريو]

  1. Jenkins, Rachel; Lynne Friedli; Andrew McCulloch; Camilla Parker (2002). Developing a National Mental Health Policy. Psychology Press. p. 65. ISBN 978-1-84169-295-1. 
  2. Watson, Robert W. (2006). White House Studies Compendium, Volume 5. Nova Science Publishers. p. 69. ISBN 978-1-60021-542-1. 
  3. "World Mental Health Day". Mental Health in Family Medicine 7 (1): 59–60. 2010. 
  4. Mngoma, Nomusa F.; Ayonrinde, Oyedeji A.; Fergus, Stevenson; Jeeves, Alan H.; Jolly, Rosemary J. (2020-04-20). "Distress, desperation and despair: anxiety, depression and suicidality among rural South African youth". International Review of Psychiatry 0 (0): 1–11. doi:10.1080/09540261.2020.1741846. ISSN 0954-0261. PMID 32310008. https://doi.org/10.1080/09540261.2020.1741846. 
  5. Mental Health Week: 7 Ways You Can Get Involved 2 October 2015 آرڪائيو ڪيا ويا 4 March 2017 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين. Retrieved 15 October 2015