شيزوفرينيا

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

اسڪيزوفرنيا (شيزوفرنيا) هڪ ذهني خلل آهي, جنهن ۾ حقيقت ڇا آهي کي سمجهڻ ۾ ناڪامي ۽ بيمار سماجي هلت ان جون خاصيتون آهن. عام علامتن ۾ غلط عقيدا، غير واضح يا منجهيل ويچار، آواز ٻڌڻ، گهٽ سماجي لاڳاپو ۽ جذباتي اظهار ۽ تحرُڪ جي کوٽ شامل آهن. اسڪيزوفرنيا سان ماڻهن کي گهڻو ڪري ذهني صحت جا مسئلا، جهڙو ڪر، اُڻتڻ گڙ ٻڙ طبيعت، ميجر ڊپريشن جو روڳ، يا نشيدار مادو واپرائڻ جي شڪايتن جا واڌو مسئلا رهن ٿا. عام طور تي علامتون هوريا هوريان، بالعپڻي کان شروع ٿين ٿيون ۽ ڊگهي عرصي تائين هلن ٿيون.

اسڪيزوفرنيا جي سببن ۾ ماحولياتي ۽ جينياتي عامل شامل آهن. امڪاني ماحولياتي سببن مان، شهر ۾ وڏو ٿيڻ، ڀنگ جو استعمال، ڪجهه وچڙندڙ بيماريون، والدين جي عمر ۽ حمل دوران ناڪافي عذا شامل آهن. جينياتي عاملن ۾ مختلف قسمن جا عام ۽ ورلي ملندڙ جينياتي قسم شامل آهن. مرض جي پرک، وهنوار جي مشاهدي ۽ فرد جي بيان ڪيل تجربن جي بنيادن تي ڪئي وڃي ٿي. مرض جي پرک دوران، فرد جي معاشرتي چال چلت کي لازمي طور تي ذهن ۾ رکڻ گهرجي. هن وقت تائين ان لاءِ ظاهري طور تي ڪا به هڪ ٽيسٽ مقرر ٿيل ناهي. اسڪيزوفرنيا مان مطلب ” ورهايل شخصيت“ يا ”هڪ کان وڌيڪ شخصيت هئڻ جي خرابي“  ڪونهي.  ان مونجهاري جي ڪري اها عام طور سمجهه ۾ نٿي اچي.

علاج جو اهم بنياد ڪائونسلنگ، ڪم جي تربيت ۽ سماجي ڀلائي سان گڏوگڏ اينٽي سائيڪوٽڪ دوائون آهن. ٽپيڪل يا اَٽپيڪل سائيڪوٽڪ بهتر آهن يا نه، اها ڳالهه واصح ڪونهي. جن ۾ اينٽي سائيڪوٽڪ سان سُڌارو نٿو اچي، انهن لاءِ ڪلوزاپين استعمال ڪري سگهجي ٿو. وڌيڪ گنڀير حالتن ۾—جتي اهو پنهنجي يا ٻين لاءِ خطرو هجي— جبري اسپتال ۾ ڀرتي ضروري ٿي پوي ٿي، توڻي جو، اڳي جي ڀيٽ ۾ هاڻي اسپتال ۾ ترسڻ جو عرصو ٿوري کان ٿورو ۽ گهٽ کان گهٽ ڪيو ويو آهي

پنهنجي زندگيءَ دوران لڳ ڀڳ 0.3–0.7 سيڪڙو ماڻهو اسڪيزوفرنيا کان متاثر آهن. 2013ع ۾ عالمي طور تي 23.6 ملين اسڪيزوفرنيا جي ڪيسن جو اندازو هو. عورتن جي ڀيٽ ۾ مرد گهڻو ڪري وڌيڪ متاثر ٿين ٿا. لڳ ڀڳ 20 سيڪڙو ماڻهو علاج کان پوءِ بهتر ٿي وڃن ٿا ۽ ڪجهه مڪمل طور تي ٺيڪ ٿي وڃن ٿا. ڊگهي وقت تائين بيروزگاري، غربت ۽ بي گهري جهڙا سماجي مسئلا عام آهن. هن روڳ ۾ وڪوڙيلن جي سراسري زندگي گهربل سراسري کان ڏهن کان پنجويهه سال گهٽ آهي.هي خود ڪشين ۾ لڳ ڀڳ 5 سيڪڙو واڌارو جسماني صحت جي مسئلن جو نتيجو آهي. 2013ع ۾ هڪ اندازي مطابق 16,000 ماڻهو روين جي نسبت سان يا اسڪيزوفرنيا جي سبب گذاري ويا.

علامتون[سنواريو]

اسڪيزوفرنيا جي وڊيو جي ذريعي وضاحٿ
جن ڀوت ڏسڻ مهل منهنجو اکيون، جرمن مصور آگسٽ نيٽيرر جي طرفان ٺاهيل خاڪو، جنهن کي اسڪيزوفرنيا هئي
اسڪيزوفرنيا ٿيل تشخيص واري شخص جو ڪپڙي تي ڀريل ڀرت 

اسڪيزوفرنيا سان فردن کي نظر جو فريب (سڀ کان وڌيڪ ”آواز ٻڌڻ“ بيان ٿيل آهن)، وسوسا (گهڻو ڪري حيران ڪندڙ يا فطرت ۾ آزاريندڙ) ۽ بي ترتيب سوچون ۽ ڳالهائڻ جو تجربو ٿي سگهي ٿو.