دھلي مرڪنٽائل سوسائٽي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
دھلي مرڪنٽائل سوسائٽي
يو سي 12 دھلي مرڪنٽائل سوسائٽي
سنڌ جي يونين ڪاميٽي
DMC
دھلي مرڪنٽائل سوسائٽي is located in سنڌ
دھلي مرڪنٽائل سوسائٽي
دھلي مرڪنٽائل سوسائٽي
دھلي مرڪنٽائل سوسائٽي is located in Pakistan
دھلي مرڪنٽائل سوسائٽي
دھلي مرڪنٽائل سوسائٽي
سنڌ ۽ پاڪستان ۾ مقام
جاگرافي بيهڪ: 24°52′32″N 67°03′58″E / 24.87556°N 67.06611°E / 24.87556; 67.06611مڪانيت: 24°52′32″N 67°03′58″E / 24.87556°N 67.06611°E / 24.87556; 67.06611
ملڪ پاڪستان پاڪستان
صوبو سنڌ
ضلعو ڪراچي اوڀر ضلعو
تعلقو جمشيد ڪواٽرز سب ڊويزن

دھلي مرڪنٽائل سوسائٽي(انگريزي: Delhi Marcantile Society) ڪراچي ايسٽ ضلعي جي ھڪ يونين ڪاميٽي جو نالو آهي جيڪا ان ضلعي جي تعلقي جمشيد ڪوارٽرز سب ڊويزن ۾ واقع آهي. ان جي اوڀر ۾ دارالامان سوسائٽي ۽ اتر ۾ بھادر آباد ۽ اولھ ۾ پي اي سي ايڇ ايس ٽو ۽ ڏکڻ ۾پي اي سي ايڇ ايس ون واقع آهي. 2013 کان اڳ ان جو درجو گلشن ٽائون جي ساڳي نالي سان يونين ڪاؤنسل نمبر 1 ھيو. 2013 ۾ ان کي جمشيد ڪوارٽرز جي نالي سان بحال ٿيل تعلقي ۾ شامل ڪيو ويو. ھن يو سي ۾ اردو ڳالهائيندڙ اڪثريت ۾ آھن ان کان سواءِ سنڌي پنجابي پٺاڻ، سرائڪي ماڻھو پڻ رھندڙ آھن. 2015 جي بلدياتي اليڪشن ۾ ھن يو سي م چيئرمين جي سيٽ تي محمد جنيد مڪاتي چونڊجي آيو ۽ وائيس چيئرمين جي سيٽ تي ارم بٽ چونڊجي آئي. ٻنھي جو تعلق جماعت اسلامي سان آھي[1] ھتي شيخ عبداتواب روڊ، طارق روڊ، شھيد ملت روڊ، دھلي سوداگر روڊ، سراج الدولا روڊ، دارالامان واري گھٽي ۾ گورنمينٽ ڊي ايم ايس سيڪنڊري اسڪول، ھنر فائونڈیشن، حجاما ميڊيڪل سينٽر واقع آھن.

حوالا[سنواريو]