ديهيا ڪاهنا

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
ديهيا ڪاهنا

Dihya memorial in کنشلا، ٻيٽَ
شروعاتي ستين صدي
لاڏاڻو 703 CE
بسڪرا ٻيٽ
تدفين خنشلا

ديهيا ڪاهنا انگريزي ٻولي: Dihya هڪ شاويا بربر جنگجو ويڙهاڪ ۽ راڻي هُئي، جنهن اولهہ تي مسلمانن جي حملي جي مزاحمت ڪئي. هيءَ مذهبي ۽ هٿياربند (عسڪري) سرواڻ هُئي ۽ هن جو تعلق نوميديا]] کان هيو جتي، هن پنهنجي علائقي کي بچائڻ جي لاءِ مسلمانن سان ٽڪر کاڌي هُئي. هن جو جنم 7هين صدي جي مُنڍ ۾ ٿيو هيو.[1] ۽ وفات موجودہ ٻيٽن ۾ انهيءَ صدي جي آخر ۾ ٿي هُئي.

زندگي جو اَحوال ۽ مذهب[سنواريو]

هن جي نالو ۾ اختلاف ملي ٿو : ديا۔ ديهيها،دهيا، ديايا يا دياما۔[2] عربي لکتن ۾ ان کي ڪاهنا (قسيس) جي لقب سان ياد ڪيو ويندو آهي. هي لقب کيس مسلمانن ڏنو هيو ڇوتہ هيءَ انهن جي خلاف جادو مستقبل جون حالتون ٻُڌائيندي هُئي. هن 5 سال تائين (695-700) بربر تي آزاداڻي خودمختيار حڪومت ڪئي. پر انکانپوءِ عرب جي مسلمان ڪمانڊر موسيٰ بن نصير هڪ مضبوط فوج وٺِي هن حملي آور ٿي ۽ هن کي شڪست ڏني. ان جي لڙائي الجم جي مقام تي ٿي هُئي ۽ اتي هيءَ مارجي وئي. جنهن کوهہ ڀرسان هيءَ مارجي وئي هاڻي اهو سندس نالي سان سڏيو ويندو آهي.[3]

19هين صدي جي لکتن ۾ ان ڳالهہ تي اختلاف ملي ٿو تہ ڇا هيءَ يهودي بربر هُئي يا هن جو قبيلو ئي بربر مذهب پرست ٿي ويو هيو.[4] ابو بڪر العربي دعويٰ ڪئي آهي تہ هيءَ سفر ۾ پنهنجي پاڻ سان گڏ هڪ مجسمو رکندي هُئي. محمد طالبي ۽ گبرئيل ڪيمپس جي دعويٰ آهي تہ اهو مجسمو هڪ مسيحي علامت طور رکيو ويندو آهي. هيءَ يا يسو مسيح جو مجسمو هيو يا ڪنواري مريم جيڪو خود راڻي جو محافظ ڪنهن صوفي جو هيو. محمد حسين فنطر جو مڃڻ آهي تہ اهو مجسمو ڪنهن بربر ديوتا جو هيو ۽ ان طرح ديهيا هڪ ڪافر هُئي. پر ايترو طئي آهي تہ ديهيا جو مسيحي هجڻ قياس آرائي آهي.[5]

ابن خلدون بربر يهودي قبيلن جي سلسلي ۾ جراوہ جو پڻ ذڪر ڪيو آهي تہ انهيءَ سبب کان هن جو يهودي هجڻ جو خيال سُجهي ٿو. هيرشبرگ ۽ طلبي ذڪر ڪيو آهي ته ابن خلدون ان وقت جو ذڪر ڪيو آهي جڏهن رومين ۽ بازنطينين جي آمد نہ ٿي هُئي. ۽ ان زماني جي پڇاڙي ۾ شايد انهن عيسائي مذهب اختيار ڪري ڇڏيو هيو.

حوالا[سنواريو]

  1. Naylor, Phillip C. (2009) (en ۾). North Africa: A History from Antiquity to the Present. University of Texas Press. p. 65. ISBN 978-0-292-77878-8. https://books.google.com/books?id=a1jfzkJTAZgC. 
  2. See discussion of these supposed names by Talbi (1971)۔
  3. Charles André Julien; Roger Le Tourneau (1970). Histoire de L'Afrique du Nord. Praeger. p. 13. https://books.google.com/books?id=tYZyAAAAMAAJ. 
  4. See Hirschberg (1963) and Talbi (1971)۔
  5. Modéran, Yves. "Kahena. (Al-Kâhina)". Kahena. Encyclopédie berbère. Aix-en-Provence: Edisud. صفحا. 4102–4111. ISBN 978-2744905384.