ديانند، شرڌانند ۽ شڌي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

ديانند سرسوتي آريا سماج جي تحريڪ جو بنياد وڌو. ان کان پوءِ ترڪ موالات ۽ خلافت تحريڪ جي دور ۾ گرفتار ٿيل شرڌانند برهمڻ به پاڻ کي ملهايو. سيد نور احمد ”مارشل لا سي مارشل لا تک“ ۾ لکي ٿو: هيءُ شروع ۾ پنجاب پوليس ۾ ٿاڻيدار هو، ان کان پوءِ وڪالت ڪرڻ لڳو، ان کان پوءِ ترڪ دنيا ڪري، گيان ڌيان ۾ گذارڻ لڳو ۽ هردوار ۾ وڃي رهيو ۽ اتي هن پان کي ’سوامي شرڌانند‘ سڏايو، نه ته سندس نالو منشي رام هيو. ڪجهه وقت کان پوءِ هردوار مان دهليءَ ۾ لڏي آيو. رولٽ ايڪٽ خلاف تحريڪ ۾ نيم مذهبي ۽ نيم سياسي ليڊر جي صورت ۾ حصو ورتائين. ان ئي دور ۾ مسلمان، کيس جلوس ۾ ڪنڌن تي کڻي، جامع مسجد دهليءَ ۾ آيا، جتي ممبر تي چڙهي تقرير ڪيائين. جلدي ’عدم تعاون تحريڪ‘ ۾ جيل ويو. جيل مان نڪرڻ کان پوءِ ’شڌي تحريڪ‘ شروع ڪئي. جنهن موجب: هندوستان جي گهڻن ئي مسلمانن جا ابا ڏاڏا هندو هئا، تنهن ڪري کين ’شڌ‘ بڻائي هندو مت ۾ آڻڻ گهرجي. ان مهم جي شروعات ضلعي آگري کان ڪيائين، اتي ملڪاڻا راجپوتن مان ٽيهه هزار مسلمان، شڌ ڪري، ٻيهر هندو ڌرم ۾ آندائين. اهي ملڪاڻا راجپوت، مردم شماريءَ ۾ ته ’مسلمان‘ ليکيا هئا، پر منجهن هندو رسمون وڌيڪ هيون.

ان شڌي تحريڪ جي جواب ۾، مسلمانن تبليغي تحريڪ شروع ڪئي. ان دور جي عالمن، خلافت تحريڪ کي انگريزن جي خلاف پيدا ڪيل محاذ تان هٽائي، ’شڌي تحريڪ‘ جو مقابلو ڪري، نه رڳو اهي 30 هزار مالڪاڻا راجپوت ٻيهر مسلمان ڪيا. شرڌانند جي ڪري نقصان اهو ٿيو، جو انگريز جي خلاف ’تحريڪ خلافت‘ جو رخ سالن تائين موڙي ويو ۽ انگريزن کي هٿن پير هڻڻ لاءِ ڪجهه وڌيڪ وقت ملي ويو. [1]