مواد ڏانھن هلو

خوازہ خيله تعلقو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
خوازہ خیلہ تعلقو

تحصیل خوازہ خیلہ
خوازه خېله تحصیل
ملڪ Pakistan
صوبو خيبرپختونخوا
ضلعوسوات
حڪومت
• تعلقا چیئرمینAftab Ali Khan (PTI)
آبادي
• ڪل265,571
شهري
48,027
ٻهراڙي
217,544
وقتي علائقوUTC+5 (PST)

خوازہ خیلہ (اردو: خوازہ خیلہ؛ پشتو: خوازه خېله) پاڪستان جي صوبي خيبرپختونخواه جی ضلعي سوات جو هڪ شهر ۽ هڪ انتظامي سب ڊويزن (تعلقو) آهي. خوازہ خيلہ جو نالو يوسف زئي جي خوازہ خيل قبيلي مان ورتل آهي.

خوازہ خيله شهر (تعلقو) ۾ 16 ڳوٺ آهن، جنهن کي آزی خيل سڏيو وڃي ٿو. آزی خيل جا ماڻهو يوسف زئي خاندان سان تعلق رکن ٿا. خوازہ خيلہ ۾ رهندڙ مشهور پختون قبيلن م سيدان، خادي خيل، اُمي خيل، ظريف خيل، بارا خيل ۽ گجر آهن.

خوازہ خيله اولياءَ جي قبرستانن جي ڪري مشهور آهي. جن مان ڪجھ ميان بابا، ديرائي بابا، چنار بابا ۽ بئنی بابا آهن. ميان بابا ۽ بائنی بابا سيد خاندان جا مشهور جنگجو هئا ۽ چنار بابا شما خيل خاندان مان هو.

خوازہ خيله کي به سوات جي مرڪز ۾ رهڻ جو شرف حاصل آهي. ان جي اتر۔اوڀر سرحد شانگلا وادي سان آهي، جيڪا شانگلا جي ماڻهن لاءِ هڪ وڏو واپاري رستو آهي. اتر طرف ان جي سرحد بحرين تعلقي سان ملي ٿي. ڏاکڻي سرحد چارباغ تعلقي ء مغربي سرحد سوات نديءَ جي ڪناري سان وابسته آهي۔

حوالا

[سنواريو]
  1. "DISTRICT AND TEHSIL LEVEL POPULATION SUMMARY WITH REGION BREAKUP: KHYBER PAKHTUNKHWA" (PDF). Pakistan Bureau of Statistics. 2018-01-03. اصل نسخو (PDF) مان 2018-04-24 تي محفوظ ڪيل. 2018-04-23 تي حاصل ڪيل.