ايلسا قاضي: جي ورجائن ۾ تفاوت

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
وڪي فاءِ ڪيو.
ٽيگَ: موبائل سنوار موبائل ويب سنوار
سِٽَ 9: سِٽَ 9:
#''Civilization, Through The Ages''
#''Civilization, Through The Ages''
''اچي وڃن ٿا. اهو ايلسا جو پهريون ڪتاب هو. [[شاهه عبداللطيف ڀٽائي|شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ]] جي چونڊ ڪلام جو انگريزي ترجمو، “Risalo of Shah Abdul Latif (Selections)” سندس آخري ڪتاب آهي. علامه قاضي صاحب ۽ ايلسا زندگيءَ جا 60 سال گڏ گذاريا. سندن محبت مثالي محبت هئي.''<ref name="سنڌيانا">[http://encyclopediasindhiana.org/article.php?Dflt=%D8%A7%D9%8A%D9%84%D8%B3%D8%A7%20%D9%82%D8%A7%D8%B6%D9%8A ''انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، جلد پھريون.''] ''سنڌي ٻوليءَ جو با اختيار ادارو، حيدرآباد. سال:2012ع''</ref>
''اچي وڃن ٿا. اهو ايلسا جو پهريون ڪتاب هو. [[شاهه عبداللطيف ڀٽائي|شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ]] جي چونڊ ڪلام جو انگريزي ترجمو، “Risalo of Shah Abdul Latif (Selections)” سندس آخري ڪتاب آهي. علامه قاضي صاحب ۽ ايلسا زندگيءَ جا 60 سال گڏ گذاريا. سندن محبت مثالي محبت هئي.''<ref name="سنڌيانا">[http://encyclopediasindhiana.org/article.php?Dflt=%D8%A7%D9%8A%D9%84%D8%B3%D8%A7%20%D9%82%D8%A7%D8%B6%D9%8A ''انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، جلد پھريون.''] ''سنڌي ٻوليءَ جو با اختيار ادارو، حيدرآباد. سال:2012ع''</ref>

==علامہ آء آء قاضي سان شادي==
ھُنن ٻنھي جي پھرين ملاقات 1908ع ۾ انگلينڊ جي شھر لنڊن ۾ ھڪ ٽرين ۾ سفر ڪندي ٿي ھئي. آمھون سامھون سيٽن تي ويٺل اوڀر جي ھُن ڳڀرو نوجوان جي چھري تي حجابن جا ڪيترائي انڊلٺي رنگ ڏسي، اولھه جي ھن شاعره ۽ چترڪار کان رھيو ڪونه ٿيو ۽ اُمالڪ کانئس پڇي ورتائين ته سندس اَباڻڪو ملڪ ڪھڙو آھي ۽ ھو ھتي ھن ملڪ (انگلينڊ) ۾ ڇا ٿو ڪري ۽ جڏھن اوڀر جي ھن لڄاڙي نوجوان کيس ٻڌايو ته 1907ع کان ھتي اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ آيل آھي. ڳالھه تعليم جي موضوع کان وڌي شاعري، ادب، فلسفو، ٿياسافي، آرٽ ۽ ٻين انيڪ علمي موضوعن کان ٿيندي ھڪ ٻي ملاقات جي وعدي واري پڄاڻيءَ تي پھتي، اھڙي ئي ھڪ ملاقات ۾ سنڌي پريمڪائن وانگر ھن اولھه جي چترڪار، شاعره ۽ ليکڪ ھڪ وڏي رومال تي ڀرت ڀري سندس نانءُ سان گڏ ”تنھنجي ايلسا سيپٽمبر 1908ع“Your’s”) (Elsa Kazi September 1908 سوکڙيءَ طور ڏنو ھو، اھي ملاقاتون 1910ع ۾ شاديءَ جي مقدس ٻنڌڻن ۾ بدلجي ويون.<ref>{رسالو: سرتيون؛مضمون:امڙ ايلسا قاضي؛از:فھميدہ قريشي؛ اپريل 2005؛ پبلشر:سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو}</ref>


== ''وفات'' ==
== ''وفات'' ==

ورجاءُ بمطابق 16:26, 4 مَئي 2018ع

مرحومه ايلسا قاضي.

ايلسا قاضي علامه قاضي جي گهر واري جرمن خاتون آهي. پاڻ سنڌي ادب ادن جي انگريزي ۾ کوڙ ساري خدمت ڪئي اٿس.

زندگيءَ جو احوال

ايلسا گرٽ، جنهن کي سنڌ ۾ ”مدر ايلسا“ چيو ويندو آهي، سا جرمن نسل جي هڪ مشفق ۽ غريب پرور عورت هئي. سندس ولادت جرمنيءَ جي روڊل اسٽاٽ نالي هڪ ننڍڙي شهر ۾، 13 آڪٽوبر 1884ع تي ٿي. سندس والد هڪ موسيقار هو. ايلسا جو ننڍپڻ کان ئي مصوريءَ ۽ شاعريءَ ڏانهن لاڙو هو. 19 صديءَ جي آخر ۾ هيءُ خاندان جرمنيءَ مان لڏي اچي انگلنڊ رهيو، جتي هن جي ملاقات علامه آءِ. آءِ قاضي صاحب سان ٿي. هنن ٻنهي جي هڪ ٻئي ذهني ۽ دلي هم آهنگي ٿي ۽ ٻنهي جي پاڻ ۾ محبت ٿي وئي. تنهن کانپوءِ 1910ع ۾ علامه صاحب ايلسا سان شادي ڪري پنهنجي محبت کي ازدواجي رشتي ۾ تبديل ڪيو. شاديءَ کان پوءِ، علامه صاحب جي صلاح سان ايلسا قاضيءَ انگريزيءَ ۾ شاعريءَ ۽ تصنيف تاليف جو ڪم شروع ڪيو. سال 1911ع ۾ هوءَ علامه صاحب سان گڏ، سنڌ ۾ آئي ۽ حيدرآباد ۾ اچي رهي، جتي سندس شعر انگريزي اخبارن ۾ ڇپجڻ لڳا. تنهن کان پوءِ سندس شعرن جو مجموعو، حيدرآباد جي اسٽئنڊرڊ پرنٽنگ ورڪس جي مسٽر آڏواڻيءَ ڇپائي پڌرو ڪيو. هن جي انگريزي ڪتابن ۾

  1. Old English Garden Symphony (Novel)
  2. Temptation (Drama)
  3. Civilization, Through The Ages

اچي وڃن ٿا. اهو ايلسا جو پهريون ڪتاب هو. شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي چونڊ ڪلام جو انگريزي ترجمو، “Risalo of Shah Abdul Latif (Selections)” سندس آخري ڪتاب آهي. علامه قاضي صاحب ۽ ايلسا زندگيءَ جا 60 سال گڏ گذاريا. سندن محبت مثالي محبت هئي.[1]

علامہ آء آء قاضي سان شادي

ھُنن ٻنھي جي پھرين ملاقات 1908ع ۾ انگلينڊ جي شھر لنڊن ۾ ھڪ ٽرين ۾ سفر ڪندي ٿي ھئي. آمھون سامھون سيٽن تي ويٺل اوڀر جي ھُن ڳڀرو نوجوان جي چھري تي حجابن جا ڪيترائي انڊلٺي رنگ ڏسي، اولھه جي ھن شاعره ۽ چترڪار کان رھيو ڪونه ٿيو ۽ اُمالڪ کانئس پڇي ورتائين ته سندس اَباڻڪو ملڪ ڪھڙو آھي ۽ ھو ھتي ھن ملڪ (انگلينڊ) ۾ ڇا ٿو ڪري ۽ جڏھن اوڀر جي ھن لڄاڙي نوجوان کيس ٻڌايو ته 1907ع کان ھتي اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ آيل آھي. ڳالھه تعليم جي موضوع کان وڌي شاعري، ادب، فلسفو، ٿياسافي، آرٽ ۽ ٻين انيڪ علمي موضوعن کان ٿيندي ھڪ ٻي ملاقات جي وعدي واري پڄاڻيءَ تي پھتي، اھڙي ئي ھڪ ملاقات ۾ سنڌي پريمڪائن وانگر ھن اولھه جي چترڪار، شاعره ۽ ليکڪ ھڪ وڏي رومال تي ڀرت ڀري سندس نانءُ سان گڏ ”تنھنجي ايلسا سيپٽمبر 1908ع“Your’s”) (Elsa Kazi September 1908 سوکڙيءَ طور ڏنو ھو، اھي ملاقاتون 1910ع ۾ شاديءَ جي مقدس ٻنڌڻن ۾ بدلجي ويون.[2]

وفات

ھن 28 مئي 1967ع تي وفات ڪئي ۽ ڄامشوري ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ جي حدن اندر دفن ڪئي وئي.[1]

احترام

سندس خدمتن جي احترام ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ جي اولڊ ڪئمپس تي ايلسا قاضي ڪئمپس نالو رکيو ويو آهي.[1]

حوالا

  1. 1.0 1.1 1.2 انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، جلد پھريون. سنڌي ٻوليءَ جو با اختيار ادارو، حيدرآباد. سال:2012ع
  2. {رسالو: سرتيون؛مضمون:امڙ ايلسا قاضي؛از:فھميدہ قريشي؛ اپريل 2005؛ پبلشر:سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو}

پڻ ڏسو