حميره چنا

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

حميره چنا سنڌ جي ڳائڻي، 22 جون 1970ع تي حيدرآباد ۾ ڄائي. حميرا جي والده لڪي ناز به پنهنجي دور جي معروف ڳائڻي ٿي گذري آهي.

فني سفر[سنواريو]

حميرا چنا راڳ جي بنيادي سکيا استاد بشير احمد خان ۽ موسيقار نثار بزميءَ کان ورتي. سندس شمار ملڪ جي مقبول فنڪارن ۾ ٿئي ٿو، سندس سي ڊين جا ڪيترا البم ۽ وڏي تعداد ۾ آڊيو ڪئسٽون رليز ٿيل آهن. حميرا چنا کي قدرت پاران بهترين آواز جو تحفو مليل آهي، سندس آواز لتا ۽ رونا ليليٰ سان گهڻي قدر مشابهت رکي ٿو. هن سنڌي، اردو، پنجابي ۽ سرائڪي ٻولين ۾ هزارين گيت، غزل ڳايا آهن . هن سنڌي، اردو ۽ پنجابي فلمن لاءِ به گيت ڳايا آهن. ريڊيي ۽ ٽي. وي جي پروگرامن ۾ به ڪافي ڪلام ڳايا اٿائين، جيڪي بي حد مقبول ٿيا آهن. حميرا چنا کي پاڪستان فلم انڊسٽريءَ جي بهترين پلي بئڪ سنگر طور ڪيترا اوارڊ به مليا آهن. هيءَ سنڌ ٽي. وي توڙي ٻين سنڌي چئنلن تي ٿيندڙ موسيقيءَ جي مقابلن واري پروگرامن ۾ جج طور به شرڪت ڪندي رهي آهي.[1]

حوالا[سنواريو]